هدايت بلوچ جو ڪتاب يادگيرين جا البم

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هدايت بلوچ جو ڪتاب يادگيرين جا البم

    محمد سليمان وساڻ


    نامياري شاعر ۽ ليکڪ هدايت بلوچ جي شاعري گهڻي عرصي کان رسالن ۾ پڙهندا رهياسين ۽ سندس ڪالم ۽ چئوسٽا به اخبارن ۾ ڇپبا رهيا. هڪ برجستي شاعر ۽ ليکڪ سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي جڏهن اسان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن پاران گلن جي چادر کڻي پهتا هياسين ۽ اتي شمشير الحيدري جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. سندس شاعري ۽ ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ رهنمائي ڪندا رهيا آهن. پوءِ جڏهن به ملندا هئا ته مان پهريون سوال سندن ڪتاب جي ڇپجڻ بابت ئي ڪندو هئس پر ڳالهه کي ٽاري ويندو هيو ۽ ان ڳالهه جو ماهر به هيو، پر شمشير الحيدري جي وڇوڙي کانپوء هن اهو خيال ڏيکاريو ته شاعري ۽ ڪالمن جو ڪتاب جلد ڇپرائي ڏيو جو زندگيء جو ڀروسو ئي ناهي. نيٺ سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاهي چنا ۽ ستار ڀٽي ان ڪم کي توڙ پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ آخرڪار سندس ڪالمن جو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو پر ان ڪتاب جي ڇپجڻ سان گڏ ئي سندس زندگيء جو هڪ اڻ وسرندڙ ۽ ڏکائتو واقعو پيش آيو جنهن سبب ڪتاب جي مهورت به رڪجي وئي. ڪتاب ڇپجڻ کانپوء مونکي پنهنجي ڪتاب “يادگيرين جا البم” جي ڪاپي موڪلي ڏنن. هدايت بلوچ صاحب پنهنجي هٿ اکرن سان لکيو آهي “پياري دوست، ڀاءُ، سريلي ساٿي محمد سليمان وساڻ لاءِ ”. مان خوشنصيب آهيان جو هدايت بلوچ جي دوستن ۾ شامل آهيان، جيتوڻيڪ مان هڪ ادنى شخص آهيان جيڪو نه ليکڪ آهي ۽ نه ئي شاعر، بس شاعرن ۽ اديبن جي شاعريء ۽ لکڻين جو مداح سمجهو. هدايت بلوچ اسان جي انهن ليکڪن ۽ شاعرن مان هڪ آهي جيڪي خاموشي سان ڪم ڪندا آهن، جن کي پنهنجي نالي جي تشهير جي ضرورت نه پوندي آهي يا ان شيء جي طلب ئي نه ڪندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هيڏي وڏي ليکڪ ۽ شاعر جو 66 سالن جي عمر يعني سندس رٽائرمينٽ کان به 6 سال پوءِ پهريون ڪتاب ڇپيو آهي. ان کي ڇا چئجي .... ادارن جو انڌ يا ليکڪ جي پنهنجي سُستي، پر ڪهڙي اداري تي ميار ڏجي اهو به سمجهڻ کان قاصر آهيان.

    ڪتاب ڇا آهي چونڊ ڪالمن جي سهيڙ آهي. ڪالم ڇا آهن .... سڀ ڪجهه آهن، انهن ۾ سماجيات تي لکيل ليک به آهن، ته تاريخ به آهي. هنن ڪالمن ۾ سياست به آهي ته شاعري به. سندس ڪالمن ۾ لطيفيات به شامل آهي ته ادارن ۽ شخصيتن بابت تاثر ۽ ڄاڻ به موجود آهي. سندس لکڻين ۾ تعليمي ڪالم به شامل آهن ته سفرناما به آهن. سندس ڪالم جتي سندس دل جو آواز آهن اتي اسان جي احساسن جي به ترجماني پيا ڪن. ڪتاب جي نالي جي ڳالهه ايندي ئي ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” ڪو ڪالمن جو ڪتاب نه پر سندس آتم ڪٿا (Autobiography) آهي ۽ اهڙا ڪيئي سوال سوشل ميڊيا تي ڪتاب جي پروموشن ڪندي مون کان پڻ ڪيا ويا آهن. ڪتاب پڙهندي ڪافي جاين تي ليکڪ مٿان شاعريء جو رنگ به چڙهيل نظر اچي ٿو تنهنڪري اهو سوال به هر هر اٿي ٿو ته هدايت بلوچ بنيادي طور شاعر آهي يا ڪالم نگار ۽ ان جو بهتر جواب ليکڪ پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.

    سندس ڪالم وقت جي اهم معاملن ۽ مسئلن تي بهترين انداز سان لکيل آهن. سندس هڪ اهم خاصيت اها به وڻي ته هتي سڀ ڪو ادارن تي تنقيد ڪندي دير نه ٿو ڪري ۽ ڪنهن کي مڃتا ڏيڻ ڪفر برابر ٿو سمجهي اتي هدايت بلوچ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي جي ڪم جي واکاڻ ڪندي انهن جي ڪم جي نه صرف تعريف ڪئي آهي پر لينگيوئيج اٿارتي جي قيام ۽ ان جي تاريخ بابت به تفصيلي ڪالم شامل ڪيا آهن. سندس ڪالمن جو هڪ پاسو سفرنامن وارو به آهي ۽ خاص ڪري آذربائيجان بابت سفري ڪالم شامل آهن. ان مان لڳي ٿو ته ليکڪ سفرناما به سهڻي انداز سان لکي سگهي ٿو. ڇو ته پاڻ دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا اٿن ۽ اتي ڪافي عرصو رهيا به آهن تنهنڪري کين سفرناما به لکڻ گهرجن جنهن بابت الطاف شيخ اڳ ئي فون ڪري چيو به هيو ته هدايت کي سفرنامو لکڻ گهرجي. سندس ڀاء عنايت بلوچ ان معاملي ۾ چست ۽ ڦڙتيلو آهي جنهن شاعري سان گڏ سفرنامن جا ڪتاب اڳ ئي لکيا آهن جيڪي گهڻو مقبول به ٿيا آهن..

    ڪتاب يادگيرين جا البم ۾ شخصيتن بابت به سهڻا ڪالم شامل آهن جيڪي سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل آهن جن ۾ بين الاقوامي شخصيتون پڻ شامل آهن جهڙوڪ امن جو نوبل کٽندڙ پهرين مسلمان عورت شيرين عبادي، اينيميري شمل، ايڊورڊ سعيد، ارونڌتي راءَ ، راشيل ڪوري ۽ ٻيا شامل آهن. پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جو بيان ڪندي پاڻ هر هر شاهه لطيف جا بيت ضرور شامل ڪيا اٿن. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاء جتي ڪرم الاهي چنا کي جس ڏجي ٿو اتي پوپٽ پبليڪيشن جو ذڪر به ضرور ڪبو جن هميشه خوبصورت ڪتاب ڇاپيا آهن. هدايت بلوچ لاءَ دعاگو آهيان ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدا سلامت رهي ۽ سندس قلم اڳ جيان روان رهي.

    ___
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو