سنڌ جا تاريخي دئور (تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جا تاريخي دئور
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    [​IMG]

    وادي مهراڻ يا انڊس ويلي جو نالو هندس يا سنڌ ڇو پيو؟ هتي اسان ان جي اڀياس ڪنداسون. سولي سمجهاڻي هن ريت آهي ته :
    هڪ لاجيڪل نظرئي موجب
    جهڙي طرح گيتن جي صفت کي وڌائڻ لا اسان گرامر جو استعمال ڪري اُن ۾ (س) لفظ جو اظافو ڪندا آهيون يعني ان لحاظ سان اُن ۾ صفت (س) جو واڌا ڪري سنگيت (يعني ڀلوڙ گيت) چئجڻ لڳو ساڳي ريت دُنيا جي بهترين هنڌ (رهڻ جي جا) سنڌ ۾ (ه) کي سالينٽ ڪري (س) جي صفت ڏئي اسان هنڌ (رهڻ جي ڀلوڙ جا) ڪرڻ لاِ سنڌ چيو. مطلب ته سنڌ رهڻ جو اُهو ڀلوڙ ماڳ آهي جتي دُنيا جون قومون اچي آرام پسند ٿينديون آهن جيئن دُنيا جا پکي موسمن جي تبديلي ڪري طويل سفر ڪري سنڌ جي جهيلن ۾ اچي پناهه و:ندا آهن.
    ٻيو لاجيڪل نظريو آهي آهي ته
    سنسڪرت ۽ فارسي ڄاڻون اکر (ايس) سنڌ لا، کي اکر (ايڇ) هند لا جي اُچار سان پڙهندا آهن ۽ اکر (ڌ) اکي (د) پڙهن ان ڪري (هندس) در اصل (سنڌس) آهي ۽ هندستان درحقيقت سنڌستان آهي . ته سمجهڻ گهرجي ته هندستان (هندن جي رهڻ جي جڳه نه) پر (سنڌين جي رهڻ جي جڳه )آهي. پو وقت جي ڪاٿي ڪرڻ وارن برصغير کي ٻن اسٽيٽس (سنڌ ۽ هند) بڻائي پنهنجي وُجود کي برقرار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ انڊس سولائيزيشن جي ليگسي کڻي هلندڙ نه صرف اڄ جي سنڌ آهي پر هند به آهي. جيڪا تبت کان شروع ٿي ڪشمير تائين پنهنجي تهذب، روايتون ۽ ڪلچر کنيو هلي. پنج آب به در اصل سنڌ ئي آهي جو پنجاب (پنج آب) پنج دريا مُڙي سنڌ (انڊس) جي پاڻي سان ڀرجن ٿا ۽ انهي پاڻي جي گرد وسندڙ قومون ئي انڊس سولائيزيشن (سنڌو)جو حصوآهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي سان مشهابيت رکندڙ ٻيون ٻوليون جهڙوڪ ڪوهاٽ جي هندڪو هُجي، پنجابي هُجي، سرائڪي هُجي يا ميمڻي هُجي، سڀ (سنڌي ٻولي جا جُز ئي آهن) ۽ سنڌي ٻولي ئي سندن امڙ آهي.

    اسان اڳتي هلي هتي هاڻ سنڌ جي هر دئور تي ريسرچ ڪري اُن جي اڀياس ڪنداسون ۽ ان کان پهرئي هتي صرف اهو سمجهائڻ لا آهي ته سنڌ سڳوري ڪيترن دئورن مان گُذري باب الاسلام بڻي هُئي.

    ا. تاريخ سنڌ عيسى عليه الصلوات وسلام جي ڄم کان پهرئين (بفور ڪرائيسٽ) جي نالي سان جُڙي ٿو ۽ سنڌ جي بُنيادي دئور جي نشاندهي هي وقت ڪري ٿو، جيڪو حضرت عيسي عليهه صلوات و سلام کان پهرئين جو هو يعني 3500 بي. سي (بفور دي ڪرائيسٽ) کان 7000 بي سي تائين. (دي اوريجنل انهيبيٽيٽس آف سنڌ)
    2. ٻيو دئور انڊس سولائيزيشن جو دئور سڏجي ٿو جيڪو 1000 بي. سي کان 3500 بي. سي جو آهي.
    3. تاريخ سنڌ جو ٽيون دئور 850 بي سي کان 1050 بي سي جو آهي ۽ هي دئور (ايڊوينٽس آف آريانس جو دئور سڏبو آهي.
    4. سنڌ تاريخ جو چوٿون دئور (ايپڪ ايجس آف رامائين مهابهارتيا) جو هو.
    5. سنڌ تاريخ جو پنجون دئور فارين ۽ ٻين قومن جون سنڌ تي ڪاهون جو هو جيڪو شروع ٿيو هو 519 بي سي کان.
    6. سنڌ تاريخ جو ڇهون دئور هو (جين ۽ بُدهسٽ پيريڊ) جو.
    7. سنڌ تاريخ جو ستون دئور هو جڏنهن اليگزينڊر سنڌ تي ڪاهه ڪئي هُئي ۽ اهو دئور شروع ٿيو هو 324 بي سي کان 329 بي سي تائين.
    8. تاريخ سنڌ جو ستون دئور شروع ٿيو هو 187 بي سي کان 324 بي سي تائين ۽ هي دئور سڏجي ٿو (موريا ڊائنسٽي ۽ سنڌ) جي حوالي سان.
    9، تاريخ سنڌ جو نائون دئور ۽ عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات کان پو جو هي پهريون دئور اي ڊي ( آفٽر ڊيٿ آف دي ڪرائيسٽ) سڏجي ٿو ۽ اهو دئور هو جڏنهن دُنيا جي مُختلف قبيلن جي سنڌ (بلوڙ رهڻ جي جڳه) ۾ آمد شروع ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور جي شروعات حضرت عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات (عيسوي سن) سال کان پو ٿي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 127 اي ڊي کان 283 اي ڊي تائين.
    10. سنڌ جي تاريخ جو ڏهون دئور 641 اي ڊي کان 712 اي ڊي جو هو جنهن کي (برهمڻ ڊائنسٽي) سڏيو وڃي ٿو.
    11. ان کان پو جو دئور (ڪنگ ڏاهر جو دئور) مشهور ٿيو هو.
    12. عربن جي آمد سنڌ ۾ ڪنگ ڏاهر جي دئور کان پو شروع ٿي هُئي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 711ع کان 714ع ۾ جنهن کان پو سنڌ باب الاسلام بڻي هُئي ۽ اها آمد عرب مُسلمانن جي سنڌ ۾ ڪيئن ٿي اهو اسان پنهنجي آرٽيڪل ۽ ريسرچ پيپر ۾ هن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۽ فيس بوڪ تي ٻُڌائي چُڪا آهيون (وڌيڪ تفصيل ميمن ڊاٽ ڪام تان پڙهي سگهجن ٿا) ته هندن جو مُسلمان ٿي ميمڻ ۽ شيخ بڻجڻ ۽ سنڌ جو باب الاسلام غير فرقي ۽ سچي تاريخي ۽ وقت جي ثبوتن تحت هتان ئي باب الاسلام بڻجي اسلام کي پوري دُنيا ۾ وڌيڪ ڦهلائڻ جو هو ۽ اتان ئي سنڌ جي ماڻهن جي مڪي شريف ۽ مديني شريف ڏانهن مرڪزيت رهي ۽ سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي مڪي ۽ مديني ۾ رهائش رهي.
    13. ان کان پو جو دئور ٻُڌائي ٿو ته سنڌ ۾ ڪهڙيون ۽ ڇو تبديليون آيون هيون ۽ اهو دئور (رزلٽ آف عرب انويشن آن سنڌ) جي نالي سان مشهور آهي.
    14. ان کان پو سنڌ جو اهو اهم تاريخي سفر شروع ٿئي ٿو ۽ ان دئور کي (عرب گورنرس ان سنڌ) جي دئور سان سڏيو وڃي ٿو جيڪو 715ع کان 845ع تائين رهيو هو.
    15. عيسوي سالن ۾ سنڌ جو تارخي سفر سنڌ ۾ آزاد رياستن جي قيام جي نالي سان (ان ڊپينڊنٽس اسٽيٽس ان سنڌ) جي نالي سان شروع ٿيو ۽ هي دئور پنهنجي تارخي وقت موجب 835ع کان شروع ٿي 845ع تائين پُڄي ٿو.
    15. سنڌ جي تاريخ جو سفر رُڪجي نٿو پر اڃا اڳتي وڌي ٿو ۽ اهو دئور محمود غزنوي جو دئور دهلي ايمائرس جو دئور هو. هتي هڪ ڳالهه ياد ڪرائيندو هلان ته سنڌ صرف اُها ناهي جيڪا اڄ جي تاريخي نقشي تي سڪڙجي ڏيکاري وڃي ٿي. سنڌ اوريجنل پراڻي يوناني زبان ۾ (انڊوس) جديد زبان ۾ (انڊس) جنهن مان (انڊيا) ۽ سنسڪرت زبان ۾ هندس (جنهن مان هندستان) بڻيو اها سموري سنڌ هُئي يعني دريا سنڌ (انڊس رور) جي ٻنهين ڪنارن تي ايگريڪلچر ڪري گُزر سفر ڪرڻ واريون رهندڙ قومون سنڌي ۽ اُهي ماڳ سنڌ (ڀلوڙ رهن جي جا) هُيون.
    16. سنڌ جو تاريخي سفر اڃا گهٽ ناهي ٿيو ۽ ان کان پو جيڪو دئور هو تاريخ اُن کي (سومرا ڊينسٽي) جي نالي سان ياد ڪري ٿي ۽ هي دئور 1010ع کان 1440ع تائين جو هو.
    17. سنڌ جي تاريخ جو سترهون سفر (سمان ڊئنسٽي )جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن دئور جي تاريخ 1351ع کان 1519ع جي آهي.
    18. سنڌ تهذيب ۽ تاريخ جو ارڙهون سفر (ارگون ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هي وقت هو 1524ع کان 1554ع تائين جو.
    19. سنڌ پنهنجي سفر جي اوڻيئن دئور ۾ جڏنهن داخل ٿي هُئي ته اهو دئور (تُرخان ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هن جو وقت هو 1554ع کان 1591ع تائين جو.
    20. سنڌ جڏنهن پنهنجي تاريخي سفر ۾ ويهين دئور ۾ داخل ٿي هُئي ته اهو دئور مغل گورنرس جو دئور هو (پيريڊ آف مُغل گورنرس ان سنڌ) ۽ هي تاريخ وقت هو 1591ع کان 1738ع تائين جو.
    21. هن دئور کان پو سنڌ وري پنهنجي تاريخي سفر سان ايڪيهين دئور ۾ داخل ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور کي (ڪلهوڙا ڊائنسٽي) سڏجي ۽ هن دئور جو وقت هو 1700ع کان 1784ع جو.
    22. جنهن کان پو سنڌ جي ٻاويهون تاريخي سفر شروع ٿيو هو (ٽالپر ڊائنسٽي) ۽ وقت سفر هو 1783ع کان 1843ع تائين جو.
    23. سنڌ ان کان پو پنهنجي تاريخي سفر جي ٽيويهين دئور ۾ داخل ٿي هُئ، (هن دئور کي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور دئور جي ميلاپ تحت عام ماڻهن جو دئور يعني (لائيف آف ڪامن پيپل ڊيورنگ ڪلهوڙا ۽ ٽالپور) سڏيو وڃي ٿو .
    24. انهن ٽيويهن دئورن مان گُذري تاريخي سفر ڪندي سنڌ (ڀلوڙ رهڻ جي جڳهه) هاڻ شاهه سچل ۽ سامي دئور ۾ داخل ٿي چُڪي هُئي.
    25. هن سفر کان پو ئي سنڌي هُندن ۽ مُسلمانن جو دئور تاريخي پنجويهين سفر شروع ٿيو هو جنهن کي (سنڌي هندوز) جي دئور سان ياد ڪجي ٿو.
    26. پنجويهه تاريخي سفر ڪري ۽ هندوز دئور کان پو سنڌ پنهنجو تاريخي سفر شروع ڪندي برٽش تسلط هيٺ اچي پنهنجي ڇويهين سفر ۾ داخل ٿي جيڪو (برٽش پيريڊ ان سنڌ) جي نالي سان سڏجي ۽ وقت هو 1843ع کان 1947ع جو.
    27. هن وقت سنڌ پنهنجي ستاويهين تاريخي سفر ۾ آهي ۽ خبر ناهي ته سنڌ جو ايندڙ نسل اڃا ڪيترا سنڌ جا تاريخي سفر ڪندو ۽ هن وقت جنهن سفر ۾ سنڌ آهي پنجابي تسلط جو دئور سڏجي جنهن کي (پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي) جو دئور چئجي ٿو.

    ته اُهي دوست جيڪي پنهنجون ٻُڌل ۽ غير تاريخي مذهبي رُجهان ۽ وقت جو ڪٿائون پنهنجي ماحول تحت بيان ڪن ٿا ٿوپڻ چاهين ٿا ۽ ڪوڙي تاريخون ۽ وقت ، مقام ۽ مذهبي عقيدا ٻُڌائڻ وارن تي لازم آهي ته هو ان جو تاريخي سفرن سان لاڳاپو ڪن ۽ تفصيل بيان ڪن ته هڪ سچي ۽ بهترين سنڌ جي تاريخ جوڙي ايندڙ نسل جي حوالي ڪجي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 مئي 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هڪ بهترين ليک جنهن جي هن فورم تي ضرورت هُئي.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هي تحقيقي پيپر اُنهن ميڊيا رليٽيڊ دوستن جي اسرار تي اُنهن سماجي ، سياسي، ادبي دوستن جي ٻٽاڪن، اڻ پوري ناليج ۽ بغير تحقيق ڳالهه ڪرڻ تي شايع پيو ڪجي جن جون روز جو شامون ۽ راتيون (روزانُُُون 7 بجي شام کان 1 بجي رات تائين) رابعا سٽي آخري گيٽ تي پٺاڻ جي هوٽل تي ويهي ميڊيا جي دوستن ، ايڪٽرن ۽ دائريڪٽرن سان ڪچهري ڪندي گُذرن ٿيون. يا اوهان جي ڪچهرين ۾ جتي به اهڙو تاريخي تذڪرو ٿيندو هُجي ته پرکي سگهجي ته بيان ڪرڻ واري جي اسڪل ۽ ڄاڻ ڇا آهي ۽ هن انهن ۾ واڌ ڇو ڪئي آهي ۽ ٻُڌل ڳالهين کي يقين سان اڳيان ڪيئن پيو وڌائي جنهنجو نه پُڇ نه مُنهن يا ڪو منگهڙت واقعو تاريخ سان ملي ٿو يا هو جنهن ماحول ۾ ڄائو ۽ جيڪو هُن کي سيکاريو ويو آهي تنهنکي بغير تحقيق جي ڍٽائي سان ضدجي اڳتي ڪري رهيو آهي. جيڪو هاڻ هن سائنسي دئور ۾ ناممڪن اهي ۽ اڀياس ڪرڻ کان سوا ، نقطن کي ملائي سچ ڳولڻ کان سوا هاڻ غلط تاريخ يا واقعا نٿا پيش ڪري سگهجن.
    ته اُهي ٻٽاڪي، تاريخي حقيقتن ۾ واڌ ڪندڙ، اڻ معلومات دوست هاڻ براءِ مهرباني جڏنهن به سنڌ جي تاريخ جو، ڪنهن ذات پات، نسل، مذهبي بحث ۽ ان جو سنڌ ۾ اثر جو ذڪر ڪن يا پنهنجي ڪنهن اڻ پوري ۽ ڇڏيل ڳالهه ۽ ماحول يا لکت جو تذڪرو ڪن ته اُهي ٻُڌائين ته سندن اهي ڳالهيون يا ڪٿائون هنن دئورن مان ڪهڙي دئور جون آهن ته سندن چيت کي دُرست تاريخي رنگ ڏئي سمجهائي سگهجي. ته سنڌ ۾ اسلام ڪڏنهن ۽ ڪيئن آيو ۽ سنڌ جو ثقافتي ۽ ڪلچر ڪٿان ۽ ڪيئن اڳتي وڌيو وغيره.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 جون 2014
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جي ليکڪن ۽ ريسرچ شاگردن کي اپيل: اسانجي اصلاح ۽ مدد ڪريو! سنڌ جي مدد ڪريو!
    EDUCATE SINDH
    اهڙن سڀني ادبي ۽ تاريخي دوستن کي گهُرجي ته هن ريسرچ ورق جو مُڪمل تنقيدي جائزو وٺن ۽ پنهنجو تنقيدي نوٽ لازمي ڏين (پر منگهڙت ڪهاڻين ۽ ٻُڌڻين سان نه ۽ صرف ۽ صرف سچن حوالن سان) ته سنڌ جي تاريخ صحيح ڪري جوڙي آئنده نسل جي حوالي ڪجي ان ڪري جو ماضيءَ ۾ انفارميشن تي ايتري رسائي ڪونه هُئي جيڪا هن وقت انٽرنيٽ ڏئي رهيو آهي جنهنڪري منگهڙت ڳالهيون به تاريخي حصو بڻجي ويون هُيون جيڪي درباري ليکڪ هُئا اُنهن دربارن جي مرضي ۽ منشا موجب تاريخ لکي ۽ جيڪي ڪنهن مذهب جا پوياري هُئا اُنهن اُهو رستو ورتو هو ۽ ماضي ۽ حال گڏ وچڙ ڪري پيش ڪيو ويو. ته ڇا واقعي اسانجي ريسرچ ورڪ سڌي رستي تي وڃي پيو يا نه ۽ ان ۾ ڏهاڪن ، صدين يا دئورن ڪو غلط اندراج ٿيل ته ناهي مهرباني ڪري بيان ڪريو ۽ پنهنجي سنڌيت جو فرض ادا ڪريو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جي ليکڪن ۽ ريسرچ شاگردن کي اپيل: اسانجي اصلاح ۽ مدد ڪريو! سنڌ جي مدد ڪريو! EDUCATE SINDH. هن وقت سنڌ پنهنجي ستاويهين تاريخي سفر ۾ آهي ۽ خبر ناهي ته سنڌ جو ايندڙ نسل اڃا ڪيترا سنڌ جا تاريخي سفر ڪندو ۽ هن وقت جنهن سفر ۾ سنڌ آهي پنجابي تسلط جو دئور سڏجي جنهن کي (پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي) جو دئور چئجي ٿو. ته اُهي دوست جيڪي پنهنجون ٻُڌل ۽ غير تاريخي مذهبي رُجهان ۽ وقت جو ڪٿائون پنهنجي ماحول تحت بيان ڪن ٿا ٿوپڻ چاهين ٿا ۽ ڪوڙي تاريخون ۽ وقت ، مقام ۽ مذهبي عقيدا ٻُڌائڻ وارن تي لازم آهي ته هو ان جو تاريخي سفرن سان لاڳاپو ڪن ۽ تفصيل بيان ڪن ته هڪ سچي ۽ بهترين سنڌ جي تاريخ جوڙي ايندڙ نسل جي حوالي ڪجي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 جون 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اهڙن سڀني ادبي ۽ تاريخي دوستن کي گهُرجي ته هن ريسرچ ورق جو مُڪمل تنقيدي جائزو وٺن ۽ پنهنجو تنقيدي نوٽ لازمي ڏين (پر منگهڙت ڪهاڻين ۽ ٻُڌڻين سان نه ۽ صرف ۽ صرف سچن حوالن سان) ته سنڌ جي تاريخ صحيح ڪري جوڙي آئنده نسل جي حوالي ڪجي ان ڪري جو ماضيءَ ۾ انفارميشن تي ايتري رسائي ڪونه هُئي جيڪا هن وقت انٽرنيٽ ڏئي رهيو آهي جنهنڪري منگهڙت ڳالهيون به تاريخي حصو بڻجي ويون هُيون جيڪي درباري ليکڪ هُئا اُنهن دربارن جي مرضي ۽ منشا موجب تاريخ لکي ۽ جيڪي ڪنهن مذهب جا پوياري هُئا اُنهن اُهو رستو ورتو هو ۽ ماضي ۽ حال گڏ وچڙ ڪري پيش ڪيو ويو. ته ڇا واقعي اسانجي ريسرچ ورڪ سڌي رستي تي وڃي پيو يا نه ۽ ان ۾ ڏهاڪن ، صدين يا دئورن ڪو غلط اندراج ٿيل ته ناهي مهرباني ڪري بيان ڪريو ۽ پنهنجي سنڌيت جو فرض ادا ڪريو.
    هي تحقيقي پيپر اُنهن ميڊيا رليٽيڊ دوستن جي اسرار تي اُنهن سماجي ، سياسي، ادبي دوستن جي ٻٽاڪن، اڻ پوري ناليج ۽ بغير تحقيق ڳالهه ڪرڻ تي شايع پيو ڪجي جن جون روز جو شامون ۽ راتيون (روزانُُُون 7 بجي شام کان 1 بجي رات تائين) رابعا سٽي آخري گيٽ تي پٺاڻ جي هوٽل تي ويهي ميڊيا جي دوستن ، ايڪٽرن ۽ دائريڪٽرن سان ڪچهري ڪندي گُذرن ٿيون. يا اوهان جي ڪچهرين ۾ جتي به اهڙو تاريخي تذڪرو ٿيندو هُجي ته پرکي سگهجي ته بيان ڪرڻ واري جي اسڪل ۽ ڄاڻ ڇا آهي ۽ هن انهن ۾ واڌ ڇو ڪئي آهي ۽ ٻُڌل ڳالهين کي يقين سان اڳيان ڪيئن پيو وڌائي جنهنجو نه پُڇ نه مُنهن يا ڪو منگهڙت واقعو تاريخ سان ملي ٿو يا هو جنهن ماحول ۾ ڄائو ۽ جيڪو هُن کي سيکاريو ويو آهي تنهنکي بغير تحقيق جي ڍٽائي سان ضدجي اڳتي ڪري رهيو آهي. جيڪو هاڻ هن سائنسي دئور ۾ ناممڪن اهي ۽ اڀياس ڪرڻ کان سوا ، نقطن کي ملائي سچ ڳولڻ کان سوا هاڻ غلط تاريخ يا واقعا نٿا پيش ڪري سگهجن. ته اُهي ٻٽاڪي، تاريخي حقيقتن ۾ واڌ ڪندڙ، اڻ معلومات دوست هاڻ براءِ مهرباني جڏنهن به سنڌ جي تاريخ جو، ڪنهن ذات پات، نسل، مذهبي بحث ۽ ان جو سنڌ ۾ اثر جو ذڪر ڪن يا پنهنجي ڪنهن اڻ پوري ۽ ڇڏيل ڳالهه ۽ ماحول يا لکت جو تذڪرو ڪن ته اُهي ٻُڌائين ته سندن اهي ڳالهيون يا ڪٿائون هنن دئورن مان ڪهڙي دئور جون آهن ته سندن چيت کي دُرست تاريخي رنگ ڏئي سمجهائي سگهجي. ته سنڌ ۾ اسلام ڪڏنهن ۽ ڪيئن آيو ۽ سنڌ جو ثقافتي ۽ ڪلچر ڪٿان ۽ ڪيئن اڳتي وڌيو وغيره.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو