جبري ظُلم،ظُلم جي انتها.

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    جبري ظُلم،ظُلم جي انتها.​

    پنو عاقل نيشنل هائي وي لڳ اسان جي دوست ۽ سنڌ سلامت جي رڪن فقير عابد بلوچ جي 9 جريب زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش، جنهن ۾ ايس ڊي ايم ڪينٽوميٽ بورڊ پوليس ۽ با اثر ماڻهو شامل.
    1990 کان وٺي فقير عابد وٽ کاتا موجود آهن کاتن هجڻ باوجود به ايس ڊي ايم ۽ ڪينٽومينٽ وارن جي ڏاڍائي .
    ايس ڊي ايم چيو ته ويهه لک رپيا ڏيو ته اوهان جي زمين تي ڪو به ماڻهو نه ايندو نه ته آئون اوهان جا کاتا رد ڪندس.
    اهو ڪٿان جو انصاف آ ڇا غريب مسڪين ماڻهو لاء ڪو به انصاف نه آهي ؟

    ڪو دوست آهي جيڪو هن سلسلي ۾ قانوني مدد ڪري ...
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    قانوني مدد! اهو عجيب ناهي ناهي هن مُلڪ ۾ چوڻ!
    هتي بس ٻه قانون نالي ڏاڍايون آهن. هڪ ڏيو ٻيو ڇڏيو. جيڪو ايترو عام آهي جو ان لاءِ اهو اصطلاح جُڙي پيو ته ”ڏنو پُٽ ڇُٽي جو“،
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڳوٺن ۾ ٻنين تي اھو سڀ ڪجھ ٿيندو رھندو آھي، ايڏو انڌير به صفا ڪون آھي، جو کاتو ھجي ۽ زمين تي ڪو ٻيو قبضو ڪري وڃي، اھا ناممڪن ڳالھ آھي.
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا سليمان وساڻ صاحب السلام عليڪم. ادا توهان جي دوست کي گهرجي ته يا سول ڪورٽ ۾ کاتن جي آڌار تي ڪيس داخل ڪري اسٽي وٺي ڇڏي. يا وري ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عدالت ۾ 22 اي ۽ بي ڪريمنل پروسيڊير تحت درخواست ڏئي ان غير قانوني اقدام کان تحظ حاصل ڪري. سيشن جج صاحب مخالف ڌر کي گهرائي انهن کي منع ڪندو ته توهان جي دوست کي غير قانوني بي داخل نه ڪن زمين تان. هڪ ٻيو طريقعو به آهي ته اوها ن جو ؤ اسان جو سڄڻ هائي ڪورت آف سنڌ سکر برانچ ۾ پٽيشن داخل ڪري تحفظ حاصل ڪري. عزت مابه هائي ڪورٽ ايس ڊي ايم، پوليس ۽ ٻين عملدارن کي گهرائي انهن کي روڪندي ته اواهان جي دوست کي زمين تان غير قانوني طور بي دخل نه ڪن. تمام آسان حل آهن انهن جي مشڪلن جا ،ٿوري همٿ ڪن .انشالله سڀ مسئلاء حل ٿئي ويندا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان جا قرب

    مون هي نياپو دوست کي موڪليو آهي ته ان تي جلد عمل ڪري.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو