يونان جو مالي بحران ۽ اسانجو ملڪ سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، اڄڪلهه يونان جي ملڪ ۾ بجٽ نقصان سبب، حڪومت ڪجهه ٽيڪس عائد ڪندي، ڪجهه حڪومتي خرچن تي ظابطي ڪرڻ ۽ سول ۽ فوجي حڪمرانن جي ڳرين پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ...

    ان سڄي مامري کي يورپي يونين وارا ۽ دنيا جون ٻيون سڀ ترقي يافته قومون حل ڪرڻ ۽ يونان جي مدد ڪرڻ لئه آتيون آهن ۽ اميد ته اهو مامرو حل به ٿي ويندو جو يورپ جون قومون هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۾ اڳڀريون آهن ۽ خوشحال پڻ ... مٿان وري يونان ٽي ساله منصوبو ٺاهي ڪجهه قانون لاڳو ڪري، 12.7 فيصد نقصان کي پهرين سال ۾ ئي گهٽائي 8.7 فيصد تي پهچايو آهي ...

    اڄ آءُ يورو نيوز چينل تي يونان جي ان مالي بحران تي هلندڙ تبصرو ويٺي ڏٺو ... جنهن ۾ ماڻهن ان مالي بحران سبب لڳايل ٽيڪسن خلاف احتجاج ٿي ڪيو ... ان احتجاج ڪندڙن ۾ هڪ وچولي درجي سان تعلق رکندڙ عورت چيو ته سندس پگهار 1100 يورو آهي ۽ هوءَ انهن پئسن مان وڏي مشڪل سان زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي ۽ هاڻ نون ٽيڪسن سبب جيڪا ڪٽوتي ٿيندي ان سبب اڃان مشڪل وڌندي ۽ سندس ضرورتون پوريون نه ٿينديون

    سنڌ سلامت جا دوستو، اوهانکي يورو جي قيمت جي ته خبر آهي ته ان غريب وچولي درجي جي عورت جي پگهار پاڪستاني روپين ۾ هڪ لک کان به وڌيڪ وڃي بيٺي ۽ پوءِ به سندس ضرورتون پوريون نٿيون پون ... هاڻ اچو پنهنجي ملڪ تي ته اسانجي وچولي طبقي جنهن ۾ ڪلرڪ ڪڙا يا وري ننڍا آفيسر يا دڪاندار وغيره جن جي آمدني مهيني وار ڪو وڌ ۾ وڌ 10 کان 15 هزارن جي لڳ ڀڳ هوندي، سي پنهنجي زندگيءَ جون ضرورتون ڪيئن ٿا پوريون ڪن؟ ۽ جي پوريون ڪن به ٿا ته ڪهڙين ۽ ڪيترين ضرورتن لئه سڪندا ۽ آسائتا رهنٿا ...

    سوال اهو آهي ته ترقي يافته قومن جي ماڻهن جي ۽ اسانجهڙن ملڪن جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ايترو وڏو فرق ڇو آهي جو ترقي يافته قومن جي ماڻهن وٽ گهر به آهن گاڏيون به آهن، صحت ۽ تعليم جون سهولتون به آهن ۽ سندن پگهارون به پاڪستان جي حساب سان تمام گهڻيون آهن پر پوءِ به حڪومت طرفان لڳايل ٽيڪس تي سراپا احتجاج آهن ... ۽ اسانجي ملڪ ۾ ڏينهن بڏينهن وڃي ٿي مهانگائي وڌندي، بجلي آهي ڪونه، صحت ۽ تعليم جو حال اسان سامهون آهي، نوڪرين ۽ ڌنڌن جي حالت ابتر آهي، ڪمائيءَ جا ذريعا محدود آهن، زراعت ۽ زراعت لئه پاڻي ميسر ناهي ...

    ڇا يورپ جي انهن ملڪن ۾ سون جا خزانا آهن يا ناڻو وڻن ۾ لڳل آهي يا وري رب العالمين انهن قومن تي اسانکان وڌيڪ مهربان آهي .... نه دوستو نه ... نه ته انهن قومن وٽ اسانجي ملڪن کان وڌيڪ وسائل آهن، نه ئي انهنجي وڻن تي روپين جو فصل لڳي ٿو ۽ نه ئي رب ساڻن اسانکان وڌيڪ راضي آهي ... بس فرق صرف قانون جي حڪمراني، انصاف جو پوئواري ۽ آزاديءَ جو آهي ...

    افسوس جو اهي سڀ شيون جن سان قومون ترقي ڪنديون آهن سي اسان وٽ ناهن ... اچو ته ان تي غور ڪريون ۽ پنهنجي ملڪي سياسي ڍانچي کي بدلائڻ لئه جتن ڪريون ... پاڻ لئه نه ته ايندڙ نسلن لئه ... منهنجي تنهنجي اولاد لئه ....

    رب العالمين اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي ... آمين
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: يونان جو مالي بحران ۽ اسانجو ملڪ سنڌ

    سائين تمام ناياب شيئرنگ آهي، پر سائين آخر انهن سياستدانن کي ڪجي ڇا اهي سڌرندا ته ڪونه،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو