امر جليل

'سنڌي ادب' فورم ۾ Rabel Napar Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2014۔

  1. Rabel Napar Sindhi

    Rabel Napar Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ڊيٽا انٽري
    ماڳ:
    ڪراچي
    صنم مون کان عجيب سوال پڇيو : اڄ تائين ڪيترين عورتن سان محبت ڪري چڪو آهين ؟

    وراڻيم ؛ مان ڪيترائي دفعا پنهنجين شڪستن جو توسان اعتراف ڪري چڪو آهيان ،

    پڇيائين ؛ ڪا اهڙي عورت بہ زندگيءَ ۾ آئي اٿئي، جنهن کي وساري نہ سگهيو هجين؟

    ها صنم کي ڏسندي چيم ؛ " هن کي وسارڻ منهنجي وسَ ۾ ناهي "

    پڇيائين ڇو ؟

    وراڻيم : ڇو جو هوءَ منهنجي آواره زندگيءَ جي آخري محبت آهي.

    ڪجھ دير خاموش رهڻ کانپوء پڇيائين ؛ هوءَ بہ توسان محبت ڪندي آهي ؟

    چيم پڪَ ڪونهي فقط خوشفهمي آهي .

    صنم چيو " نہ تون ئي ايتري مبهم آهين، جو منهنجي چري چاهت کي سمهجي نہ سگهين ۽ مان ئي ايترو ڇسو آهيان، جو پنهنجي محبت جو اظهار ڪري نہ سگهان، اسين ٻئي مڪريل آهيون .

    هوءَ اوچتو مون کي پاڻ کان پري پري محسوس ٿيڻ لڳي ، ڄن خلائن ۾ ڳالهائيندي چيائين ؛ " انسان زندگيءَ ۾ هميشہ هڪ کان وڌيڪ محبت جو ارتڪاب ڪندو آهي ڇو ؟

    ڇو جو محبت ڪرڻ وارا آدرشي هوندا آهن،

    چيم ۽ آدرش جي جستجو ۾ انسان هڪ محبت کان پوءِ ٻئيءَ محبت جو ڏوھ ڪندو آهي، انهن ڏوهن جو سلسلو تيستائين جاري رهندو آهي، جيستائين آدرش آڏو نہ ايندي آهي .

    پڇيائين ؛ تنهنجين محبتن جو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو ؟

    وراڻيم سال کن ٿيندو جو اُهو سلسلو ختم ٿي ويو

    ڪجھ قدم هلڻ کانپوءِ پڇيائين ؛ مون کانپوءِ تون ٻيءَ محبت ڪنهن عورت سان محبنت نہ ڪندين؟

    " مان ٻيءَ ڪنهن به عورت سان محبت ڪري نہ سگهندس

    ڇو؟

    ڇو جو توکي ڏسڻ ۽ چاهڻ کانپوءِ مون کي ٻيءَ ڪنهن چاهت جي تمنا باقي نہ رهي آهي .

    مون ڏانهن ڏسندي چيائين ؛ تہ چئبو تنهنجين محبتن جي ارتڪاب جو سلسلو ختم ٿيو.

    ها چيم

    منهنجين محبتن جي ڏو جو سلسلو ختم ٿيو،

    تون ڀليل آهين (صنم چيو) محبتن جي ڏوھ جو سلسلو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو آهي ؟

    مان توسان اجايو بحٿ نہ ڪندس چي،

    آدرش جي ملڻ کان پوءِ محبتن جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي ،

    نہ ائين ناهي صنم چيو

    انسان فقط آدرش جي جستجو ۾ محبت جو ڏوھ جو سلسلو جاري نہ رکندو آهي

    پڇيو مانس " تہ ٻيو ڇا جي لاءِ جاري رکندو آهي ؟

    آدرش کي حاصل ڪري، وري وڃائي ويهڻ کان پوءِ انسان زندگيءَ جي سفر ۾ هر وراڪي تي ان محرومي جي پورائي لاءِ ڪا نہ ڪا ننڍڙي محبت ڪري وٺندو آهي،

    صنم چيو

    پر ننڍڙين ننڍڙين چاهتن جي باوجود ، حقيقت ۾ محبت ان سان ئي رهندي آهي ، جنهن کي حاصل ڪري وڃائي ويهبو آهي ،

    مان بہ آئيندي ننڍڙين چاهتن جو ڏوھ ڪندس ، پر اصل ۾ محبت ان سان ئي رهندي ، جنهن کي چاهي ، گهڙي کن اڳ مان وڃائي ويٺو آهيان.

    ڪهاڻي " عشق "

    امر جليل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين ڪهاڻي ۽ تمام سهڻا لفظ. واه:cool:
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو