خبردار! هيڪر گوگل ڪروم ذريعي توهان جو آواز ٻڌي سگهن ٿا.

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    جيڪڏهن اهو سوال پڇيو وڃي ته توهان جو پسنديده برائوزر ڪهڙو آهي ؟ ته اڪثر دوستن جو جواب “گوگل ڪروم” هوندو . بلڪل گوگل ڪروم ٻين برائوزرس جي ڀيٽ ۾ آسان ۽ وڌيڪ انٽرفيس جو حامل آهي. ڪجهه عرصو اڳ گوگل ڪروم جي هڪ وڏي خامي دريافت ڪئي وئي جنهن ڪري صارفين جي پرائويسي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
    اسرائيلي پروگرامر “تل عطر” سڀ کان پهرين ان خامي جي باري ۾ گوگل وارن کي ٻڌايو. گوگل ڪروم جي speech-recognition۾ هڪ نقص موجود آهي . گوگل ڪروم ۾ موجود هي اسڪرپٽ توهان جي آواز ذريعي مختلف ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو . ڪابه ويبسائيٽ جيڪا صوتي احڪامات (Verbal Commands) جي سهولت ڏئي ٿي اها پهريان توهان جي مائيڪ تائين پهچ حاصل ڪري ٿي . ياد رهي ته انهي خامي جي ڪري Https سروس استعمال ڪندڙ ويبسائيٽس تي ڪروم توهان کان اجازت نه گھرندو .
    [​IMG]
    ڪنهن به هيڪر لاءِ اهو آسان آهي ته اهو صوتي آواز سان ڀرپور ويبسائيٽ ٺاهي ۽ ان ۾ خفيه ڪوڊ به شامل ڪري . جڏهن توهان اها ويبسائيٽ وزٽ ڪندؤ ته توهان جو آواز ريڪارڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ پوءِ چاهي توهان اها ويبسائيٽ بند به ڪري ڇڏيو جيستائين ڪروم هلندو رهندو توهان جو آواز ريڪارڊ ٿيندو رهندو. چاهي توهان اسڪائيپ تي ڪنهن دوست سان ڳالهائي رهيا هجو يا ڀر ۾ ويٺل ڪنهن به شخص سان گفتگو ۾ محو هُجو. توهان جون سڀ ڳالهيون هيڪرز تائين پهچي رهيون هونديون.
    [​IMG]
    گوگل جي چوڻ مطابق ته انهن کي ان خامي جي اڳ ۾ خبر هئي پر اهو ڪروم استعمال ڪندڙن لاءِ وڏو خطرو ناهي . توهان کي گھرجي ته ڪنهن به اڻڄاڻ ويبسائيٽ کي مائيڪ ۽ ڪئمره جي سهولت آن نه ڪريو ان کان علاوه توهان ڪروم جي سيٽنگ ۾ مائڪروفون کي ايڪسس يا بلاڪ ڪري سگھو ٿا، يا پوءِ توهان اهو آپشن چونڊيو جنهن ۾ مائيڪ آن ڪرڻ کان پهرين توهان کي اطلاع ڏنو وڃي.

    انهي متعلق هڪ منجھائيندڙ ۽ حيرت انگيز سوال : ڇا هيڪر اسان جي سنڌي ٻولي سمجهي سگهن ٿا ؟؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نڀاڳا کڻي ڇا به ڪن ..... پر اسان گوگل ڪروم استعمال ڪنداسين.
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    پاڻ سنڌين جو آواز جيڪڏهن ٻڌندا ته سمجهندا ڪونه.
    اسان جي سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر اردو ڳالهائيندڙ ئي سنڌي ٻولي نٿا سمجهن ته هيڪرن کي ڪهڙي مجال ؟؟

    هيڪرز اڪثر گوگل ٽرانسليٽر استعمال ڪندي مختلف ٻولين جو پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪندا آهن ۽ سنڌي ٻولي کي گوگل ٽرانسليٽر نڪي پڙهندو نڪي هيڪرز اسان جون ڳالهيون سمجهي سگهندا... ;):)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو