ڪمپيوٽر هيڪرز ۽ انهن جا مقصد.

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]
    توهان مان اڪثر دوست ته ڪميپوٽر هيڪرز جي باري ۾ ڄاڻندا هوندا . هيڪرز اصل ۾ ڪمپيوٽر پروگرامنگ جا ماهر هجن ٿا ۽ اهي ڪنهن به سسٽم يا نيٽورڪ جي سيڪيورٽي ۾ موجود خامي ڳولهي ان جو فائدو حاصل ڪن ٿا.
    سڀئي هيڪرز هڪجهڙا ناهن هوندا. عام طور تي دنيا ۾ هيڪرز کي انهن جي تجربي ۽ مقصدن سان 4 وڏن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي .

    1: وائيٽ هيٽ هيڪرز (اڇي ٽوپي وارا حرفتي)
    2: بليڪ هيٽ هيڪرز
    3: گري هيٽ هيڪرز
    4: اسڪرپٽ ڪڊي
    [​IMG]

    وائيٽ هيٽ
    جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته هن قسم جا هيڪرز گهڻا اشراف هوندا آهن . حالانڪه هي به ڪمپيوٽر جا ماهر هجن ٿا ۽ ڪنهن به سسٽم ۾ ڪابه خرابي جلدي پڪڙي وٺن ٿا پر انهن جو مقصد انهن خامين جي اصلاح ڪرڻ هجي ٿو . انهن هيڪرز جي ڪم کي عام طور تيEthical Hackingبه چيو وڃي ٿو. دنيا جون وڏيون وڏيون ڪمپنيون اهڙن ماڻهن کي معاوضو ڏين ٿيون جيڪي انهن جي سسٽم ۾ موجود خرابي بابت آگاهه ڪن ٿا. انهن هيڪرز جي تربيت جي لاءِ اليڪٽرانڪ ڪامرس ڪائونسل جي پاران مختلف ڪورس ۽ آنلائن ٽريننگ به ڏني ويندي آهي.

    بليڪ هيٽ
    هي ڪارا چور دنيا ۾ ڪمپيوٽر سسٽم کي پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ هيڪ ڪن ٿا. انهن جو مقصد يا ته ڪنهن کي نقصان رسائڻ هجي ٿو يا ان جو ڊيٽا چوري ڪري پيسا ڪمائڻ هجي ٿو . بليڪ هيٽ هيڪرز ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي ٻين تجربيڪار هيڪرز سان ملي وڏي پيماني تي پنهنجون سرگرميون ڪندا آهن . اهڙي طرح هي هيڪرز ويبسائيٽس ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جي معلومات به چوري ڪن ٿا. دنيا جي سڀني ملڪن ۾ بليڪ هيٽ هيڪرز کي ناپسند ڪيو وڃي ٿو ۽ قانون ۾ انهن لاءِ سزا به مقرر آهي.

    گري هيٽ
    هي هيڪرز ٻٽي پاليسي استعمال ڪندا آهن. ڪڏهن وائيٽ هيٽ هيڪرز سان گڏ هوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن جرائم پيشه ماڻهن سان ملن ٿا. هي ڪنهن به سسٽم جي خرابي معلوم ڪري ٻين هيڪرز کي ٻڌائين ٿا ۽ پوءِ ان ڪمپني کي به اطلاع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ٻنهي پاسي کان پيسا روڙي وٺندا آهن.

    اسڪرپٽ ڪڊي
    جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهي هيڪنگ جي باري ۾ ٿورو گھڻو ڄاڻن ٿا . يعني اهي هيڪنگ جي دنيا ۾ اڃا ٻار آهن. اڪثر اهي ٺهيل ٺڪيل سافٽويئرز سان ويبسائيٽ يا ڪمپيوٽر هيڪ ڪن ٿا . جيئن ته اڪثر هن قسم جا هيڪرز ويبسائيٽ ۾ ننڍڙي خامي جو فائدو کڻندي ان جو پهريون صفحو مٽائي ڇڏيندا آهن ته جيئن ڊيٽا تائين رسائي نه ٿي سگھي ٿي.
    [​IMG]
    انهن سڀني هيڪرز گروپس کان علاوه اڄڪلهه نئين اصطلاح Hackvisit سامهون آئي آهي . هيڪرز جو هي گروپ ڪنهن سياسي يا مذهبي يا نظرياتي پيغام کي ڦهيلائڻ لاءِ مشهور ويبسائيٽ کي هيڪ ڪري اتي پنهنجو پيغام ڇڏي ڏين ٿا . هيڪرز جون وڏيون تنظيمون جيئن Anonymous ۽ Syrian electronic army جيڪي اڄڪلهه گھڻيون سرگرم آهن ۽ پوري دنيا جي وڏين اخبارن ۽ ٽيوي چينلز جا فيسبوڪ، ٽوئيٽر اڪائونٽس ۽ ويبسائيٽ هيڪ ڪندا آهن انهن جو مقصد پنهنجو آواز بلند ڪرڻ هوندو آهي . هي ويبسائيٽ جي ڊيٽا تائين پهچي به وڃن ٿا پر ان جو غلط استعمال نٿا ڪن.


    دنيا جا مشهور هيڪرز
    1: گري ميڪينن، اسڪاٽش هيڪر (فيبروري 1966 ۾ ڄائو) جنهن ناسا ۽ آمريڪن ملٽري جي ويبسائيٽس کي 13 مهينن جي اندر هيڪ ڪيو.

    2: ڪيون مائٽنڪ
    هي هيڪر پنهنجو پاڻ کي هيڪر نه بلڪه سڪيورٽي پروفيشنل سڏائي ٿو ۽ 1995ع ۾ جيل ويو. هاڻي هو ڪمپيوٽر سڪيورٽي ڪنسلٽنسي ڪمپني هلائي رهيو آهي.

    3: ڪيون پائولسن
    هن هيڪر آمريڪا جي ريڊيو فون لائنز کي هيڪ ڪيو هو ۽ جيل به ويو. هي هاڻ وائرڊ نيوز جو سينيئر ايڊيٽر آهي.

    4: رابرٽ تپان مورس
    مورس هاڻي Massachusetts Institute of Technology ۾ پروفيسر آهي.

    5: مائڪل ڪيلسي
    هي 15 سالن جو هو ته ويبسائيٽس هيڪ ڪيائين.

    6: ڊيوڊ ايل سمٿ
    7: سيون جيسڪن
    8: اينڊرين ليمو
    هي موبائل فون هيڪر هو هي هيڪر 2003 ۾ گرفتار ٿيو.

    9: دي ماسٽرس آف ڊسيپشن
    10: اسٽيڦن وازنائيڪ
    اسٽيڦن ايپل ڪمپني جو باني آهي.

    11: لوڊي بلينڪين شپ



    (ٽيگ ڪجي ٿو) سليمان وساڻ ، فاروق سومرو ، گل سومرو ، عبدالغني لوهار ، عمران درويش سومرو ، ذيشان رشيد ، ايس ايم درس ، ابو واصف ، ابو زين ، عبدالجبار شاھ راشدي ، گورڌن ولاسائي ، عبدالحفيظ لغاري
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 آگسٽ 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو