شهيد ڀٽو ڌارين جي نظر ۾ ... پروفيسر نذير احمد سومرو

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2014۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    پروفيسر نذير احمد سومرو

    سڪيلڌن سور...
    (شهيد ڀٽو ڌارين جي نظر ۾)​

    يادون به سدا سرسبز سائي وڻ جيان ٿين. خزان اچي ته کوڙ ساتريون يادون به سڪل پنن جيان ڇڻيو وڃن، پر ڪجهه يادن ۾ ايتري ته تازگي، سونهن ۽ شادابي ٿئي ٿي جو خزان جون هوائون ڪيترو به زور لڳائن، پر اهڙين سونهري ۽ سدا بهار يادن جي سونهن ۽ تازگيءَ کي ڪومائي نه سگهن. ڪجهه يادون محبوبن جي حسين تصور ۽ خوبصورت خيالن جيان کٿوري بڻجي وجود جي چَوگرد واسو ڪري خيالن ۽ تصور کي به ديوانو بڻايو ڇڏين.

    گڏيل پاڪستان جو آخري سال هو. گڏيل پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ٿيڻ لاءِ سياستدانن جا هڪ ٻئي سان رابطا هيا ۽ انهن جي وچ ۾ رسمي ۽ غير رسمي ڳالهين جا مختلف دَور ٿي رهيا هيا. اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ موجوده بنگلاديش جو هڪ اهم سياسي ليڊر مولوي فريد احمد لاڙڪاڻي جي دوري تي آيل هو. مولوي فريد احمد جي لاڙڪاڻي جي پراڻن ۽ کک سياستدانن سان ڏند شيڪ پراڻي هئي. مولوي فريد احمد جو ماروٽ انتخاب الحق، منهنجي والد عبدالحميد سومري ۽ چاچي حاجي درمحمد سان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ نه رڳو گڏ پڙهندو هيو پر علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي محسن الملڪ هاسٽل جو روم پارٽنر پڻ هيو. ان حوالي سان مولوي فريد احمد قرب ڪري اسان وٽ به هلي آيو. وچولي قد ۽ ڀريل بدن سان مرڪندڙ چهري وارو شخص هو. جناح ڪيپ پائيندو هو ۽ هلڪي ٻچي ڏاڙهي هوندي هئس. اسان جي اوطاق تي سياستدانن بابت ڳالهائي رهيو هو: “سنڌ ۽ بنگال سان قدرت وڏا وڙ ڪيا آهن. بنگالي ۽ سنڌي سٺا سياستدان هئڻ سان گڏ سٺا اديب، ليکڪ ۽ شاعر پڻ آهن.” اهڙن سنڌي سياستدانن ۾ هن مرحوم غلام محمد ڀرڳڙيءَ، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، حيدر بخش جتوئيءَ ۽ قاضي فيض محمد سميت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جا نالا ورتا.

    سنڌ جي هن بي مثال ۽ بهادر سپوت ذوالفقار علي ڀُٽي جو شمار پاڪستان جي انهن سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن تي نه رڳو سنڌ پر سڄي ننڍي کنڊ کي فخر آهي ۽ دائمي فخر آهي.

    ذوالفقار علي ڀُٽي 1956ع ۾ قلم کڻي لکڻ جي شروعات ڪئي. ايس ايم ڪاليج جي شاگردن کي، جيڪي ان وقت ون يونٽ خلاف متحرڪ هئا جن ۾ قادر بخش بڪڪ، نسيم کرل، خواجه سليم ۽ تاج بلوچ واري ٽهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ اسڪولي دَور کان ئي سياست سان واڳيل هئي، خبر آهي ته سائين جي ايم سيد جي چوڻ تي ون يونٽ جي خلاف پهريون ڪتابچو 1956ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي لکيو هو. ان کان پوءِ “مِٿ آف انڊيپينڊنٽس” ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري سالن واري تڪليف ده حياتيءَ سان ملندڙ ۽ ٺهڪندڙ نالي وارو ڪتاب “گريٽ ٽريجڊي” جي نالي سان انگريزي ۾ لکيائين. سواءِ ون يونٽ واري ڪتاب جي، باقي سندس پوين ٻن ڪتابن جو ترجمو “نالي ماتر آزادي” ۽ “عظيم سانحو” جي نالي سان سنڌي زبان ۾ شايع ٿيا.

    والاريل ڪشمير جي وزير اعلى ۽ برصغير جي نامور شخصيت شيخ عبدالله پنهنجي آتم ڪٿا “آتش چنار” ۾ نئين ديري جي هن نئين ورق ۽ پاڪستان جي سدا حيات سياستدان ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڏاڍي سٺي نموني ذڪر ڪيو آهي. شيخ عبدالله 1964ع ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل هو، ته پٺيان انڊيا جي وزيراعظم جواهر لال نهروءَ جو موت ٿيو. بقول شيخ عبدالله، هن ئي (شيخ عبدالله) صدر ايوب کي مشورو ڏنو هو ته جواهر لال نهروءَ جي شانَ ۽ مانَ لائق هڪ سرڪاري وفد پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ انڊيا موڪليو وڃي. شيخ عبدالله پنهنجي جيون آکاڻي “آتش چنار” جي صفحي 787 تي ڀُٽي صاحب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    “ذوالفقار علي ڀٽو ڪو، جو اس وقت پاڪستان ڪي وزير خارجه اور صدر ڪي بعد وهان ڪي سب سي اهم شخصيت ٿي، هماري ساٿ نئي دهلي ڪا فريضه سونپا گيا. چنانچه هم لوگ اِڪٺي ايڪ هي جهاز ۾ دهلي ڪي طرف روانا هوئي. اگرچه موقعي ڪي سنجيدگي ڪي وجه سي راستي ۾ سَڀي اپني اپني خيالات ۾ گم رهي اور ڪوئي بات چيت نهين هو سڪي. ڪس ڪو معلوم ٿا ڪه اس چلبلي ذهين اور تيز نوجوان ڪي ساٿ هماري آخري ملاقات هوگي! اور جس شخص ڪا مستقبل اس وقت اتنا شاندار نظر آرها هي، وو آخرڪار راولپنڊي ۾ سُولي ڪي رسي پر جهول ڪر اپني جان، جان آفرين ڪي سپرد ڪردي گا.”

    انڊيا جي پر آشوب صوبي بهار مان لڏي ايندڙ اردوءَ جي ڪهاڻيڪار ۽ تاج بلوچ جو گهاٽو ۽ ويجهو دوست مرحوم نعيم آروي پنهنجي اڌ آتم ڪٿا “هجرتون ڪي مسافت” ۾ ڀُٽي صاحب لاءِ لکي ٿو:
    “ڀٽو ايڪ سحر انگيز شخصيت ڪا مالڪ ٿا. پاڪستان ڪي سياسي افق پر ذوالفقار علي ڀٽو ڪِي آمد اس قدر هنگامه خيز نه ٿي، جتني آگي چل ڪر هُوئي. وو دُورانديش، عجلت پسند اور شعله بيان مقرر ٿي. ڀٽو صاحب ني ڪهوٽه ۾ جو سائنسي ادارا قائم ڪيا ٿا، اس ڪي سائنسدان ايٽمي ڊٽرنٽ حاصل ڪرني ۾ ڪامياب هو چڪي ٿي. آمريڪا شديد ناراض ٿا. اس ني ڀٽو صاحب ڪو Eliminate ڪرني ڪا فيصله ڪر ليا ٿا. ڀٽو صاحب ني پَهلِي اسلامي ڪانفرنس ۾، جو لاهور ۾ منعقد هوئي، اعلان ڪيا ٿا ڪه هم ني ايٽم بم بناني ڪي صلاحيت حاصل ڪرلِي هي. اس اعلان ني ڀٽو ڪي اقتدار ڪو اور اس ڪِي زندگي ڪي آفتاب ڪو گهنا ديا.”

    اردوءَ جو مشهور اديب ۽ ناميارو بيوروڪريٽ، صدر ايوب جو پيارو سيڪريٽري قدرت الله شهاب پنهنجي آتم ڪٿا “شهاب نامه” ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
    “مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۾ بلا ڪِي ذهانت اور خطابت ٿي اور انهين جديد علوم اور ان ڪي اظهار پر حيرت انگيز عبور ٿا. چند هي روز ۾ پريزيڊنٽ لائبرري ڪو کنگهال ڪر رک ديا. ڀٽو صاحب وزير خارجه ڪي منزل سي بهت آگي تڪ گئي اور انجام ڪار اقتدار ڪي ميدان ڪو يُون ڇوڙا جيسي ڪُوچه يار سي نڪلي، سوئي دار چلي.”

    کاٻي ڌر جي مشهور ليکڪا، ڪالم نگار ۽ شاعره افضل توصيف پنهنجي ڪالمن جي ڪتاب “شهر ڪي آنسو” ۾ جناب زيڊ اي ڀٽو جو ڏاڍي شدت ۽ دلربائيءَ سان ذڪر ڪيو آهي:
    “موهن جو دڙو ڪي سائي ۾ پيدا هوني والي ذوالفقار علي ڀٽو ڪو آج سي پَندرا برس پهلي ڦانسِي پر لٽڪايا گيا ٿا. اس ڪي قاتل ڀٽو ڪي سوچ، شهرت اور طاقت سي خائف ٿي. اس ڪي حڪومت ڇِين لينا ڪافي نه ٿا. اس ڪو مار ڪر رات ڪي انڌيري ۾ زير زمين اتار ديني ۾ هِي فائده نظر آتا ٿا. مگر ڪس ڪا فائده؟
    “پهانسي ڪي تختي پر گهاس تو اگا نهين ڪرتِي! قاتل ني جان لِي تو ڪيا هوا؟ جان ڪي پرواهه ڪس ڪو ٿِي؟ سقراط ڪو؟ عيسى مسيح ڪو؟ حسين ابن علي ڪو؟ (حسين بن) منصور حلاج ڪو؟ ڀگت سنگهه ڪو؟ ذوالفقار علي ڀٽو ڪو؟”

    ريديو پاڪستان جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ۽ اردوءَ جو منفرد اديب ۽ شاعر حميد نسيم پنهنجي جيون ڪٿا “ناممڪن ڪِي جستجو” ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    “سنڌِي بَهت محبت ڪرني والي اور بڙي صاف دل لوگ هين. ان ڪا احترام ڪرو تو ان جيسا مخلص دنيا ۾ ڪم ملي گا...
    “... اعجاز بٽالوِي ڪهانيان لکتي رهتي تو دنيا ۾ بڙا نام پيدا ڪرتي، ليڪن انهون ني وڪالت ۾ نام پيدا ڪرني ڪو زياده مناسب سمجها. دل ڪو بڙا دُک هي ڪه وو ايڪ سياسي جينيس (ڀٽو صاحب) ڪي خلاف سرڪاري وڪيل بني. ليڪن جانني والي جانتي هين ڪه انهين اپني عمر ڀر ڪي ايڪ دوست ڪي صعوبت و ايذا ڪا انتقام نه لينا هوتا تو وو اس مقدمي ۾ وڪيل استغاثه بنني سي انڪار ڪر ديتي.
    “پهر جس ڪو ڦانسِي پر چڙهانا ٿا تو وو ان ڪي بغير ڀي ڦانسي پر چڙهه جاتا. ميڪاولي ني ڪها هي ڪه حڪومت پر غاصبانه قبضه ڪرني والي ڪي ليئي لازم هي ڪه وو سب امڪاني دعويدارون ڪو فورن موت ڪي گهاٽ اتاردي.
    “ڀٽو صاحب عميق تاريخي شعور رکني ڪي باوجود عملي سياست ۾ ‘مصلحت شناس’ نه ٿي.”

    اردوءَ جو نامور اديب ممتاز مفتي، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو:
    “ڀٽو ڪي ساٿ ڪيون هوا؟ جيسا ڪه هوا. وو اس ليئي ڪه اس ڪي ذهانت لائٽين مارتي ٿِي. اس ڪي ذهانت ڪي لائيٽون ۾ ان لوگون ڪِي آنکين چِنڌيا جاتِي ٿِين.”

    سڀ کان حيرت انگيز ڳالهه اردوءَ جي شهره آفاق دانشور، اديب ۽ شاعر پروفيسر آل احمد سرور پنهنجي آتم ڪهاڻي “خواب باقي هين” مين ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر ڏاڍي حيرانيءَ سان ڪيو آهي. هندستان جو هيءُ اديب پاڪستان ۾ 5 جولاءِ 1977ع کان 5 مهينا پوءِ لاهور ۾ ٿيندڙ “بين الاقومي اقبال ڪانگريس” ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان آيو هو. آل احمد سرور پنهنجي آتم ڪٿا جي 274 جي صفحي تي وائڙو ٿيندي لکي ٿو:
    “جميل الدين عالي ڪي يهان نواب محمد احمد قصوري ڪي صاحبزادي سي ملاقات هوئِي. ان ڪي والد ڪو ذوالفقار علي ڀٽو ني قتل ڪروايا ٿا. ان ڪو اميد ٿِي ڪه ان ڪي والد ڪي قتل ڪي الزام ۾ ڀٽو ڪو گرفتار ڪر ليا جائي گا اور ان پر مقدمه چلي گا. اس وقت ان ڪي اس پيشن گوئي پر يقين نهين آتا ٿا، مگر بعد ۾ يه بات حرف به حرف پورِي هو گئي. دنيا ڪي بيشتر ملڪون ڪي طرف سي ضياءُالحق ڪو تار ديئي گئي ڪه ڦانسي ڪِي سزا ڪو عمر قيد يا جلاوطني ۾ منتقل ڪر دين، مگر وو ٽس سي مس نهين هوئي.”

    70ع واري ڏهاڪي ۾ عالمي سياست جي افق تي اڀرندڙ آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو هو، تڏهن لاهور ۾ پنهنجي مانَ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ تقرير ڪندي چيو هئائين:
    “مان دنيا جي اٽڪل سڀني ملڪن جي سربراهن سان مليو آهيان. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتي سربراهن جون تقريرون ٻڌيون به اٿم ۽ انهن جي آڏو سندن موجودگيءَ ۾ تقريرون ڪيون به اٿم، پر ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جي سڀني ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن مان ڀٽو صاحب واحد ماڻهو آهي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ تقرير ڪندي، مون کي ڊپ پيو ٿيندو هو ته ههڙي قابل ترين شخص جي اڳيان سندس موجودگيءَ ۾ مان ڇا ڳالهايان؟ سندس خوبصورت لهجي واري مدلل انگريزي ٻڌي مون کان ته پنهنجا لفظ به وسريو وڃن ٿا.”

    هڪ دفعي استاد بخاريءَ ٻڌايو ته ڀُٽي صاحب جي ڦاهيءَ بابت سائين جي ايم سيد کان راءِ ورتم، ته سائين جي ايم سيد ڏاڍي گنڀيرتا سان وراڻيو: “هن شخص (ڀُٽي صاحب) مان، مون کي ڏاڍو ڀَو ٿيندو هو ته ڪٿي معافي نه گهري وٺي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ به هڪ سنڌي سياستدان ايوب کهڙي هڪ فوجي صدر کان لکت ۾ معافي ورتي هئي، پر ڀُٽي هڪ دفعو نهڪر ڪئي ته ان کي هن 9 ڪوٽ چاڙهي ڇڏيا ۽ ڦاهي کائي سنڌي قوم کي هميشه لاءِ هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل سوني نٿ پارائي ويو آهي.” ۽ پوءِ ڀٽائي جي شعر جي هيءَ سٽ پڙهيائين:
    “مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي!”

    جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي اذيتناڪ مهينن بابت ڇا چئجي، سواءِ ان جي ته، “سڪيلڌن سور، پينگهي منجهه پرايا.” تاريخ بي رحم ضرور آهي پر انسانن وانگر بي قدر ناهي. تاريخ مٽائڻ وارن کي گمناميءَ جي تري ۾ اڇلائي ٿي ۽ مٽجندڙ کي نئين زندگي بخشي ٿي. ڀُٽي صاحب جي ڦاهيءَ تي مون کي اردوءَ جو هي شعر ٺهڪندي نظر اچي ٿو:

    ذرا يُون چل ڪه هر مـنـزل په تـــيــرا خـــيــر مقـــدم هــو،
    تجهي جانا تو اي عمر روان، يون ڀي هي اور يون ڀي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو