ها ٿر جو نصيب

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ها ٿر جو نصيب
    سائل مهراڻ
    جون جو مهينو سڄو ائين گذري ويو! ڏاڍيون هوائون لڳيون، ماروئڙن جون نظر آسمان ڏانهن ڏسندي آس ڇڏي ڏينديون هيون، هوائن به پنهنجو زور نه ڇڏيو نراسائي، نااميدي جي ڀيانڪ سمنڊ جي وهڪري کي وڌيڪ وڌائي ڇڏينديون هيون مٿان جولاءِ شروع ٿيو پهرين کان سورهين تائين ڪجهه ڪونه هو باقي ماروئڙن جي منهن تي اميدن جا ڏيئا اجهامندي اجهامندي وري روشن ٿي پيا، ۽ 17 جولاءِ تي اڀرندي طرف ڪارن ڪڪرن ڪورون ڪڍڻ شروع ڪيون ۽ ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون وري آيون سڄِي ڏينهن جي ٿڪ کيوڻن جا کيل ڏسي لهي وئي ننڍڙن ٻارن جي لاءِ راند شروع ٿئي وئي ۽ پنهنجو ميريون ۽ چتيون لڳل ڪپڙا لاهي ڊوڙون ڪڍڻ لڳا، ٻارن جون ڊوڙون ڏسي گهڻن جڻن جون دليون وري اٿاهه درد جي پيڙائين ۾ گم ٿي ويو انهن جي اکين ۾ لڙڪ قطارون ڪري وهڻ لڳا اهي ماضي جي جهروڪن ۾ گم ٿي ويا، اهي مارچ ۽ اپريل جي انهن مهينن کي ساري لڙڪ لاڙڻ لڳا، جنهن مهينن ۾ اهي پنهنجي معصوم ٻچڙن کي ڪمزوري وگهي مرندي ڏٺو هو، اهو انهن مائيٽن لاءِ ڏاڍيون ڏکويندڙ گهڙيون هيون ، پر اهو اشو جڏهن ميڊيا جي نظر ٿيو ته انه به گهڻو ڪجهه ڪيو، وزيراعليٰ ته هفتي ۾ ٻه چڪر ڏيندو هو، صوبائي وزير ته روز پيا ايندا ويندا هئا، وزير اعظم به آيو، امدادون ڏنيون، وزير اعظم صاحب جي اعلانيل امداد ته ڪٿي ورهاڻي به يا نه؟ باقي فوجي ڪيمپن تمام گهڻو ڪجهه ڪيو، بحريه ٽائون ته خاص هنڌن تي تنبو لڳائي دفترخوان ڪري ڇڏيا، ڪڻڪ توڙي ٻئي امدادون ماروئڙن کي جهولي جهلي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هر طرف، هر پاسي افراتفري مچي وئي ، ٻارن جي فوت ٿيڻ تي انهن جي والدين کي ڪجهه رقم ڏيڻ جو چئي آٿٿ ڏيڻ لڳا (هاڻ تي روز انساني زندگين جي قيمت گهٽجي وڃي پئي) اهو اشو ٻه مهينا هليو ڊي سي او(DCO) ۽ ٻيا ڪامورا هٽايا ويا، آخر ڪار اهڙي طرح امداد ڏئي ڳوٺن ۾ رجنسون وڌائي ڇڏيون، ٿري ماڻهو ايتري قدر وڙهي پيا جو هڪ ٻئي ته ڪيش داخل ٿي ويا. آخر ڪار اهي امدادون بند ٿيون ۽ ماڻهن ڪجهه سڪون کاڌو ۽ آهستي آهستي اهو ماضي جو حصو بڻجي ويو، پر هاڻ ڪجهه ڏينهن وري اخبارن ۾ خبرون لڳيون ته 17 ڏينهن ۾ 18 ٻار فوت ٿي ويا. انهي تي نه ڪٿان ڪا گاڏي آئي، نه ڪٿان امداد معصوم ويچارا مرندا رهيا، ڊي ايڇ او (DHO) جو بيان آيو ته “ ٻار بک وگهي ناهن مئا” ڇا بک کان سواءِ ٻيون بيماريون نه آهن؟ انهن جو علاج سرڪار جي طرفان ٿي نه ٿو سگهي ڇا؟. ۽ نه وڏي وزير جو هيليڪاپٽر ٿر ڏانهن اڏاڻو، نه وزير اعظم جو، نه ئي صوبائي وزيرن جون گاڏيون هيڏانهن ڊوڙيون، نه ڪا ڪيمپ لڳي اهو سڀ ٿيندو رهيو ۽ آخر ڪار مالڪ پاڻ معصومن جو ڀرجلو ٿيو آهي ۽ ڪلهه ڪڪرن قطارون ڪيو ، مور ٽهوڪڻ لڳا، اتر طرف وڏڦڙو وسڻ شروع ٿيو پر اهو به گچ حصو ڀڃائي نه سگهيا آهن پر ماروئڙا هن سرڪار مان سڀ اميدون لاهي ان هڪ مالڪ ۾ رکيون آهن اهو مالڪ پنهنجي مهر جو مينهن وسائي هن ڏوٿيئڙن جو ڏک لاهيندو

    اچو ته سڀ ڌڻي در اها وينت ڪريون ته هو پنهنجي رحمت جو مينهن هن ٿر تي سدائين وسائيندو رهي آمين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو