مومل راڻو ڍَاٽي گهڻا اچن، مَنُ سَوڍَي ونگسئو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَي وِنگَسِئو
    ڪا جا لائِي مَينڌِرَي، لالِي کَي لِڱَنِ
    راڻو اَکَڙِيُنِ، وِسارِيان نَہ وِسِرَي


    سر مومل راڻو

    ڍَاٽي : راڻي جي شهر جا ماڻهون، ڍٽ جا ماڻهو
    مَنُ = دل، قلب
    سوڍَي = راڻَي
    وِنگَسِئو: قابو ڪيو، ويڙهيو، وڪوڙيو، لپيٽيو، ونگي ڇڏيو، سوگهو ڪيو، پاڻ سان ويڙهي ڇڏيو. ونگسئو لفظ دراصل سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ وَنڪَ مان ورتو ويو آهي.
    لائِي = لڳائي
    مَينڌَريَ = راڻَي
    لَالي : ميندي، عشق جا خُمار- جڏهن ڪنهن سان عشق ٿئي ٿو ته ماڻهونءَ جون ادائون، انداز انوکا ڏسبا آهن. سندس Body language ڳاڙهسُرا ڳل، خماريل اکيون، بي چيني، بيقراري،ڳورو آواز، ڪنهن جي خيالن ۾ گم رهڻ هنن سڀني ڳالهين کان سواءِ اندر ۾ به عشق ٽڪي ديرو ڄمائي ٿو.
    لِڱَنِ = عضون، بدن جي مختلف حصن
    راڻو اکڙين : راڻو هر وقت اکين اڳيان ٿو رهي.

    بيت جو منظر

    ~ ڍٽ جا گهڻا ماڻهو اچن ٿا، پر منهنجي دل کي مينڌري سوگهو ڪيو آهي.
    ~ راڻَي منهنجي لڱن کي اهڙي ميندي هنئي آ، جنهن جو هڳاءُ منهنجي بت ۾ واسيل آهي.
    ~ راڻو هر پل منهنجي اڳيان پيو ڦري.

    سمجهاڻي

    ڀٽائيءَ جو هي رومانس سان ڀرپور بيت ڪاڪ جي مومل ۽ ڍٽ جي راڻي جَي عشق جو لازوال داستان آهي. جيتوڻيڪ مومل ۽ راڻي جو هي عشقيه قصو ڀٽائيءَ کان اڳ ٿي گذريو آهي پر ڀٽائي ان کي ايئين ٿو بيان ڪري ڄڻ هي قصو هينئر اسان جي اکين اڳيان پيو ٿئي. هن قسم جو اظهار ته اهو ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو پاڻ به ڪٿي قابو ٿيو هوندو.
    ٿر جَي وچ واري حصي کي ڍَٽِ چئجي ٿو ، جتي 1400ع ڌاري سومرن جِي حڪومت قائم ٿي. جنهن جي گاديءَ جو هنڌ امر ڪوٽ هيو. جنهن جو پهريون حاڪم همير سومرو هيو، راڻو سندس وزير ۽ سالو بہ هيو.
    مومل راڻي سان رچايل رهاڻين کي ياد ڪندي چئي ٿي:
    هونئن تہ راڻي جَي ملڪ ڍَٽَ جا ڪيترائي ماڻهون مون کي پسڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاڪ اچن ٿا. پر منهنجي روح، ساھ ۽ دل کي صرف سوڍي ئي سوگهو ڪيو آهي. جنهن سواءِ منهنجو پل بہ نٿو سري.
    جڏهن راڻَي سان مون لانئون لڌيون هيون تڏهن لڱن تي لاتل مينديءَ جِي ڳاڙهاڻ ۽ خوشبو منهنجي بدن جي هر حصي ۾ اڃان تائين واسيل آهي.
    اها عشق جي لالاڻ نہ رڳو منهنجي ساري بدن جي ٻاهر پر اندر دل ۾ بہ جيئن جو تيئن موجود آهي.
    راڻَي سان گهاريل پيار جا پل, عڪس ۽ اهڃاڻ هر گهڙي منهنجي نيڻن ۾ سمايل رهن ٿا. راڻو هر وقت منهنجي اکين اڳيان آهي. جيڏانهن ٿي نهاريان رڳو راڻو ئي راڻو پئي پسان. پوءِ ڀلا مان کيس ڪيئن ٿي وساري سگهان...!!؟

    ______
    محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 سيپٽمبر 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واه واه.
    راڻو هر وقت منهنجي اکين اڳيان آهي
    شاهه سائين جو اهو خيال اسان کي سمجهڻ گهرجي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    لاجواب سمجهاڻي سان گڏ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه زبردست سمجهاڻي سان سائين سليمان جي ڊزائين ڪيل شاعري...
    جس هجي سائين سليمان وساڻ صاحب کي ۽ سائين مظفر منگي صاحب کي
     
  5. سلمان سنڌي

    سلمان سنڌي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    لاجواب ادا سائين
    تمام بهترين سمجهاڻي ڏني اوهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو