دنيا جا ٻار ۽ سنڌ جو نسل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دنيا جا ٻار ۽ سنڌ جو نسل
    [​IMG]
    دوستو ! آءُ هميشه اهڙيون ڳالهيون ڪنديون آهيان، جي ڪڏهن ڪڏهن مونکي پاڻ منجهائينديون آهن ۽ سوچينديو آهيان ته مون ڀلا رباب وڄائڻ جو ڪو ٺيڪو ته نه کنيو آهيان پر جڏهن وري ڪا اهڙي ڳالهه ڏسندو آهيان جنهن سان سنڌ يا سنڌين کي ڪو اتساهه ملي ته رهي نه سگهنديون آهيان ۽ ڳالهه چئي ڏيندو آهيان ...

    اڄ وري ياهو جي خبرنامي ۾ هڪ خبر آهي ته هڪ 18 ساله نوجوان هائر اسڪول جي نياڻيءَ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي ۽ انٽرنيٽ جي دنيا مان 40 ملين ڊالر ڪمائي ورتا آهن ... ان ڇوڪريءَ نه فقط پنهنجي زندگي بلڪه پوري خاندان جي زندگي آسودي ڪئي آهي ۽ دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي ...

    دوستو! ڳالهه اها ناهي ته ان نياڻيءَ پئسا ڪمايا آهن يا انٽرنيٽ جي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي؟ سوال اهو آهي ته دنيا جي ترقي يافته قومن جا ٻار پنهنجي قومي وسيلن مان ڪيئن مستفيظ ٿين ٿا ۽ پنهنجي لئه هر اها شئي حاصل ڪن ٿا جيڪا کين هن دنيا ۾ ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري ٿي ... ڇا انهن قومن وٽ سون جا درياهه وهن ٿا، ڇا انهن قومن جا ماڻهون الله تعالا خاص خوبين سان پئدا ڪيا آهن، ڇا انهن ماڻهن جا دماغ ڪنهن خاص ڌاتوءَ سان ٺاهيا ويا آهن ....
    جواب آهي ”نه“

    سنڌ ڌرتي اها خوشنصيب ڌرتي آهي جنهن تي رب پاڪ جا وڏا ڪرم آهن ... سمنڊ، درياهه، جبل، ٿر، ڍنڍون ڍوران، زراعت ، تيل ، گيس، ڪوئلو ۽ ٻيون انيڪ قسم جون رحمتون سنڌ کي مليل آهن پر پوءِ به سنڌ جو ماڻهون مسڪين ، غريب ، مظلوم ۽ سڀني قومن کان پوئتي ڇو؟ ”ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي“ واري حالت ڇو آهي؟
    اصل سوال اهو آهي ؟ اسان سنڌين کي سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي حالت بدلائڻ جا جتن ڪجن ... ته جيئن اسانجو نسل ۽ اسانجو اولاد به ڪا منزل ماڻي سگهي ... ۽ دنيا جي قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهي ...

    معاف ڪجو هي انگريزي حوالي طور ڏني اٿم؛
    .
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: دنيا جا ٻار ۽ سنڌ جو نسل

    سائين قبلا توهان قدم وڌايو اسان توهان سان گڏ آهيون جيڪي اوهان جو مشن اهوئي اسان جو مشن آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو