ڪاميابيءَ جا رازَ

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نوٽ؛
    دوستو، دنيا جي اڪثر ملڪن جيئن آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، مڊل ايسٽ، فار ايسٽ ايشيا ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهون ڪامياب، خوشحال ۽ ڪاروبار يا نوڪرين جي ضروري ڄاڻ سان ٽمٽار ڇو هوندا آهن، سندن هر ڪم ۾ سچائي ۽ ايمانداري نظر ايندي آهي ... هر ڪم ۾ ڪاروباري مهارت نظر ايندي آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ته هو ان ڪم لئه ئي پئدا ڪيا ويا آهن ... ان جو ڪارڻ يا سبب اهو آهي ته اتان جا ادارا اهڙي قسم جي سکيا ۽ ماحول پئدا ڪندا آهن ته جيئن هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ ٿي ملڪ ۽ قوم لئه ڪجهه ڪري سگهي ۽ پنهنجي زندگي به خوشحال ۽ صحتمند گذاري سگهي ...
    هي هيٺ هڪ ڪتاب جي تعريف ۾ لکيل اداريو پيش ڪريانٿو جو آمريڪي ۽ يورپي ڏاهي نائيٽنگيل جي ڪتاب
    ” عجيب ترين راز“
    تي لکيل آهي ... جيتوڻيڪ اهو اداريو انگريزيءَ ۾ هيو ۽ مون آسان سنڌيءَ ۾ لکڻ جو ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اسانجي قوم کي خبر پوي ته ٻاهرين دنيا جا ماڻهون ڪي جنن جي اولاد ناهن جو ايترا ڪامياب يا خوشحال ٿين ٿا ، بلڪه انهن جا ڏاها انهن جي زندگين جي بدلاءَ لاءَ محنت ڪندا رهنٿا ۽ کين اهڙي سکيا ڏيندا رهنٿا .... اوهين پاڻ پڙهي فيصلو ڪريو ...
    نثار ابڙو
    ________________________________________
    [​IMG]

    جيڪڏهن 100 ماڻهن کان اهو پڇيو وڃي ته ڪاميابيءَ جو راز ڇا آهي ته انهن مان ڪي مختصر جواب ملندا، ۽ ڇا انهن ۾ ڪو حقيقي جواب به هوندو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان مان گهڻن جو جواب هوندو آهي، سخت محنت، تعليم، صحيح ماڻهن جو ساٿ، قسمت ... ۽ وغيره وغيره، پر اڪثر ماڻهون صحيح راز جي ويجهو به نه هوندا آهن.
    اڪثر ماڻهن کي ڪاميابيءَ جي صحيح رازن جي تفصيلن جي ڄاڻ نه هوندي آهي ته ڇو ڪجهه ماڻهون بنسبت ٻين ماڻهن جي اهڙي زندگي ماڻي وٺندا آهن جهڙي هو چاهيندا آهن؟
    ڇا اوهانکي انڳالهه تي تعجب نه ٿيندو آهي ته ڇو ڪجهه ماڻهون ڪامياب ٿيندا آهن ۽ اڪثريت نه ٿيندي آهي؟ ڇو ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ جادوءَ جي ڇڙي هوندي آهي، ۽ ٻيا ماڻهون سخت محنت ڪندي به اڃان ڪاميابي کان ڪوهين ڏور هوندا آهن، ڇا اهي ڳالهيون توکي ۽ مونکي بي همٿ ڪري وجهنديون آهن؟ ته ڪي ماڻهون بغير ڪجهه ڪرڻ جي اها ئي شئي آسانيءَ سان بازار ۾ وڪڻي ويندا آهن جنهنکي اسين وڪڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهيون ...
    آمريڪي ڏاهو ارل نائيٽنگيل (Earl Nightingale ) پڻ نوجوانيءَ جي عمر ۾ انڳالهه تي سوچيندو رهيو هو ۽ پوءِ هُنَ ان موضوع تي هزارين بحث ڪيا، ڪتاب لکيا، اخبارن ۽ رسالن ۾ هزارين ليک لکيا ، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي ڪيترا پروگرام ڪري ان مسئلي تي بحث ڪندو ۽ ڪرائيندو رهيو ته آخرڪار ائين ڇو جو هڪ ئي رستي تي هلڻ وارا ماڻهون ڪي ڪامياب ٿين ٿا ته ڪي ناڪامياب ... انهن جو جواب هن هڪ ڪتاب لکي ڏنو، سندس ڪتاب جو نالو هو ” عجيب ترين راز“ (The strangest secret ) جنهن سندس زندگيءَ تي گهرو اثر ڪيو ۽ دنيا جي هزارها ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ جو سبب بڻيو ۽ ان موضوع کي هڪ صنعتي حيثيت ملي وئي.
    ” عجيب ترين راز “ ۾ بحث ٿيل آهي ته؛
    • ڪيئن ڪو ماڻهون ساڳين خوبين سان لکين ڪروڙين ڪمائي وٺي ٿو جڏهن ته ٻيو ساڳين خوبين وارو نه.
    • ڪيئن ڪجهه ماڻهون ڪنهن اداري جي مٿاهين عهدي تي پهچي وڃن ٿا جڏهن ته ٻين کي نيڪالي ملي ٿي.
    • ڇو ڪي ماڻهون خوش ۽ فائديمند زندگي گذارين ٿا جڏهن ته ٻيا ماڻهون ساڳين خوبين وارا ۽ ساڳي تعليم سان آراسته ناڪاميابين جي مٿان ناڪاميابيون ڏسن ٿا.
    • ڇو ڪي ته آسانيءَ سان پنهنجي منزل ماڻي وٺن ٿا، جڏهن ته ٻين کي رستو ئي نه ٿو ملي.
    • ڇو ڪجهه شاديون ته پائدار ٿين ٿيون ۽ ڪجهه جلد ختم ٿيو وڃن.
    نائيٽنگيل جڏهن انهن سوالن جا جواب ريڪارڊ ڪرايا ته لکن جي تعداد ۾ اهي رڪارڊ وڪرو ٿيا، جن ۾ آمريڪا، يورپ ، آفريڪا ۽ ايشيا جي ماڻهن اهي رڪارڊ خريد ڪيا. جنهن سبب ” عجيب ترين راز“ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامجڻ واري صوتي پيغام جو شرف حاصل ڪيو. جنهن سبب کيس ڪئي سونا ٻلا پڻ مليا ۽ انهن ماڻهن جون دعائون ۽ شڪر ادايون پڻ نصيب ٿيون جن ماڻهن انهن رازن ذريعي پنهنجين زندگين ۾ ڪاميابيءَ جا موتي پروئي سرخرو ٿيا.
    نائيٽنگيل ، ڪيترائي پيغام رڪارڊ ڪرائيندو رهيو ۽ ماڻهن جي زندگيءَ ۾ بدلاءَ آڻڻ جا ڪارڻ پئدا ڪندو رهيو، سندس ڏنل اصول ۽ پيغام ڪيترين ئي مٿاهين درجي جي ادارن پنهنجي عهديدارن جي سکيا لئه استعمال ڪيا ۽ پنهنجي وڪري ڪرڻ واري صلاحيتن کي وڌائيندا رهيا. صنعت جي اڳواڻن حڪومتي ۽ تعليمي ماهرن ان پيغام کي پنهنجي وقت جي بهترين پيغام جو لقب ڏنو هو.
    سندس لکيل ڪجهه ڪتابن مان ڪجهه نقطا هن طرح سان آهن؛
    لفظن جو جادو؛ ٻه مونهي تلوار آهي، جنهنجي صحيح استعمال سان اهڙيون ڪاميابيون عطا ٿين ٿيون جيڪي اسين چاهيون ٿا، ۽ انهن جي غلط استعمال سان مايوسيون ۽ ناڪاميابيون.
    سبز خواب؛ اسانجي چوڌاري ۽ هر پاسي موقعا موجود آهن، صرف انهن کي سڃاڻڻو آهي ۽ انهن موقعن کي روزمرهه جي اوقات ڪار ۾ استعمال ڪري پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جي سکيا حاصل ڪرڻي آهي.
    قيمتي منزل؛ پنهنجا مقصد واضح ڪري مقرر ڪيو ۽ انهن کي وقت جي دائري ۾ پورو ڪريو، ان ڳالهه جي سکيا وٺو ته زندگيءَ جي دوران هڪ ڪاميابيءَ مان ٻي ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي.
    اوهانجي ذهن جا معجزا؛ ڪيئن هر ڏينهن جو هڪ ڪلاڪ، اوهانکي 5 فيصد مٿاهين درجي وارن ماڻهن تائين پهچائي سگهي ٿو، هر هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ کي صحيح استعمال ڪيو، جيڪو اوهانکي با-ڪمال طرح سان مطمئن ڪري ڇڏيندو جيئن اوهان چاهيو ٿا.
    قسمت جي تارازي؛ پنهنجي قسمت جو مالڪ ڪيئن ٿجي ، مڙني قانونن جو هڪ قانون ” قسمت جو مالڪ“ اهو ئي قانون آهي جيڪو سڄي اقتصاديات ۽ شخصي ڀلائيءَ تي منحصر آهي.
    فتح جو ٻج پوکيو؛ ڪو هڪ به صحيح فيصلو اوهانجي زندگيءَ جون واڳون ورائي سگهي ٿو. سکيا وٺو ته ڪيئن ڪو فاتح ٿيڻ چاهي ته ان شئي کي فتح ڪرڻ جو رستو ڪهڙو آهي.
    کٽڻ آسان آهي؛ کٽڻ، هارائڻ کان آسان به ٿي سگهي ٿو، ان سوچ سان اوهين پنهنجي اندر سڀ خدشا ۽ خوف ختم ڪري سگهو ٿا، انڪري کٽڻ کي يقيني ڄاڻو.
    • اوهان ڪيترا قيمتي آهيو؟؛ پنهنجو پاڻکي وڏي ڪنهن ڪمپنيءَ جي مالڪ جي حيثيت سان ڏسو ۽ پاڻ تي اهي عمل لاڳو ڪيو جي ڪامياب ادارا پاڻ تي لاڳو ڪندا آهن.
    رئيس يا The Boss ؛ اوهانکي اهو معلوم ڪري شايد حيرانگي ٿيندي ته اوهان پاڻ ئي رئيس آهيو .
    اچو ته مال يا پئسي تي ڳالهايون، اها تربيت وٺڻي آهي ته ڪيتري ۽ گهڻي دولت اوهانکي گهربل آهي ۽ انکي ڪيئن حاصل ڪجي؟
    هڪ شئي اوهان اصل نٿا لڪائي سگهو ته؛ اوهين پنهنجي ”ڪاميابيءَ جي ڇت کي اگهانئي مٿي ڪري سگهو ٿا“ اهو خيال ئي ، ڏاهن چواڻي ته ، انسان جي زندگيءَ جي پونجيءَ ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جو اضافو ڪري ٿو.
    ڀلي گهوڙي جي سواري؛ سکيا حاصل ڪريو ان ڳالهه جي ته هر صنعت هر اداري يا هر ماڻهونءَ کي ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي ۽ اوهان ڪيئن اها شئي ميسر ڪري سگهوٿا .
    ذهني خزانو؛ اوهانجا خيال ڪيترو قيمتي آهن؟ سکيا حاصل ڪيو ته اوهان ڪيئن پنهنجي دماغي صلاحيتن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهو ٿا؟
    پنهنجي ... “Creativity Quotient”....تخيلقي صلاحيت جي آزمائش ڪريو ... اوهين انکان وڌيڪ تخليقي ذهن جا مالڪ آهيو جيترو اوهين سوچيو ٿا ... هن وقت اوهين ڪيترا تخليقي آهيو؟ اها ڄاڻ اوهانکي وڌيڪ تخليقي صلاحيتن جي بلندين تي پهچڻ طرف راغب ڪندي ...
    تخليقي خوبيون؛ حقيقي معني ۾ تخليقي خوبيون ، سقراط کان وٺي بل گيٽس تائين جي ماڻهن ۾ هڪجهڙيون هونديون آهن، ۽ ساڳيو خوبيون اوهان ۾ به آهن، بس انهن خوبين جي نشاندهي ٿيڻي هوندي آهي جنهن سان اوهان پنهنجي اندر وڌيڪ تخليقي خوبيون پئدا ڪري سگهو ...
    ٻن ڪنن جي وچ ۾ سون جي کاڻ آهي؛ اوهانجو دماغ ڪمال درجي جو قيمتو آهي، اوهين پنهنجي ذهن ۾ موجود طاقتن کي سڃاڻيو ۽ انهن طاقتن کي اهڙي منظم طريقي سان استعمال ڪرڻو آهي جو اهي طاقتون اوهانجا رڪن ٿي پون .
    اوهانجا قيمتي تخليقي اوزار؛ سوال؟ اهڙا کليل سوالي عمل جي اوهانجي ذهانت کي وڌائن ٿا ... سکيا حاصل ڪيو ته اهڙا قيمتي سوال ڪيئن ڪجن ؟ ۽ انهن سوالن جي موٽ ۾ ملندڙ جوابن مان ڪيئن فائدو حاصل ڪجي؟
    تاريخ جو هڪ عظيم ماڻهون؛ ماڻهون جڏهن سچ جي ڳولها ڪنٿا يا وري اها همٿ ڪنٿا ته ذهني طور آزاد ۽ آسودا ٿين ته تاريخ ۾ موجود عظيم ۽ ڪامياب ماڻهن کي ڏسن ٿا، انهن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان اندر ۾ اتساهه پئدا ٿئي ٿو ۽ ماڻهون پاڻکي اجايو ٻڌڻن کان آزاد ڪري وٺي ٿو ...
    پنهنجا ڪن تيز ڪريو؛ ڳالهيون ٻڌندي سوال ڪرڻ ۽ جواب وٺڻ سان اوهانکي قيمتي موٽ ملي ٿي، ٻڌڻ تخليقي صلاحيت جي وڌائڻ لئه هڪ اهڙو تيل آهي جنهن سان اوهانجي سوچ جي صلاحيت ڏيئي جيئن روشن ٿئي ٿي.
    سوچڻ جا نوان طريقا؛ علمي مضبوطيءَ سان سوچ جو نوان طريقا حاصل ڪجن، نون رخن ۾ سوچڻ سان پڻ تخليقي صلاحيتون وڌن ٿيون، ذهني لاڙا پئدا ٿين ٿا جي ممڪن ڪاميابيءَ طرف وڃنٿا ... اهڙن نون لاڙن سان اوهان پنهنجي ذهن تي زور ڏيو ٿا ته اهڙن رستن جي ڳولها ڪري جي اڃان لڪل آهن ...
    مسئلن جي حل ڪرڻ جي جدت؛ مسئلن کي حل ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ ۽ منزل تي رسڻ واري قابليت وڌائي سگهجي ٿي، پاڻکي ان قابل ڪري سگهجي ٿو ، طريقا موجود آهن صرف انهن طريقن کي ڳولهڻو آهي ۽ سمجهڻو آهي ...
    خيالن جي طاقت؛ مسئلن کي حل ڪرڻ جا واڌو طريقا ڪهڙا آهن؟ سٺا خيال ... اهڙي مشين جنهن سان اوهان رڪيل فيصلا يا سمجهه ۾ نه ايندڙ منزلون ڳولهي لهو ٿا ... سٺن خيالن جا نتيجا به هميشه سٺا هوندا آهن.
    عمل لئه تيار هجڻ؛ جڏهن خيال پڪا ۽ پختا هجن ته عمل لئه به تياري هجڻ کپي، خيالن جي آڌار تي ٿيل تور تڪ مطابق اڳتي وڌڻ به هوندو آهي، جڏهن خيال ۽ عمل کي گڏائيندا ته اوهانجا مقصد تڪميل جي مرحلن ۾ پهچي ويندا ۽ انهن جون گهرجون پڻ پئدا ٿينديون، جيئن؛ سهولتون، وقت، لاڳت، انوقت منظم سوچ اوهانکي مدد ڪندي ۽ اوهين صاف سٿرا قدم کڻندي منزل طرف هلندا رهندا آهيو ...
    تخليقي شخص؛ سکيا حاصل ڪيو ته ڪيئن پنهنجي روين کي قائم رکبو آهي ... اهڙا طريقا استعمال ڪيو جيڪي اوهانجي تخليق جي مڪمل ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين .
    تخليق جي للڪار؛ تخليقي سوچ محنتي ڪم کي بدلائي مذيدار ۽ آسان ٺاهيندي آهي، ۽ ڏکئي ڪم کي هڪ فنپاري ۾ تبديل ڪندي آهي ...
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    بهترين راز آهن سائين

    سائين اوهان اهڙي بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي جس لهڻو

    سائين سچي به توهان جون ڪوششون سنڌ سلامت فورم تي تعريف لائق آهن

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    يار فقير، سچ پڇين ته مون اهو ليک ونڊ ڪيو هو، سا ڳالهه مونکان به وسري وئي هئي ۔۔۔ اوهانکي هي ونڊ پسند آيو، ان مان خبر پئي ته اوهين به خفتي فقير آهيو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اڄ اهو ليک ڏسي سوچ ۾ پئجي ويس ته اڄڪلهه ڊگها ڊگها ليک، دوست تمام گهٽ پڙهن ٿا ۔۔۔ پر فقير کي شابش آهي جو اهڙا ڊگها ليک به پڙهي ٿو وٺي ۔۔۔
    مهرباني فقير سائين ۔۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    سائين قبلا تمام خوبصورت انداز آهي اوهان جي سوچ جو اوهان جي سوچ پازيٽِوِ آهي ان مان ڪافي نصيحت ڀريا نڪتا ملندا آهن اوهان جي تحرير ۾ مون کي جيڪي نڪتا پسند آيا اهي مذڪوره بالا آهن هڪ ته سٺي سوچ ۽‌ تخيل انسان جي زندگي کي تبديل ڪندو آهي جڏهن ڪوتصور ذهن ۾ تري اچي ته انتي عمل ڪرڻ لاء پختو ارادو ڪري جيڪڏهن ان رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته يقينا ان جي رهنمائي به ٿي پوندي آهي ۔ الله تعالى توهان کي سلامت رکي۔ سدا سلامت هجو ۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    محترم سائين رحيم بخش، مهرباني اوهانجي، بيشڪ سٺي سوچ ئي سٺي عمل جو بنياد مهيا ڪندي آهي ۔۔۔ انڪري دنيا جا ڏاها جڏهن قومن جي اندر حق ۽ سچ، ّخوشحالي ۽ خير جو انقلاب آڻيندا آهن ته قوم جي سوچ جي معيار کي اوچائي طرف وٺي ويندا آهن ۔۔۔ ۽ جڏهن قوم جي سوچ جو معيار بلند هوندو آهي ته ترقي، آزادي ۽ خوشحالي پنهنجو پاڻ اچي دروازي تي بيهندي آهي ۔۔۔۔
    دعا ڪريو ته اسانجا ڏاها ۽ اسانجا ادارا، قوم کي اهڙا موتي مهيا ڪن ۽ قوم پنهنجي منزل ماڻي وٺي ۔۔۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    ادا تمام بهترين شيرنگ آهي پر ان تي تفصيل سان به مان ان شاء الله ڪمنٽ ڏيندس
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    سائين رحيم بخش صاحب اوهان بار بار لفظ (نڪتا استعمال ڪيو آهي سنڌي ۾ اهو لفظ نڪتا لکبو يا نقطا؟
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    جي ادا طاهر اوهان صحيح آهيو، ادي رحيم بخش جلدي ۾ شايد ايئن لکيو آهي باقي صحيح “نقطا” ئي آهي ۔۔۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    مهرباني جناب ابڙا صاحب جن جي
    يقينن منهنجي سنڌي ۾ پڻ درستگي آئي آهي
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    قبلا سائين مان جلدي ۾ نه پر منهنجي علم ۾ اهو آيل آهي ته ائين صحيح آهي
    نقطا معنى ٽٻڪا ۽
    نڪتا
    معنى خاص پوائنٽس وڌيڪ وري به تحقيق ڀلي شيء آهي انلاء‌ اوهان وٽ ڪو حوالو هجي ته پيش‌ڪندا ته جيئن اصلاح ٿي وڃي۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    محترم سائين رحيم بخش، لڳي ٿو ته اوهان نڪتا جي معنى اڌ ۾ رهائي آهي ۔۔۔ جي اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته نڪتا جي معنى آهي بحث جا حصا ته ممڪن اوهان صحيح هجو پر نقطا لفظ حصن جي مفهوم ۾ به استعمال ٿيندو آهي، جيئن انگريزيءَ جو Points پڻ ٻئي مفهوم ادا ڪندو آهي، نقطي وارو به حصي وارو به۔ وڌيڪ اوهان معلم آهيو اوهانجي ڳالهه کي اوليت آهي۔
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    قبلا سائين اوهان واري ورتل اقتباس ۾ ڳالهه واقعي اڻپوري نظر اچي رهي آهي ليڪن اهو بجلي جو ڪمال آهي بهرحال مون پنهنجي معلومات آهر ڳالهه ڪئي آهي وڌيڪ حوالي طور هي اوهان جي لاء عرض رکجي ٿو اميد ته تسلي ٿي ويندي۔
    نقطو = ٽٻڪو
    صفحه 2820
    نڪتو = پرزو، نازڪ ڳالهه ، نصيحت ، چوڻي، راز ، ڀيد، مزو ، لطف وغيره صفحه 2823 ان مان ورتل لفظ آهن
    نڪته دان
    نڪته چين
    وغيره.
    حوالو
    سنڌي لغات جلد5 صفحه 2820 ، 2823
    مرتب
    جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    ناشر
    سنڌي ادبي بورڊ ڄامشور /حيدرآباد سنڌ
    شايع ٿيڻ جو سال 1408هج
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    سائين رحيم بخش صاحب توهان جي ڪهڙي ڳاله ڪجي
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    مهرباني ادا رحيم بخش، اسانجي علم ۾ اضافو ٿيو ۽ خبر پئي ته جيتوڻيڪ ٻئي لفظ ملن جلن ٿا پر تنهن هوندي به معني ۾ وڏو فرق رکنٿا ۔۔۔
    آخر معلم ته معلم ئي هوندو آهي ۽ مٿان وري اهو ئي ماڻهون مدرس هجي ته سون تي هيرا جڙجيو وڃن۔
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    سائين عزت بخشڻ لاء‌ بنده اوهان جو احسان مند آهي۔
     
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    سائين رحيم بخش جن جي تمام گهڻي مهرباني جن پنهنجي حوالي سان نڪتا ۽ نقطا کي واضح ڪيو۔۔۔
    جيڪڏهن واپس توهان جي موضوع تي اچجي ته سائين نثار جن لکيو آهي۔۔۔
    سائين جي ٻنهي جملن کي هڪ ٻئي جي سامهون رکي سوچيم ته ڳالهه واضح ٿي وئي ۔۔۔۔ جيڪڏهن مٿيان ٻئي جملا توهان مايوسي جي ڪيفيت ۾ دهرائيند رهو ته توهان ڪامياب انسان ٿي سگهو ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر جيڪڏهن مٿيان ٻئي نڪتا توهان خوشي ۽ سک جي ڪيفيت ۾ دهرائيندا رهيا ته توهان بلڪل ناڪام ويندو۔۔۔
    سائين نثار صاحب ڇا مان درست آهيان ۔۔۔۔؟ جيڪڏهن ها ته مهرباني فرمائي هنن نڪتن مان يا وري پنهنجي خدا داد صلاحيتن کي استعمال ڪندي ڪي نڪتا انسان جي ڪيفيت تي قابو رکڻ بابت به ٿي وڃن۔۔۔
    هڪ ٻيو سوال ۔۔۔۔
    مان جڏهن هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندو هيم ته هڪ والد مون وٽ آيو ۽ چيائين۔۔۔
    ”سائين منهنجا ٻه ٻار توهان وٽ پڙهن ٿا۔۔۔۔ ٻنهي جي گهر جو ماحول، کاڌ خوراڪ، گهر جي تربيت، اسڪول جو ماحول، اسڪول جي تعليم ۽ تربيت هڪ جهڙي آهي پوءِ ڇو هڪ وڌيڪ هوشيار آهي ۽ سندس ڪاميابي جا امڪان روشن آهن ۔۔۔ جڏهن ته ٻيو جڏو آهي ۽ سندس ڪاميابي جا امڪان گهٽ آهي۔۔۔ ؟“
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاميابيءَ جا رازَ

    =
    دوست رشيد! اوهانجي ٻنهي ڳالهين تي سوچجي ته اوهان جي ڳالهه سئو فيصد سهي ثابت پئي ٿئي ۔۔۔ هون به سماج سڌارڪ هميشه ڏک ۽ سک جي حالت ۾ انسان کي پنهنجي آپي ۾ رهڻ جو سبق ڏين ٿا ۔۔۔ هن ئي اڱڻ تي ڪئي ايترا ليک ونڊ ٿيل آهن جي انساني جي ان حالت تي بحث ڪنٿا ۔۔۔ مثال هڪ ليک ونڊ‌ ڪيو ويو هو ته “ هي وقت به گذري ويندو” مطلب ته انسان جا ڏکيا ڏينهن هجن يا سکيا ڏينهن سڀ گذري وڃڻا آهن ۔۔۔ سوال اهو هوندو آهي ته انهن ٻنهي حالتن ۾ پاڻکي ڪيئن سنڀالجي۔ انڪري جڏهن انسان بري حالت ۾ هوندو ۽ هو پاڻکي سنڀالي وٺندو ته تباهه ٿيڻ کان بچي ويندو ۽ جي سٺي حالت ۾ هوندو ۽ مغرور ٿي پوندو ته به هو پاڻکي تباه ڪندو ۔۔۔ مايوسي ۽ غرور ٻئي انسان جا دشمن آهن

    بلڪل اوهانجي اها ڳالهه به عام ڏسڻ ۾ ايندي ته هڪ ئي ماحول ۾ پلجڻ وارا، هڪ جهڙين سهولتن سان نوازيل انسان به مختلف ٿين ٿا ڪي ڪامياب ته وري ڪي ان جي ابتڙ ۔۔۔ اوهانجي ڳالهه جي تائيد ۾ مون تازو ليک ونڊ ڪيو آهي “ امير ٿيڻ جي سائنس” هن ڪتاب اندر ان ئي ڳالهه جا ڪافي جواب ڏنل آهن ۔۔۔ هي ڪتاب اول ۾ ته شايد ڪجهه اختلافي به نظر اچي پر جڏهن اڳتي ان جا باب پڙهنداسون ته ڳالهه آهستي آهستي واضح ٿيندي ويندي۔ ۔۔۔ پڙهي پنهنجي را کان آگاهه ضرور ڪجو۔

    دعائن ۾ گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو