سيلفي جو وڌندڙ رجحان

'مختلف موضوع' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2014۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    1826ع ۾ پهريون ڀيرو ڪيمرا سان تصوير ڪڍندڙ فرانس جي جوزف جي وهم ۾ به اها ڳالهه نه هوندي ته هن پاران ڪيل ان شاندار تجربي کي ايتري قدر موٽ ملندي جو ايندڙ وقت ۾ هر ننڍو وڏو تصويرون ڪڍندو ۽ انهن کي بنهه وڏي مشين جيتري ڪيمرا جي گهرج به نه پوندي، اڄ ڪلهه ڦوٽوگرافيءَ ايتري ته مقبول ٿي وئي آهي جو ان کان سواءِ زندگي جو ڪاروانهوار به مشڪل پيو لڳي، مٿان وري سوشل ميڊيا جي سائيٽس ته ڄڻ ان وڌندڙ شوق کي هُشي ڏيئي ڇڏي آهي، مقبول سائيٽ “ياهو” جي اندازي موجب 2014ع ۾ 880 ارب تصويرون ڪڍيون وينديون مطلب ته دنيا جي هر انسان جون 123 تصويرون ڪڍيون وينديون!! پنهنجي تصويرن کي سوشل سائيٽس تي رکڻ ته عام ڳالهه آهي پر ان ۾ جدت “سيلفي” تصويرن سان اچڻ لڳي آهي، “سيلفي” تصويرن مان مراد اهڙيون تصويرون آهن جيڪي بنا ڪنهن جي مدد سان ڪيمرا جو رخ پاڻ ڏانهن ڪري ڪڍيون وڃن ۽ موبائيل فونن جو رواج عام ٿيڻ کان پوءِ سيلفي جو رواج ايترو ته وڌيو آهي جو آڪسفورڊ ڊڪشنري سيلفي لفظ کي Word of the Year قرار ڏنو هو، آڪسفورڊ موجب سمارٽ فون يا ويب ڪيم سان پنهنجو پاڻ جي ڪڍيل اها تصوير جيڪا ڪنهن سوشل سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وڃي اها سيلفي چورائيندي آهي. پنهنجي تصوير ڪڍڻ جو رواج پراڻو هوندو پر ان عمل کي سيلفي جو 2002 ۾ ان وقت مليو جڏهن آسٽريليا هي هڪ اخبار اهو لفظ استعمال ڪيو ، ان عمل کي وڌيڪ شهرت ان مهل ملي جڏهن آمريڪي صدر اوباما نيلسن منڊيلا جي آخري رسمن دوران برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون ۽ ڪينيڊين سربراهه هيلي ٿورنگ سان موبائيل تي سيلفي ڪڍيو ۽ ٽيوٽر تي ان کي اپلوڊ ڪيو جنهن کي ٽوٽر تي لکين ماڻهن ڏٺو پر ان کان به وڌيڪ شهرت هالي وڊ جي اسٽارز جي ان سيلفي کي شهرت ملي جيڪا مزاحيه اداڪار ايلن ڊي جينيرس پنهنجي فون تي 86 هين آسڪر ايوارڊ جي تقريب ۾ تقريب شروع ٿيڻ کان ڪجهه لمحا پهرين اپلوڊ ڪئي ۽ صرف 40 منٽن ۾ ان تصوير کي 20 لک ڀيرا ري ٽيوٽ ڪيو ويو ته هڪ وقت اهڙو به آيو جو ان سيلفي جي ڪري ٽيوٽر جي سروس به لوڏو کائي وئي هئي!
    سيلفي جي وڌندڙ رجحان جو اندازو ته ان مان ئي ٿي وڃي ٿو ته موبائيل فوڻ ڪمپنين سيلفي لاءِ خصوصي فون متعارف ڪرائڻ شروع ڪري ڏنا آهن، پر انهي عمل جو هڪ خطرناڪ رُخ اهو به آهي ته سيلفي جا شوقين خطرناڪ جاين تي پنهنجا يادگار سيلفي ڪڍندي جان جي به پرواهه ناهن ڪندا، اهڙا بيشمار واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ سيلفي ڪڍندي شوقين پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن ۽ انهن جي پاران ڪڍيل سندن پنهنجو ڦوٽو سندن حياتي جو آخري ڦوٽو ثابت ٿيندو آهي. جيئن آمريڪي شهر روچسٽر جو 27 سالن جو مشهور پاپ سنگر جيڊيل جي موٽر سائيڪل، جيڊيل پاران پنهنجي چاهيندڙن جي لاءِ سوشل سائيٽ تي تصوير اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ، ڪار سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ جيڊيل شديد زخمي ٿي پيو کيس اسپتال پهچايو ويو پر سندس حياتي بچي نه سگهي، حادثي کان ڪجهه گهڙيون ڪڍيل سندس سيلفي سوشل سائيٽ تي اپلوڊ ڪيل سندس آخري تصوير ثابت ٿي.
    ميڪسيڪو جو 21 سالن جو نوجوان اوسڪر اوگيلو کي هٿيارن سان تصويرون ڪڍرائڻ جو شوق هو پر هٿيار سان سيلفي ڪڍڻ جي شوق ۾ سندس حياتي وئي هلي، اوسڪر پنهنجي نئين بندوق سان سيلفي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اوچتو بندوق ڇُٽي وئي ۽ اوسڪر جي مٿي ۾ گولي لڳي جنهن سان هو هو موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ سندس ڪڍيل سيلفي آخري تصوير ثابت ٿي.
    ساڳئي طرح پولينڊ سان تعلق رکندڙ جوڙو پنهنجي موڪلن جي ڏينهن ۾ پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ پرتگال جي جابلو سلسلي جي مشهور چوٽي ڪوبا دا روڪا ڏانهن گهمڻ ويو ۽ انوکيون تصويرون ڪڍڻ لاءِ جابلو سلسلي تي لڳايل حفاظتي ديوار کان اڳتي نڪري پنهنجا گڏيل سيلفي ڪڍڻ لڳا ان دوران اوچتو سندن پير ترڪي ويو ۽ هو اونهي سمنڊ ۾ وڃي ڪريا جتان سندن لاش ٻئين ڏينهن هٿ آيا سندس پنجن ۽ ڇهن سالن جي معصوم ٻارن کي پولينڊ اختيارين حوالي ڪيو ويو.
    ميڪسيڪو جي ڪيرن هرنانڊز جي ڪوشش هئي ته هو پنهنجي تصوير ايل ٽنل درياءَ جي بلڪل ڪپر تي ڪڍي پر سندس توجه تصوير ڏانهن هجڻ سبب سندس پير سلپ ٿي ويو ۽ هو درياءَ جي اونهي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. ايران جون ٻه ساهڙيون گاڏي هلائيندي گانا ڳائي ريڪارڊنگ ڪرڻ ۾ ايتريون ته مشغول ٿي ويون جو انهن کي اهو به احساس نه رهيو ته ڪو هو گاڏي هلائي رهيون آهن نتيجي ۾ سندن ڪار حادثي ۾ تباهه ٿي وئي ۽ ٻئي شديد زخمي ٿي پيون پر خوشقسمتي سان سندن حياتي بچي وئي.
    اسپين سان تعلق رکندڙ 21 سالن جي نوجوان کي ريل گاڏي جي ڇت تي چڙهي پنهنجو ڦوٽو ڪڍڻ جو شوق ٿيو کيس اها خبر نه هئي ته بيٺل ريل گاڏي جي مٿان لگهندڙ تارن ۾ ڪرنٽ هوندو آهي، تصوير ڪڍندي هو بجلي جي تار سان ٽڪرائجي ويو ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويو. تازو يوڪرائين ۾ ميزائيل لڳڻ سبب تباهه ٿيل ملائيشين جهاز MH-17 جي فوت ٿيل 298 مسافرن ۾ نيڌرلينڊ جو گري سلوڪ ۽ سندس ماءُ پيترا به شامل هئا جيڪي مائٽن سان ملڻ لاءِ ڪولائمپور وڃي رهيا هئا، جهاز تباهه ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ ۾ هنن پنهنجي سيلفي ڪڍي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي جيڪا سندن حياتي جي آخري تصوير ثابت ٿي.
    مشهور پاپ ڳائڻي جيني ريويرا پنهنجي ڇهه ساٿين سان گڏ پنهنجي ذاتي جهاز ۾ 28000 فٽ بلندي تي هوندي پنهنجي سيلفي سوشل سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي ۽ ڪجهه ئي گهرين ۾ سندس جهاز فني خرابي جي ڪري ڪري تباهه ٿي ويو ائين سندس اها تصوير زندگي جي آخري تصوير ثابت ٿي. 32 سالن جي سانفورڊ پنهنجي ڪار جي ٽيپ ريڪارڊر ۾ گانا ٻڌندي ڊرائيونگ ڪري رهي هئي، کيس گانو پسند اچي ويو ۽ پنهنجي خوشگوار موڊ جي سيلفي ڪڍي فيس بڪ تي اپلوڊ ڪري لکيائين ته خوشي جا گانا مونکي به خوش ڪندا آهن! پر ان تصوير جي اپلوڊ ٿيڻ کان هڪ منٽ پوءِ سندس ڪار جو حادثو ٿي ويو ۽ سانفورڊ موقعي تي فوت ٿي وئي. 17 سالن جي روسي ڇوڪري شينا ٽيهه فٽ اوچي ريلوي پل تي رات جو بيهي سيلفي ڪڍڻ جي چڪر ۾ ڪري تارن ۾ وچڙي مري وئي، شينا کي ريل جي لائيٽ سان گڏ ڦوٽو ڪڍڻ جو شوق جاڳيو جنهن کي ڪڍڻ لاءِ هو ريلوي پل تي چڙهي وئي پر توجه ڪئميرا ڏانهن هجڻ جي ڪري هو اتان ڪري پئي ۽ تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري فوت ٿي وئي. ائين ئي آمريڪي رياست مسوري جي ڪالٽ پنهنجي ساهيڙي ايشلي سان گڏ هفتيوار موڪل ملهائڻ لاءِ پنهنجي ڪار تي وڃي رهي هئي ان دوران هنن پنهنجي سيلفي ڪڍي سوشل سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي پر اوچتو سندن ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن ۾ ڪارٽ موقعي تي مري وئي ۽ ايشلي شديد زخمي ٿي پئي. سيلفي ڦوٽو ڪڍندي اهڙا انيڪ واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ شوقينن جون جانيون ويون هليون آهن پر انهي شوق ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي.
    نيشنل گيلري آف آرٽ واشنگٽن جي ڦوٽو گرافي جي شعبي جي منتظم سارا ڪينل چواڻي ته سندس خيال آهي ته سيلفي پنهنجو پاڻ سان لڳاءُ کي ظاهر ڪن ٿا اهي عم اهي ڪن ٿا جيڪي پنهنجو پاڻ کي وڻن ٿا هن موجب سيلفي اها تصوير آهي جنهن ۾ ڪئميرا جو رخ پنهنجو پاڻ ڏانهن هجي. ٻي پاسي نفسياتي ماهر سيلفي کي دماغي خلل جو نالو ڏيندي به نه پيا ڪيٻائين. آمريڪين سائڪيٽرڪ ايسوسي ايشن موجب سيلفي دماغي خلل آهي جنهن جي ٽي درجا آهن پهرين درجي ۾ ڪو ماڻهو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا پنهنجي تصوير ڪڍي پر ان کي سوشل سائيٽ تي اپلوڊ نه ڪري ٻئين درجي ۾ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا کان وڌيڪ دفعا پنهنجي تصوير ڪڍي ۽ هر ڀيري سوشل سائيٽ تي اپلوڊ ڪري ۽ ٽيون درجو اهو آهي ته ڪو ڏينهن ۾ 6 ڀيرا پنهنجي تصوير ڪڍي ۽ هر ڀيري اها تصوير سوشل سائيٽ تي اپلوڊ ڪري، ماهرن موجب هن دماغي خلل جو اڃان تائين ڪو علاج طئي ناهي ٿي سگهيو.
     
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽرن بلڪل درست فرمايو آهي .... ماڻهو حد کان وڌيڪ نفسياتي مريض ٿيندا وڃن .... اها چريائپ جي حد آهي جو ريل مٿان چڙهي وڃي ۽ تصوير جي شوق ۾ خبر ئي نه پوي ....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄڪلهه ڌارين مُلڪن ۾ سيلفي جو رُجحان تمام گهڻو آهي. تازو انڊيا ۾ هڪ واقعو ٿيو جنهن ۾ همراهه سيلفي جي چڪر ۾ ٽي رڪاوٽون ٽپي وڃي هيٺ ڪريو جتي هن کي چيتي ماري وڌو.
    پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ گهٽ آهي. جڏهن ته شهرن ۾ سمارٽ فون عام جاين تي استعمال نه ٿا ڪري سگهجن جو پوءِ ان جي بچڻ جا چانس نه ٿا رهن. يونس هڪ اهم موضوع تي قلم کني ان سان پورو انصاف ڪري ڪمال ڪيو آهي. واهه!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظورعلي هاليپوثو

    منظورعلي هاليپوثو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 فيبروري 2017
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    ماسٽر ٽرينر تعليمي ادارن سان لاڳاپيل
    ماڳ:
    ثلثي
    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو