ائيڊرائيڊ موبائيل تي تصوير نٿي رکي سگھجي ڇا؟ ۽ جيڪر نٿي رکي سگھجي ته ڇو؟

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ راجا راجيندر طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2014۔

  1. راجا راجيندر

    راجا راجيندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2014
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڳوٺ ملڪاڻي شريف، موجوده حيدرآباد
    سنڌ سلامت ڀائيرون اميد ته سڀ چاڪ موج ۾ ھوندو¡

    ڪافي ڏينھن کان ڪوشش ڪريان پيو ته موبائيل تي تصوير اپلوڊ ڪري وٺان، پر بار بار پنھنجي ڪوشش ۾ ناڪام پيو ٿيان، ڪافي دوستن کان پچيم ته اصل ھي ماجرا ڇا آھي؟ پر افسوس جو ڪجھ ته انھن مان سنڌ سلامت تي نه آھن ته ڪجھ وري چون پيا ته ڪن سائيٽس تي اسان موبائيل ذريعي تصوير اپلوڊ نٿا ڪري سگھو، مگر پوري ڳالھ مون غريب کي به سمجھ ۾ نه پئي اچي. ان ڪري سوچيم پڇھڻا نه منجھڻا، سو توھان کي نھايت نماڻو عرض آھي ته ائيڊرائيڊ موبائيل تي تصوير اپلوڊ ڇو نه پئي ٿئي؟ ڇا واقعي ائين آھي جئين مان سوچان پيو ته تصوير موبائيل ذريعي سنڌسلامت سائيٽ تي اپلوڊ نٿي ٿي سگُُھي؟ جيڪڏھن واقعي ائين آھي ته سنڌسلامت جي انتظاميا کي گذارش آھي ته توھان ان ڳالھ جو حل ڪڍو جئين سنڌسلامت ھلائيندڙ سنڌين کي وڌيڪ آساني ٿي سگھي....¡¡¡
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي شڪايت بجاءِ آهي.. ان سلسلي ۾ ڪم هلندڙ آهي... اپڊيٽ آڻڻ کان پوءِ اطلاع موڪلبو.. :)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو