قانون جي نظر ۾ لفظن جي معنى ۽ مفهوم جي اهميت .

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دنيا جي هر قانون ۾ لفظن جي معنى ۽ مفهوم کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي . ڪٿي ڪٿي ته اها معنى بينالاقوامي طور تي ساڳي يا هڪ جهڙي هوندي آهي ،پر ڪڏهين ڪڏهين لسانيات جا ماهر۽ قانوندان يا عدالتون پنهنجي پنهنجي سوچ ويچار مطابق يا ڪي مخصوص مطلب حاصل ڪرڻ خاطراهڙن لفظن جي معنى ۽ مطلب ڪڍي فيصلا صادر ڪنديون آهن .ڇاڪاڻ ته بهترين ادبي ٻولين يا زبانن ۾ ڪنهن هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون يا مطلب هوند آهن ته ،ڪنهن مطلب يا معنى جي لاءِ ڪيترائي لفظ موجود هوندا آهن . پوءِ هر قانوندان پنهنجي حق ۾ فيصلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙين معنائن جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن .
    اهڙين ڪوتاهين کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهين ڪڏهين ته هر قانون جي ڪتاب يا پاس ڪيل ايڪٽ يا نافظ ڪيل آرڊينينس جي شروعات ۾ اهڙن لفظن جي تشريح ڪئي ويندي آهي يا مطلب ڏسيو ويندو آهي .
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو