پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

'وي بليٽن سکيا' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا دوستو ڀائرو ڀينرو ​


    دوستو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته سنڌ سلامت فورم تي هي سڪيشن سنڌ سلامت سکيا ، نون دوستن کي سکيا ڏيڻ لا۽ رکيو ويو آهي اڄ مان ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي اوهان کي اڄ سنڌ سلامت فورم تي پنهنجي تصوير پروفائيل ، اوتار ۾ محفوظ ڪرڻ بابت ڄاڻ ڏيندس ،

    سڀ کان پهريائين ته توهان کي رڪن جو ڪنٽرول پينل تي ڪلڪ ڪرڻي آهي

    [​IMG]

    توهان جيئن ئي رڪن جي ڪنٽرول پينل تي ڪلڪ ڪندا ته توهان جي اڳيان هي پيج اچي ويندو هاڻي توهان پروفائيل ۾ شامل تصوير جي ترميم تي ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]

    هاڻي وري توهان جي اڳيان هي سنڌ سلامت فورم جو هي پيج موجود هوندو جيئن ته هن ۾ توهان کي ٻه آپشن ملندا ته توهان پنهنجي پروفائيل ۾ شامل تصوير کي ڪنهن ٻئي سائيٽ تي اپ لوڊ ڪري هتي صرف ان جو توهان يو آر ايل ڏئي سگهو ٿا
    آپشن نمبر ٻه توهان پنهنجي ڪمپيوٽر تي موجود ڪا به تصوير کڻي سگهو ٿا هاڻي اها توهان جي مرضي ۾ شامل آهي ته توهان کي ڪهڙو آپشن ٿو پسند اچي هاڻي توهان ڪا به تصوير ڪمپيوٽر تان يا وري ان جو يو آر ايل ڏئي ڪري تبديليون محفوظ ڪريو جي بٽن تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو

    [​IMG]

    دوستو هاڻي توهان ڏسندو ته توهان جي تصوير پروفائيل ۾ اپ لوڊ ٿئي چڪي آهي (هي تصوير مون جي پروفائيل ۾ مون جي استاد محترم جي آهي :D:D:D ) بس اهڙي ئي نموني سان توهان وري پنهنجي اوتار ۾ به پنهنجي تصوير اهڙي ئي نموني سان ڳنڍي سگهو ٿا ڏسو هي اسڪرين شاٽ

    [​IMG]

    دوستو هاڻي توهان تصوير جي ترميم تي ڪلڪ ڪريو

    ته توهان جي اڳيان وري ساڳئي ئي طرح جو پيج اوپن ٿيندو ته توهان پنهنجي تصوير کي يو آر ايل جي ذريعي تان ڳنڍڻ چاهيو يا وري ڪمپيوٽر تان تا ڪا تصوير ڳنڍڻ چاهيو اها ته هاڻي توهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته توهان اها تصوير ڪمپيوٽر تان ٿا کڻو يا وري ڪنهن سائيٽ تي تصوير اپ لوڊ ڪري ان جو يو آر ايل ٿا ڏيو پو۽ تبديليون محفوظ ڪريو جي بٽن تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو (ڏسو ااسڪرين شاٽ )

    [​IMG]

    بس بس هاڻي توهان جو ڪم ختم ٿيو هاڻي توهان واپس اچي ڪري ڪا به ريپلائي ڪري پنهنجي تصوير يا اوتار ڏسي سگهو ٿا ۽ رڪن جي ڪنٽرول پينل ۾ وڃي ڪري توهان پنهنجي پروفائيل تصوير به ڏسي سگهو ٿا .


    صرف دعا ۾ ياد
     
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    مون کي نظر ڇو نٿي اچي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    ادا توهان جيڪا تصوير اپ لوڊ ڪيو ٿا اها ڪمپيوٽر تان ٿا اپ لوڊ ڪيو يا وري يو آر ايل تان ، ٻيو ته توهان جي پڪچر جي سايئز ڇا آهي ؟
    ان جو وضاحت ڪندا ته جيئن توهان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي
    سدائين گڏ
     
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    جي مان ڪمپوٽر مان اپ لوڊ ڪئي آ..128x160 پرسنل ۾ شو ٿي رهي آ پر ريپلي ۾ شو ن ٿي ٿئي؟؟؟
     
  5. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    ناصر ڪهڙا حال اٿئي؟
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    ڀائڙي وقار ، پنهنجي سهڻي تصوير به هڻي ڇڏي آهي ۽ باقي ادو وسيم ڏسجي ته ڪڏهن ٿو ڪامياب ٿئي؟
    <:p
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    مٺڙا وسيم

    سڀ کان پهريائين ته توهان مون کي اها ڳالهه اڃان تائين نه سمجهائي سگهيا آهيو ته توهان پنهنجي تصوير پروفائيل ۾ ٿا هڻڻ چاهيو يا وري اوتار ۾ :D:D:D
    جيڪڏهن توهان پنهنجي تصوير پنهنجي پروفائيل ۾ ٿا هڻڻ چاهيو ته اها تصوير توهان جي ريپلائي ۾ ظاهر نه ٿيندي :-j:-j:-j جيڪو يوزر توهان جو پروفائيل چيڪ ڪندو ته اها تصوير ان کي نظر ايندي ۽ ان تصوير کي توهان 100 *100 جي درميان رکي سگهو ٿا ،

    ٻيو ته توهان جيڪڏهن چاهيو ٿا ته توهان جي تصوير توهان جي ريپلائي ۾ ظاهر ٿئي ته توهان کي تصوير جي ترميم ۾ اچي ڪري 80*80 سائيز جي تصوير تقريبن 19.5 ڪلو بائيٽ تي مشتمل هجي انکي توهان اپ لوڊ ڪندو ته توهان جي تصوير توهان جي ريپلائي ۾ شامل ٿئي ويندي .

    ادا سائين مون کي هاڻي اميد آهي ته توهان مون جي سمجهايل ڳالهه سمجهي ويا هوندا
    سدائين گڏ
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    سائين تصويرن سان بهترين سمجهاڻي آهي
    مهرباني
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا

    سدائين گڏ
     
  10. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    OK g. مهرباني........*
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    مبارڪون مبارڪون

    ادا وسيم

    تمام خوبصورت اوتار لڳائڻ تي توهان کي مبارڪون هجن

    سدائين گڏ
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    ادا وقار ،

    ناصر ته توهان کي جواب ڪو نه ڏنو آهي :)):)):)):))
    پر ان جي بدران مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته مان هاڻي هال ڊهرائي ڪمرا ٺهرايا آهن :d:d:d:d
     
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    فقير سائين اوهان جو اهڙيون ڪاوشون سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڏسي ڪري اسان موٽي آيا آهيون۔۔۔۔ ڪافي عرصي کانپو ايترو وقت مليو آهي جو اوهان جهڙي پرين پياري فقير جي تحرير ۾ ريپلائي ڪري رهيو آهيان۔۔۔ اوهان جون خدمتون ۽ ڪاوشون سدائين سنڌ سلامت جو ڳاٽ اوچو ڪنديون۔۔۔۔ لگي رهو مُنا بهائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    فقير سائين رابطي ۾ ته رهندا ڪريو اصل وساري ڇڏيو اٿوَ
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    ادا زاهد مخدومي! رب توکي سلامت رکي، محترم فقير سائين هال ڊهرائي ڪمرا ٺهرايا آهن، هاڻ سندس لفٽ وٺڻ ڪجهه ڏکيو آهي ۔۔۔۔\:d/
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    ادا سائين هي ٿريڊ مان نون دوستن جي ضرورت کي ڏسي ڪري هڪ ننڍڙي ڪو
    شش ڪئي توهان دوستن کي هي ٿريڊ پسند آيو توهان جي مهرباني ادا

    ادا زاهد توهان کي وسارڻ اهو ممڪن ئي ناهي پر هڪ دفعي ادا رشيد ٻڌايو هيو ته فقير زاهد سان رابطي جو ڪوشش نه ڪجا۽ حال فلحال ڇو جو همراه پاڻ ٽريننگ سينٽر ۾ ڪُڪُڙ لڳو پيو اٿئي وري جو تون جو ڪال ويس ته همراه جو خيئر ناهي سو يار توهان کي ڪُڪُڙ ٿيڻ کان بچائڻ خاطر اوهان کي ڪال نه پئي ڪيم :d:d:d
    باقي ڪا اهڙي ڳالهه ناهي =))=))=))=))


    :)):)):)):)):))
     
  16. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    هل ابا فقير۔۔۔۔ لڳي ٿو سائين نثار ابڙو جن صحيح ڳالهه ڪئي جو اوهان به مُرڪي پيا آهيو۔۔۔ مهرباني فقير سائين اوهان اسان کي ڪُڪَڙ ٿيڻ کان بچايو نه ته اصل اهي ته وڏي جلاد قسم جا ماڻهو هئا اصل اسان جون ته موبائيلون به ضبط ڪري رکندا هئا۔۔۔ پو يار پنهنجي ته خبر اٿئي پاڻ آهيون فقير بس انهن کي مڙئي ميڙون منٿون ڪري موبائيلون ورائي وٺندا هئاسين۔۔۔۔ اصل فقيري رنگ وانگر ابا ڏيندين ته ڀلو ٿيندين نه ته الله سائين ڪندو ته ۔۔۔۔۔۔۔؟ اصل ائين چئي ڪري پو ئي موبائيل واپس ملندي هئي نه ته اصل واپس ڏين ئي ڪونه ۔۔۔۔۔ فقير سائين اسان جي استادن کي به خبر پئجي وئي هئي ته هي به ڪو وڏي فقير جو شاگرد آهي۔۔۔۔ سو قبلا سائين جن جا استاد ڪامل ۽ رهبر هجن ته پو انهن کي ڪهڙيون تڪليفون اينديون۔۔۔۔ استاد فقير ڦلپوٽو سائين
     
  17. هوش محمد

    هوش محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Software Engineering Student
    ماڳ:
    Hyderabad till may 2011, now at Karachi
    ادا فقير سائين۔
    منهنجي تصوير منهنجي ڪنٽرول پينل ۾ نظر اچي پئي پر اپلوڊ ٿيڻ مهل اپلوڊ فيل جو ميسيج پيو اچي۔ مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا۔

    تمنا دردِ دل جي اٿئي ته ڪر خدمت فقيرن جي
    نه ملندو آ اهڙو گوهر اميرن جي خزانن ۾
     
  18. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    فقير سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان دوستن کي بهترين ڄاڻ‌ ڏني ۔ الله تعالى‌ جي علم و عزت ۾ اضافو فرمائي۔
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!

    فقير سائين اسانجي دوست هوش محمد جي تصوير نٿي اپلوڊ ٿئي، مهرباني ڪري ڪجهه ڪريو ۽ ادي هوش محمد جي تصوير اپلوڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪريو ۔۔۔

    ادا هوش محمد اوهان پنهنجي تصوير جي سائيز ڪجهه ننڍي ڪري اپلوڊ ڪريو، ممڪن ڪم ٿي وڃي۔ باقي فقير ڦلپوٽي جي نالي ته ڊبل ڪلڪ ڪري کيس ذاتي پيغام موڪليو ته جيئن دوست حاضر ٿيندو ته اوهانجي ضرور مدد ڪندو ۔۔۔ آهي فقير پر ڪم سخين وارا اٿس ۔۔۔
     
  20. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفائيل ، اوتار ۾ پنهنجي تصوير ڪيئن محفوظ ڪجي !!!!


    ادا توهان جيڪا اوتار جي سائيز ڏنل آهي ان سائيز مطابق تصوير اپ لوڊ ڪريو انشالله ٿئي ويندي

    جي اڃا به نه ٿئي ته ان ايرر جو اسڪرين شاٽ وٺي موڪليندا ته جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو