1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

درٻاري ڪلچر

'راءِ شماري' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    410
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    درٻاري ڪلچر

    مان بنيادي طور هڪ سياسي ورڪر/سنڌ شيوڪ آهيان، مان سياسي عمل سان سماج ۾ عدم تشدد جي اصولن تي ڪاربند رهندي ردوبدل جو طرفدار ۽ ساکي آهيان. هڪ سچيت سياسي ورڪر جي نسبت سان ادب ۽ فڪر کي سياسي عمل جو لازم ۽ ملزوم حصو ليکڻ سان گڏوگڏ ادب ۽ فڪر کي ٻه پور وڇوٽيون (Parallel Lines) ۾ سمجندو آهيان. انهن ٻنهي پُور وڇوٽين جو ڪڏهن به پاڻ ميلاپ/سنگم ٿيڻ عام رواجي ڳالهه ڪانهي. ڇو ته ادب ۽ فڪر هڪ پاسي پيڙهيل انسانن، طبقن ۽ قومن جي سماجي ردوبدل ۾ بنيادي عنصر ڇوهائي (Catalyst) جو ڪم ڏيندو آهي. ته ٻئي پاسي ادب جي ٻي پور وڇوٽي وقت جي حاڪمن آڏو سربسجود ٿيڻ ۽ قلم ۽ علم کي تين وال ڪرڻ جو اڻ وڻندڙ ڪم ڪندي آهي. انهن سربسجود ٿيندڙن ۾ کوڙ ساريون عظيم هستيون آهن جن کي اپ کنڊ جي ساهت ۾ هڪ خاص جاءِ حاصل هجي ٿي.
    مان هتي اوهان کي اپ کنڊ جي ٻن مانائتين هستين جو ذڪر ضروري سمجهان ٿو. انهن مان هڪ ”طرطي هند“ امير خسرو آهي جيڪو نظام الدين اولياءَ جهڙي آرماڙ صوفي جو پوئلڳ ۽ هندي /اردو شاعر جو روشن باب هو. ان هوندي به امير خسرو اقتدار ۽ درٻار جي ڏس ۾ پنجن بادشاهن جو درٻاري رهيو، مرزا غالب، مئي نوشي جي ڪارڻ سڄي ڄمار غربت ۽ عسرت ۾ گذاري، جڏهن مرزا غالب کي غربت جو ڀوت ڏند ڪرٽيندو هو ته مالي سهڪار/وظيفي ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ مغل حڪمران بهادر شاھ ظفر (آخري حڪمران) آڏو هيٺيون شعر لکي وڃي حاضر ٿيو هو.
    آپ ڪا بنده اور ڦرون ننگا
    آپ ڪا نوڪر اور کائون اُڌار

    مرزا غالب، حال حيات هو ته مغلن جي اقتدار جو سج لهي ويو. بهادر شاھ ظفر کي به جلاوطني جي شڪل ۾ رنگون ۾ دفن ٿيڻ لاءِ ٻه گز زمين جا نصيب ٿيا. مغلن جي زوال کان پوءِ به غالب جي غربت ۾ گهٽتائي ڪا نه آئي. ان ڪري پاڻ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ معمولي آفيسر نيل بيلڊن ڏانهن لکت ۾ هيٺيون قصيدو اماڻيو.
    حيف باشد ڪه از الطاف تو ماند محروم
    هموچن بنده ديرين ونمک خوار کهن.

    (حيف آهي ته مون جهڙو پراڻو ٻانهو ۽ نمڪ خوار تنهنجي مهرباني کان محروم رهجي وڃي)
    انهيءَ صورتحال کي ذهن ۾ رکندي پاڻ سنڌ ڏانهن اچون ٿا. ايئن چوڻ ۾ هروڀرو ڊيگهه پٽاڙ ڪانه ٿيندي ته وقت جي حڪمرانن آڏو سيس نوائڻ جو ڪم هتي ڪو نه رهيو آهي. سنڌ مرڳو سڄي سرهاڻ لڳي پئي آهي. اسان جي ماضي ۾ ٻه اهم نانءَ آهن. قاضي قادن ۽ محمد هاشم ٺٽوي، ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته اهي ٻئي ماڻهو علم ۽ ادب جي آسمان جا جرڪندڙ تارا هئا ۽ آهن. پر ڌارين جو درٻاري بڻجي سنڌ جي ڀانسار ۾ اڇلائڻ جو اڻ وڻندڙ ۽ راڄ ڊوهي ڪم به انهن جي وهي کاتي ۾ داخل آهي. اڄ دنيا ۾ مخدوم معين ٺٽوي، دولهه دريا خان، ميان مير سنڌي ۽ شاهه عنايت کي وڌيڪ عزت ۽ احترام لائق سمجهيو وڃي ٿو.
    اسان هن ملڪ ۾ سياست، ادب ۽ سماج جي کيتر ۾ سٺ ورهين کان به مٿي سفر جهاڳي چڪا آهيون. اوهان کي ياد هوندو ته چار ڏهاڪا پوئتي سنڌ جي سياست ۽ سماج ۾ اٿل پٿل ۽ مهاڏو اٽڪائڻ جو سلسلو اسان جي اديبن، دانشورن ۽ سياسي ڪارڪنن شروع ڪيو هو. انهيءَ جدوجهد جي زماني ۾ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن، سان ” شام ملهائڻ“ جو رواج عروج تي هو. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ پذيرائي شيخ اياز کي ملي هئي، رد عمل ۾ وقت جي حڪمرانن اياز جي وڏن شهرن ۾ آمد تي بندش هنئي پر کيس بنديخانن جو منهن ڏسڻو پيو. اياز وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندي هيئن به چيو هو.
    ٿا ڀاري تنهنجا برُج لڏن
    تون هيڻو آ هٿيارن سان،
    مان ڏوهي آ مان ڏوهي آ

    يا
    تون منهنجا گيت ڳنهي سگهندي آمر
    لاشڪ اياز پنهنجي ايام ڪاري ۾ غلطيون به ڪيون. پر اياز جي شاعري ۾ اڄ به لکنئو جي مُجرن ۽ بُڙڪا ڏيندڙ حقي جي ڌپ ڪانهي. بقول فيض جي ته سندس شاعري ساغر و مينا جي دست نگر هجي ٿي ۽ اياز جي شاعري ۾ وطن جي محبت ۽ وابستگي جون پاڙون کتل هيون، ايئن شيخ اياز کان وٺي محمد ابراهيم جوئي، آغا سليم، امر جليل، طارق اشرف، سراج، غلام نبي مغل، ظفر حسن، ابن حيات پنهور، م-ع ڏيپلائي، ع ق شيخ، نسيم کرل، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، نياز همايوني، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي سوڌا کوڙ سارا نئين سنڌ جي اڏاوت جا اهم رهبر آهن. اهو دور پنهنجو وارو وڄائي سنڌ سماج مٿان اڻ مٽجندڙ نانءُ ۽ نقش ڇڏي ويو ايئن- حب الوطني جي دور کان پوءِ نئين سنڌ جي اڏاوت ۽ ردوبدل جو دور سياسي ۽ سماجي ڪوتاهين سبب اڏام ڪري نه سگهيو. ان هوندي به سورن ۽ سنگت جو قافلو هلندو رهيو-
    اڄ جي سنڌ ۾ جيڪي به جيئرا جاڳندا ڪردار ويٺا آهن. سي پنهنجي محنت ۽ پورهئي سبب ”امرتا“ ماڻي چڪا آهن. انهن مان اهم نانءُ محمد ابراهيم جويو، سوڀوگيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، آغا سليم، امر جليل پڻ آهي.
    هونئن سڌريل ۽ مذهب معاشرن ۾ عالمن ۽ دانشورن جو قَدرُ ۽ مانُ ڪيو ويندو آهي. پر ٽن ڏهاڪن کان پوءِ سنڌي سماج ”انفراديت“ پرستي ۽ ڪم نڪتو ڪاڳر ڦاٽو ڪلچر جي ٻه مهين بلا اچي واسو ڪيو آهي. سنڌ ۽ سنڌي سماج ۾ ڪا به مثبت يا هاڪاري ردوبدل آڻڻ ۽ ان ۾ پنهنجو حصو پتي شامل ڪرڻ جي ابتڙ ”سنڌ وطن“ وڪري جو وکر ٿي پيو آهي. اسان جو سياسي ڪلچر جديد جاگيرداريت، (Neo-Feudalism) جي گرداب ۾ ڦاسي پيو آهي. اهڙي ريت سنڌي ڪلچر جي واڌاري ۽ ترقي جي نالي ۾ خوشامند ۽ درٻاري ڪلچر کي هٿي ملي آهي. ان جو نتيجو سامهون اچي بيٺو آهي ته سنڌي آفيسر/سنڌي ڪامورو، ماضيءَ جي سنڌي سماج ۾ روشن خيال ۽ دردمند دل رکندڙ هو، ان جي جاءِ تي اڪثريت، اهليت يا قابليت نه پر خوشامد ۽ درٻاري ڪلچر جي پوئواري ڪندڙن جي اچي وئي. اسان جي سياسي ۽ سماجي ڪلچر تي اڳـ ۾ ئي جمهوري جاگيردار قبضو ڪري ويٺل هو ۽ ان کي آفيسرن جي سگهه ۽ اختيارن جي خبر پئي ته اهي اقتدار ۾ نه هوندي به سدائين ساوا ۽ باغ بهار آهن ته انهن کي جهڪڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان خوشامدي ۽ درٻاري ڪلچر سنڌ جي سڀني ادارن کي بشمول ڪلچر ڊپارٽمينٽ“ کي اڏوهي وانگر کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته:
    جتي هنجن ۽ مورن جا آکيرا هئا
    ويچارو ولي داد چوي
    اتي ڪانگن، ڪانگيرا ڪيا.

    ماضي ۾ ڪنهن به کاتي جا وزير باتدبير آزاداڻي سوچ ۽ ساڃاھ رکندڙ هئا. ڇو ته انهن کي، پارٽين ۽ عوام وٽ حساب ڪتاب به ڏيڻو پوندو هو. پر ايڪيوهين صديءَ ۾ سياست ۽ سياسي عمل ميڊيا جو محتاج ٿي پيو آهي. اسان جا اڳواڻ ۽ معتبر ميڊيا وسيلي لٻاڙون، ڊگها واعظ ۽ ڊاڙون هڻڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن. بيمار اديبن جي سهائتا جو نيڪ ڪم يعني چيڪ ڏيڻ جو عظيم ڪارنامو به ميڊيا تي نظر ايندو آهي. مان جڏهن ڪنهن به بيمار اديبن ۽ فڪار کي جهڪيل هٿ سان چيڪ (خيرات) وٺڻ جو لقاءُ ڏسندو آهيان ته ڪنڌ جهڪي پوندو آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    260
    ورتل پسنديدگيون:
    533
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    جنهن وقت رند ٍٍ جهڪائين ٿا سر کي
    ان دور جو فرعون خدا ٿي ٿو وڃي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    236
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    سائين مسيح مگسي صاحب، مان نهايت عاجزيء سان ڪجھ لکان ٿو۰ ڪجھ ته منهنجي طرفان ناچيز صلاحون ۽ منهنجون رايا آهن ۽ ڪجھ توهانجي رهنمائي گهرجي ٿي

    1. گهڻي ادب سان مان اختلاف ٿو ڪيان ته ادب لازمي طور بادشاهن آڏو جهڪڻ تي مجبور نه ٿو ڪري۰ تاريخ ڪيترائي ارڏا اديب پيدا ڪيا آهن۰

    2. کوڙ ساريون اردوء کي سنڌيء ۾ ڳالهائڻ ٿيندو۰ اسان چونداسي کوڙ عظيم هستيون

    3. مئي نوشي جي ڪارڻ جي بدرئون ”مئي نوشي ڪارڻ“ چئبو

    4. واڌارو ڪرڻ لاء جي بدرئون واڌاري لاء لکبو جيئن وظيفي ۾ واڌاري لاء

    5. مان شڪر گذار ٿيندس جيڪڏهن ان باري ۾ منهنجي رهنمائي ڪيو

    6. مان شڪر گذار ٿيندس جيڪڏهن ان باري ۾ به منهنجي رهنمائي ڪيو

    7. انهيء ۾ منهنجو خيال آ ته شيخ اياز جو ڪمال ڪونهي ڇوته شيخ اياز لکنئو جي پيداوار ناهي۰

    8. هجي ٿي يا هجي ٿو اردوء جي ٽرانسليشن آهي۰ سنڌيء ۾ اسان رڳو آهي چونداسي يا هوندي آهي يا هوندو آهي جيئن سندس شاعري ساغر و مينا جي دست نگر آهي


    9. ڀٽي صاحب سماجي جوڙجڪ ۾ وڏي تبديلي پئي آندي۰ وڏن ڪارخانيدارن جا ڪارخانا نيشنلائيز ڪيا ۽ وڏن زميندارن (فيوڊلس، بورجوازين) کان ٻنيون غريبن بي زمين هارين (پيزنٽري، پرولٽريٽس) ڏانهن پئي منتقل ڪيون ۽ وري وڏن زميندارن کي ڪارخانن ڏي پئي وڌايو۰ ڇوته کيس سندس ڪم پوري ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ وري ضيا جي هٿئون سامراجين ان سڄي چرخي کي پوئتي ڦيرايو ۽ انهيء ڪم لاء کين ابن الوقت ماڻهو ئي ڪم اچي سگهيا ٿي تنهنڪري ضيا کئون پوء سياست ۾ اهڙن ماڻهن جي ڀرمار ٿي وئي۰

    10. قابل ماڻهو کي ئي قابل ماڻهو گهربو آ، ابن الوقت خوشامدي سياستدانن نااهل خوشامدي آفيسرن کي ڀرتي ڪيو اڳتي آندو ته جيئن آفيسر کانئن وڌيڪ قابل نه هجي ۽ پوري طرح سندن خوشامد مصروف رهي۰

    11. وزير باتدبير عوام وٽ حساب نه ڏيڻ جي ڪري آذاداڻي سوچ ۽ ساڃاھ رکندڙ نه ھيا پر اھي خوددار هئا ابن الوقت نه هئا تڏهن پنهنجي ماڻهن ۽ علائقي جو خيال رکندا هئا۰ انهن ڏينهن به غلام ذهن ۽ ابن الوقت وزير هيا۰

    12. ادا سياست ۽ سياسي عمل ميڊيا جو محتاج انڪري آهي جو اڄڪلھ سياست ۾ سياستدان جي بدرئون گهڻو تڻو موقعي پرست آهن۰ سياستدان ڪم ڪندو آ ھي ۽ ميڊيا خبر ملڻ لاء سندس ڪڍ هوندي آهي پر هي ماڻهو ڪم ته ڪن ڪون پوء سستي شهرت لاء ميڊيا جي ڪڍ پيا هلندا يا وري ميڊيا کين بليڪ ميل پئي ڪندي۰

    سائين منهنجي طرفئون ڪو رنج پهتو هجي ته معافي ٿو گهران۰
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جنوري 2016
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,194
    ورتل پسنديدگيون:
    5,195
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محمد ع سومرو سائين مان اوهان جي ڳالھ سان سئو سيڪڙو متفق آهيان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    236
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو