ڇا ٿر جي معصوم ٻارن جي ڪوئي واهر ڪرڻ وارو ناهي ؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ اختيار غوري طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2015۔

  1. اختيار غوري

    اختيار غوري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    طالب علم
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    اڄ جي انسان جي اها فطرت رهي آهي ته گلاب جو گل ڪنهن امير جي اوطاق تي هوندو ته اهو مان وارو ۽ خوشبو دار هوندو پر ساڳيو ئي گل ڪنهن غريب جي گھر ۾ هوندو ته ان مان خوشبو بدران ڌپ ايندي آهي، پر هنن کي اها خبر ناهي گل ته گل ئي رهندو،پو ڪٿي به هجي،ساڳيو مثال اسان جي ٿر جي معصوم ٻارن جو آهي جيڪي 3 مهينن جي اندر 303 معصوم جانيون موت جي ور چڙهي ويون آهن، جن کي پنهنجي ملڪ سان گڏ عالمي تنظيمون به نظر انداز ڪري رهيون آهن،
    تازو ئي پشاور وارو واقعيو جنهن ۾ معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويوجيڪو سڄي انسان ذات کي شرمندا ڪندڙ واقعيو هو،ان عظيعت ناڪ واقعي جو صدمو شايد ئي اسان ويساري سگھون،۽ ان جي رد عمل ۾ سڄي ملڪ اندر سرچ آپريشن شروع ڪيا ويا آهن،
    پوءِ ڇا ٿر جي معصوم ٻارن جي ڪوئي واهر ڪرڻ وارو ناهي ؟
    ڇا ٿر جي معصوم ٻارن جي جان جي قيمت ڪجھ به ناهي،ڇا اهي پنهنجي ماءُ پيءُ کي پيارا نه آهن؟
    مان اپيل ٿو ڪيان هر ان انسان کي جنهن جي هٿ ۾ قلم جي طاقت آ ته انصاف ڏياريو وڃي ٿر جي معصوم ٻارن کي ۽ ٿر جي مسطقبل کي، ۽ اپيل ٿو ڪيان سنڌ حڪومت کي ۽ عالمي تنظيمن کي ته خدارا مهرباني ڪري ٿر جي انهن معصوم ٻارن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ترت اپاءُ ورتا وڃن ۽ انهن جي زندگي بچائي وڃي ۽ ٿر جي مسطقبل جي زندگي بچائي وڃي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ثناءُالله سومرو

    ثناءُالله سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺاروشاه ضلع نوشهروفيروز
    اها سنڌ حڪومت جي بلڪل نا اهلي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    فوجين جا 167 ٻار فوت ٿيا سال سادگي سان ملهايو ويو پر ٿر ۾ ڏڪار 300 ٻارن کي ڳرڪائي ويو ڪو به ماتم نه ٿيو.. جيستائين سنڌ جي رهنمائي سنڌ جا پنهنجا مشير وزير نه ڪندا تيستائين اسان لاوارث ۽ نااهل سنڌي سڏائيندي رهنداسين چاهي اسان ڪيتريون به صلاحيتون رکندا هجون ڪنهن به حساب ۾ نٿيون ڳڻجن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا لڳي ٿو حڪومت هي سمجهي رهي آهي ته ٿر پاڪستان جو حصو ئي ناهي اُتي ڪنهن به قسم جو ڪم نٿو ٿئي ايستائين جو معصوم ٻارڻ جي مرڻ جي به انهن کي پرواه ناهي ؟؟؟
    هي مزا وٺي وٺن انهن معصوم ٻارن جو روح انهن ظالمن کان ضرور حساب وٺندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سدیر احمد مهر

    سدیر احمد مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Tiens International
    ماڳ:
    Nagar parkar
    سند حکومت ء کامورا ان جا ذمیوار آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. اختيار غوري

    اختيار غوري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    طالب علم
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    واڪا ڪرڻ مون وس ، باقي اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو