السلام عليڪم سنڌسلامت دوستو. جڏهن توهان EVO يو.ايس.بي استعمال ڪندا هُجو ۽ اهڙي علائقي ۾ رهائش پذير هُجو جتي ايوو جا سگنلز صحيح نه اچن ته پو توهان کي ايوو ۾ اينٽينا لڳائڻي پوندي آهي ته جيئن سگنلز صحيح اچن. ايوو ۾ اينٽينا لڳائڻ لا ايوو جو Connector لڳائڻو پوندو آهي. جيڪو ڪجهه هن طرحو هوندو آهي. ايوو جو ڪنيڪٽر ايترو ته نازڪ هُوندو آهي جو ان کي روزانو چار ڀيرا ڪڍي وري لڳائجي ته ٻه هفتا مس هلندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته تمام جلدي خراب ٿيو وڃي، ان جو صرف اهو حصو خراب ٿيندو آهي جيڪو USB ۾ لڳندو آهي. ته توهان کي اڄ هڪ وڊيو ڏيکاريان ٿو جنهن ۾ اينٽينا جي ڪنيڪٽر کي صحيح نموني لڳائي ۽ مٿان صحيح نموني اليڪٽريڪل ٽيپ ويڙهجي.. ته حاضر آهي وڊيو.. https://www.facebook.com/video.php?v=760688087300299
هيڏي وڏي محنت ... مان هن دفعي ڳوٺ ويس ته اينٽينا وٺيو ويس ۽ ايوو پهريون دفعو ڪم ڪري ڏيکاريو .... پر هي ڪنيڪٽر جو اوهان بلڪل نئون طريقو ڏسيو.
سائين محنت هڪ ڀيرو ڪرڻي پوندي آهي. پو ڪافي وقت ڪنيڪٽر هلي ٿو. ذيشان رشيد توهان وٽ ته 2 ايڪسٽرا ڪنيڪٽر پيل هوندا آهن، توهان به ان طريقي سان سوليوشن ٽيپ لڳايو .
توهان ڳوٺ ۾ عارضي وقت گذاريو هيو.. ايوو اينٽينا جو ڪنيڪٽر هفتي کن تائين صحيح ڪم ڪندو آهي.. جنهن کان پوءِ ان جا ڏندا ويڪرا ٿي ويندا آهن ۽ آخر ٽٽي پوندا.. ڪو به اينٽينا ڪنيڪٽر هڪ مهيني کان وڌيڪ هلي وڃي ته حيرت ٿيندي آهي... هيل تائين مان ايوو کي ڪنيڪٽر سان ڳنڍي الڳ پاور بينڪ سان آن ڪندو آهيان.. ۽ پوءِ ان کي ڇيڙڻ بنا وائي فائي جي ذريعي ليپٽاپ انٽرنيٽ سان ڳنڍيندو آهيان... پر ڊيسڪٽاپ تي وڌيڪ عرصي تائين ڪنيڪٽر کي ڪارآمد بنائڻ لاءِ عبيد طرفان سٺي ٽرڪ ڏسي وئي آهي...
ادا هي سسٽم مون کي سمجه ۾ ڪون پيو اچي ڇو جو مان ايو ڪونه استمال ڪندو آهيان 2 ميهنا اگ مون اي وه ورتو هو پر منهنجي گوٺ ۾ سنگنل جي کوٽ ڪري استعمال نه ڪري سگهيس وري دوڪان واري کي واپس ڪرڻو پيو
جڏهن ڳوٺ ۾ سگنل صحيح نه اچن ته پو توهان کي گهرجي ته ايوو ۾ اينٽينا لڳائي چيڪ ڪريو. جيڪڏهن ايوو اينٽينا تي سگنل صحيح اچن ته پو مٿي اپلوڊ ڪيل وڊيو واري طريقي مطابق پنهنجي ايوو ڪنيڪٽر جي حفاظت جي لا ان مٿان سوليوشن ٽيپ لڳايو. وڊيو اپلوڊ ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته جيڪي دوست ڳوٺن ۾ ايوو هلائيندا هُجن ته انهن وٽ اڪثر ايوو ڪنيڪٽر جو مسئلو پيش ايندو آهي، مسئلو هي هوندو آهي ته ايوو جو ڪنيڪٽر بار بار ڪڍي ٻيهر لڳائڻ سان ان جا ڏند ويڪرا ٿيو پون ۽ پو جلد ئي ٽٽي پوي ٿو. ۽ ايوو جي ڪنيڪٽر جي قيمت تقريبن هڪ سئو کان مٿي آهي، ڪينڪٽر جو خرچ بچائڻ، پنهنجو وقت بچائڻ ۽ ايوو کي صحيح سگنل فراهم ڪرڻ لا اهو وڊيو وارو طريقو ڪم ايندو