مٽياري ۾ ”چونڊ اسلامي مضمون“ ڪتاب جي مهورت واري تقريب

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ ممتاز علي سمون مٽياري طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2015۔

  1. ممتاز علي سمون مٽياري

    ممتاز علي سمون مٽياري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مٽياري ۾ ”چونڊ اسلامي مضمون“ ڪتاب جي مهورت واري تقريب
    رپورٽ: ممتاز علي سمون مٽياري
    مٽياريءَ جي مشهور تاريخي شاهه لطيف لائبريريءَ ۾ سوجهرو پبليڪيشن مٽياري پاران “چونڊ اسلامي مضمون” ڪتاب جي مهورت جي تقريب ٿي گذري. هيءُ ڪتاب مٽياريءَ جي مشهور تعليمي ماهر، علائقي ۾ اسلام جي تبليغي سرگرمين جي اڳواڻ ۽ مٽياري ڪاليج جي باني مرحوم ڊاڪٽر حافظ محمد يوسف ميمڻ صاحب جي مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪو سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ پاران مرتب ڪري ڇپرايو ويو آهي. هن ڪتاب جا ٻه حصا آهن، جن مان پهرئين ۾ مرحوم استاد جي شخصيت ۽ ڪم توڙي مضمونن جي اهميت تي روشني وڏي وئي آهي. هن حصي جي اهم مضمونن ۾ ڊاڪٽر محمد ادريس السندي جو لکيل مقدمو، ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ جو لکيل پروفائل ۽ قاضي مقصود احمد ۽ مولانا عبدالوهاب چاچڙ جون تحريرون خاص طور تي قابل ذڪر آهن. ان بعد ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر حافظ محمد يوسف ميمڻ جا لکيل ڏهه مضمون شامل ڪيل آهن. هن ڪتاب جو نالو ”چونڊ اسلامي مضمون“ رکيو ويو آهي. ڪتاب جي مهورت حڪيم نذير احمد شيخ، پير غلام مجدد سرهندي، محمد رحيم وگهيو، پير بهاءُ الدين سرهندي، حاجي نذير احمد ميمڻ، قاضي مقصود احمد، ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ، انجينيئر ارشاد احمد ميمڻ ۽ سيد بدرالزمان شاهه صاحب ڪئي. هن تقريب کي حڪيم نذير احمد شيخ، پير غلام مجدد سرهندي، پير بهاءُ الدين سرهندي، قاضي مقصود احمد، ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ، حاجي نذير احمد ميمڻ، سيد بدرالزمان شاهه، قاضي سيف الدين، قاضي فضل الله، حافظ بشير احمد ميمڻ، حاجي پرويز احمد خطاب ڪيو ۽ مصنف جي حوالي سان پنهنجن يادگيرين جو ذڪر ڪندي سندس ڪيترن ئي شخصي پهلوئن کي نروار ڪيو ۽ ڪتاب جي اهميت تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ ۽ قاضي مقصود احمد جي محنتن کي ساراهيو. هن موقعي تي پير غلام مجدد سرهندي شاهه لطيف لائبيريءَ ۾ مرحوم حافظ محمد يوسف ميمڻ ڪارنر قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ ان لاءِ پنهنجي پاران ابتدائي طور تي هڪ سو ڪتاب عطئي طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان کان علاوه حڪيم نذير احمد شيخ صاحب پاران پڻ هن ڪارنر لاءِ ڪتابن جو تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. هن تقريب ۾ شهر جي جن ٻين مک ماڻهن شرڪت ڪئي، تن ۾ رحمت الله ترڪ، انجينيئر يار محمد خاصخيلي، انجينيئر مظهر حسين ميمڻ، انجينيئر محمد ابراهيم ميمڻ، عبدالوحيد ڏيٿو، ماستر عبدالرزاق ميمڻ، ايم بچل ميمڻ، محمد صالح ميمڻ، الهڏنو سچاروي، اياز حسين هاشماڻي، الله بخش عباسي، شمس الدين خاصخيلي، سيد فدا حسين شاهه وڪيل احمد ميمڻ، ادا عبدالغفور ملاح، ڊاڪٽر عبدالرئوف ميمڻ، ڊاڪٽر غلام حسين ميمڻ، ڊاڪٽر محمد مقيم ميمڻ، ڊاڪٽر اعجاز احمد کوسو وغيره پڻ شامل آهن. آخر ۾ سوجهرو پبليڪيشن جي انتظاميه جي پاران اهو اهم اعلان ڪيو ويو ته سندن پبليڪيشن جو ايندڙ ڪتاب معروف ليکڪ ۽ مٽياريءَ جي تاريخ تي پهريون ڀيرو جامع تحقيقي ڪتاب مرتب ڪندڙ قاضي مقصود احمد جي ڪتاب ”تاريخ مٽياري“ جو نئون ايڊيشن جلد ئي پڌرو ڪيو ويندو. ان بعد تقريب جو اختتام ڪندي مهمانن جي خاطر تواضع ڪئي وئي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو .....
    اهڙيون سرگرميون وڻنديون آهن.

    عرض آهي ته ٿي سگهي ته ڪتاب جي سافٽ ڪاپي يا سي ڊي هٿ ڪجو، جيئن هي ڪتاب آنلائين به دوستن سان شيئر ڪري سگهجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بهترين ڪاوش ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڏاڍي خوشي ٿي، ڪتاب جو ٽائيٽل شيئر ڪندا ته مهرباني.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    بهترين ڪاوش آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو