اچو ته سن گهمون

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    اچو ته سن شهر گهمون

    خدابخش جويو

    ڀٽ شاهه کان پوءِ سن، سنڌ جو ٻيو اهو واحد هنڌ آهي، جيڪو اسان جي قومي وحدت، ٻڌي ۽ فڪري سڃاڻپ جو مرڪز آهي. سن جي سائينءَ پنهنجي پختي ارادي سان غير مشروط عشق۽ سچائيءَ سان هن شهر کي سنڌ جي سياسي قبلي واري حيثيت ۾ پهچائي ڇڏيو ۽ سنڌ جا ماڻهو جڏهن سن مان سياسي رهنمائي وٺڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا ته سنڌ مٿان ڪافي مصيبتون ٽريو وڃن.
    سن سنڌ جي تاريخي سرزمين ۽ منفرد خطئه زمين تي هجڻ ڪري، هن شهر۽ هن خطي جي تاريخ صدين کان منفرد رهي آهي. شاهه حيدر سنائيءَ جو هيءُ شهر هر دوءَر ۾ وقت جي ظالم قوتن ۽ عوام مخالف ڌرين لاءِارڏائيءَ، خودداريءَ ۽ حوصلي جو مرڪز رهيو آهي. ارغونن غاصبن شاهه حيدر سنائي کي سنڌ جي محب وطن عالم مخدوم بلاول جو ساٿ ڏيڻ تي جلاوطن ڪيو هو. هن خاندان جي هڪ فرد سيد ڇتن شاهه، نادر شاه ابداليءَ جي حملي ۾ غيض و غضب کي هن شهر تان ٽاريوهو. هن ئي خاندان جي عظيم شخص محمد شاهه سنائيءَ جو وجود انگريز سامراجين لاءِاک جو ڪانُ بنيل رهيو. نتيجي طور هنن هتي سيد محمد شاه جي ارڏائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. ۽ هن ئي سرزمين 20 صديءَ جو سڀ کان وڏو محب وطن سياستدان سائين جي ايم سيد پيدا ڪيو. جنهن انگريز سامراج جي تسلط کان سنڌ پرڳڻي کي بمبئي کان ڌار ڪرائي، 1937ع ۾ آزاد سنڌ اسيمبليءَ جو قيام عمل ۾ آندو، جيڪا اسيمبلي اڳتي هلي، پاڪستان جي قيام لاءِ ريزوليشن پاس ڪرڻ جو ڪارڻ بني.

    اڄ جيڪا سن جي سڃاڻپ آهي، اها سائين جي ايم سيد جي ڪري ئي آهي.پر خود سن تاريخ جا ڪيئي دور ڏٺا. ۽ هن شهر کي اهو به شرف حاصل رهيو آهي ته هن هر دور ۾ سنڌ جي ماڻهن جي سماجي، معاشرتي، سياسي، اقتصادي ترقيءَ جي راه هموار ڪندڙ ڪو نه ڪو مسيحا پيدا ضرور ڪيو آهي. سن جي سرمين صدين کان ڪيترين ئي هستين، بزرگن ۽ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. جن پنهنجي، پنهنجي دور ۾ تمام اهم ۽ نمايان ڪردار جهڙوڪ: ڪنهن بهادري ۽ شجاعت، ڪنهن درويشيءَ ۽ بزرگيءَ ته ڪنهن ايمانداري، سچائي ۽ ايمان جي ارادن جي پختگيءَ وسيلي ته ڪنهن سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي ته ڪنهن سنڌي عوام جي خود مختياري، خوشحالي ۽ آزادي لاءِ پاڻ پئي پتوڙي ڪردار ادا ڪري پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي

    سن جي پراڻي تاريخي حيثيت، تمندن ۽ تهذيب، ثقافتي ۽ سماجي توڙي علمي لحاظ کان ڪنهن به طرح ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نه رهيو آهي. سن ۾ اهڙيون شخصيتون به پيدا ٿيون جن هميشه پنهنجي مان، مرتبي عزت ۽ وقار کي قائم رکندي وڏا مثال قائم ڪيا. انهن ۾ ڪن بهادري ۽ شجاعت جا جوهر ڏيکاريا ته ڪن علم جي روشني جي ذريعي پنهنجو نالو قائم ڪيو. ڪن فلاحي ڪمن ۾ ته ڪن سياسي ميدان ۾ اوچو مقام حاصل ڪيو.

    جامع مسجد
    سن ۾ تاريخي جامع مسجد؛ جيڪا شهر جي مرڪزي جڳهه تي آهي، جنهن جو بنياد هجري سال 1290 ۾ پيو ان مسجد جي ابتدائي تعمير حاجي حسن شاهه معروفاڻي ڪرائي. جڏهن سائين جي ايم سيد انجمن المسلمين سن جو بنياد تقريبن 1917ع وڌو. تڏهن مسجد کي وسيع ۽ ڪشادو ڪرايو ۽ انهيءَ مسجد ۾ خطبا ڏيندو هو ۽ مسجد ۾ ماڻهن کي نماز لاءِ آماده ڪندو هو هيءَ اها مسجد آهي جنهن ۾ 3 رمضان 1332هه مطابق 1نومبر 1905ع تي صبح جو سائين جي ايم سيد جو والد سيد محمد شاه روزو رکي تهجد لاءِ 3 بجي جامع مسجد ڏي وڃي رهيوهو ته کيس مسجد جي ڀر ۾ خانداني نفاق ڪري شهيد ڪيو ويو هو. مسجد جو وقت به وقت سائين جي ايم سيد ڪشادگي ۽ وڌيڪ تعمير ۾ دل کولي حصو وٺندو رهيو هو. هن مسجد جي ڪشادي هجڻ جو اهو ثبوت آهي ته سن جي 30000 هزارن جي آبادي واري شهر جي ماڻهن لاءِ مستقل عيدگاهه طور به استعمال ٿيندي آهي. مسجد ۾ عبادت واري جاءِ جي ايراضي 12000 چورس ڦوٽن تي مشتمل آهي. مسجد ۾ عبادت گاه واري حصي کان ٻاهريون ڀاڱون 1927ع کان مڪتب، مدرسي ۽ هاسٽل جي صورت ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ ان حصي ۾ جڙيل ڪمرن کي ديني تعليم واسطي استعمال هيٺ آندو ويندو رهيو آهي. جتي سائين محمد عرس ملاح ڪيترن شاگردن کي ديني تعليم ڏيندو هو. بعد ۾ محمد موسيٰ جويو ان مدرسي کي سنڀاليو ۽ شهر جي ڪيترن ئي شهرين کي ديني تعليم ۽ قرآن شريف پڙهايو هو ان مسجد جو زندگي جي آخري ڏينهن تائين پيش امام به رهيو. سندس ڪيترائي شاگرد آهن جيڪي اڄ به کيس ياد ڪن ٿا.
    سن ۾ شبينه اسڪول
    سائين جي ايم سيد 1926ع ۾ سن ۾ شبينه اسڪول (نائيٽ اسڪول)کولرايو، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي مدرسو، انگريزي ٽي درجا کولرايا.
    ان کان پوءِ 7 مارچ 1927ع تي سائين جي ايم سيد جامع مسجد سن ۾ عربي مدرسو کولرايو. ۽ مولوي محمد صالح سيال دادوءَ واري کي ان جي چارج ۾ رکيو. سائين خود به ان وٽ عربي پڙهڻ لڳو.
    پرائمري اسڪول
    هي اسڪول تمام تاريخي اسڪول آهي. هن اسڪول جي بلڊنگ 1867ع ۾ پهرين پنجن ڪمرن تي مشتمل هئي. ان وقت ان تي 3750 روپيا لاڳت آئي هئي. هيءُ سن شهر جو تمام پراڻو تعليمي ادارو آهي اسڪول جي بلڊنگ 150 سال کان قائم آهي هيءَ بلڊنگ ڪچين سرن سان ٺهيل آهي. ان بلڊنگ کي ميجر ريپئير جي سخت ضرورت آهي. هن اسڪول مان ڪافي شاگرد پڙهي وڏي مانَ ۽ مرتبي تي رسيا. ڪافي انجينئر، ڊاڪٽر به ٿيا.
    هن اسڪول جي ٻارن جي وڌندڙ داخلا سبب 1973ع ۾ شاهه حيدر ايڊيو ڪيشنل سوسائٽي ٻه اضافي ڪلاس روم ٺهريا. ان بعد 1981ع ۾ ان سوسائٽي وري به 2 اضافي ڪمرن کي ٺهرايو. 2002ع ۾ S.M.C جي ورلڊ بينڪ کان ملندڙ اسڪول جي فلاح لاءِ مليل رقم مان ٻه عدد ڪمرا ٺهرايا ويا. هن وقت گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن جي بلڊنگ 11 ڪمرن تي مشتمل آهي. هن وقت سن جي ان اسڪول اندر پارڪ ، باغيچا، ڪمپائونڊ وال، مين گيٽ ۽ تقريبن جي لاءِ هڪ وڏي اسٽيج 50 باءِ 30 پڻ موجود آهي. اهي سمورا ڪم موجوده هيڊ ماستر محترم خليق احمد ميمڻ اسڪول لاءِ مليل فنڊن مان ڪرايا آهن. هي اسڪول سٺن اسڪولن ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ 11 استاد مقرر آهن. موجوده ٻارن جي داخلا جي حساب سان وڌيڪ استادن جي ضرورت اٿس.
    مسجد اسڪول
    مسجد اسڪول جو قيام 19 آگسٽ 1988ع تي ٿيو. ان وقت چار ڪمرا ۽ 38 ٻار ۽ ٻه استاد هئا. جن کي لڳاتار محنت ڪرڻي پئي، جيتوڻيڪ سن ۾ پرائمري اسڪول اڳ ئي هو پر مسجد اسڪول جي استادن ٻارن کي پڙهائڻ ۾ محنت ڪئي، جنهن جي ڪري والدين ۾ پنهنجي ٻارن کي هن اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ ۾ دلچسپي وڌي.
    مسجد اسڪول جو هيڊ ماستر عبدالستار ٺيٻاٺي ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪري ٻارن جي داخلا وڌائڻ ۽ آفيسرن سان ملاقاتون ڪري ٻارن ۽ استادن جا مسئلا حل ڪرائڻ، اسڪول ۾ فرنيچر لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۾ لڳاتار جستجو ڪئي.
    عبدالستار ٺيٻاٺي جو پيءُ استاد عبدالله ٺيٻاٺي پڻ هڪ بهترين استاد آهي جيڪو هن وقت رٽائرڊ آهي ۽ سن ۾ حڪمت جو ڪم ڪندو آهي. عبدالستار مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد روزگار واسطي رازڪو ڪم ڪيو. اڳتي هلي جڏهن استادن جون پوسٽون انائونس ٿيون ته درخواست ڏنائين. انٽرويو ڏيڻ وقت عبدالغفار صديقي سمورن اميدوارن کي چيو ته جنهن جون مارڪون وڌيڪ هونديون ان کي نوڪري ملندي. جيئن ته عبدالستار ٺيٻاٺي جون سڀني کان مارڪون وڌيڪ هنيون جنهن سبب کيس ميرٽ تي پرائمري استاد طور نوڪري ملي.
    هڪ دفعي پرائمري اسڪول سن جو هيڊ ماستر ۽ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي جي چيئرمين عبدالواحد ميمڻ مسجد اسڪول جي وزٽ ڪئي. پاڻ صلاح ڏنائون ته ”پنهنجي مدد پاڻ“ تحت ڪم ڪرايو. ان وقت پاڻ 500 روپيا ان سلسلي ۾ ڏنائون ان بعد استادن ۽ پٽيوالن پنهنجي مدد پاڻ تحت 4 ڪمرا ٺهرائڻ جي شروعات ڪئي. انهن ئي استادن جي محنت ۽ ڪوششن سان اسڪول ۾ 500 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هن وقت مسجد اسڪول ۾ 14 استاد ڪم ڪري رهيا آهن.
    مسجد اسڪول جي جن به مدد ڪئي آهي انهن ۾ سيد جلال محمود شاهه، جنهن اسڪول جي مين گيٽ کان آفيس تائين 160 فوٽ ڊگهو ۽ 35 فوٽ ويڪرو رستو تعمير ڪرائڻ ۾ مالي مدد ڪئي.
    سيد امير حيدر شاهه جي تعاون سان سوئي سدرن گئس ڪمپني سموري اسڪول جي مرمت، شاگردن لاءِ 55 ڪرسيون ۽ سمورن شاگردن کي ڊريسون ۽ بوٽ مهيا ڪرايا ويا.
    علي رضا حيدر پنهنجي ناظميءَ واري دؤر ۾ هڪ سوئيپر مقرر ڪرايو.
    استاد صدرالدين ميمڻ اليڪٽرانڪ واٽر ڪولر لاءِ 20000 ڪيش ڏني ۽ هڪ فلم ٺاهيندڙ ڪمپني فيض محمد زرداري 35000 ڪيش ۽ اليڪٽرڪ واٽر ڪولر ڏنو. ان کان علاوه اسڪول جي ٻارن کي رني ڪوٽ جو سير ڪرايو.
    ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاهه شيس طرفان اسڪول کي اليڪٽرڪ واٽر ڪولر ۽ ڪتاب گهر تعمير ڪرائي ڏنو.
    سن جي شهرين ۾ جن هن اسڪول جي وقت به وقت مدد ڪئي آهي. انهن ۾ غلام قادر بزگر، سيٺ مولا بخش ميمڻ، مرحوم قاضي يار محمد ميمڻ، مرحوم عبداللطيف ميمڻ، انجنيئر هادي بخش ميمڻ، مقبول احمد (بلوچ) لاشاري، ايس ايم سي جي ميمبرن سيد ارباب علي شاهه، محمد يعقوب بزگر، نظرالدين سولگني، آصف لاشاري، استاد، پٽيوالن ۽ ٻين ڳوٺاڻن جاني ۽ مالي مدد ڪئي.
    مڊل اسڪول ۽ فري فوڊ
    1955ع ۾ جڏهن سيد امداد محمد شاه ڪراچي ۾ پڙهندو هو، هڪ ڏينهن پاڻ موڪلن سبب (ڪوئيٽا ميل) ريل جي ذريعي سن اچي رهيا هئا ته ان ريل گاڏيءَ ۾ سندن ملاقات ۽ تعارف محمد حسن ميمڻ سان ٿيو، جيڪو ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تان چڙهيو. هو لوڪل بورڊ ڊسٽرڪٽ دادو جو چيف آفيسر هو. سيد امداد محمد شاه کيس چيو ته: سن جو هيڏو وڏو شهر آهي، جيڪو ڪوٽڙي تعلقي ۾ وڏي ۾ وڏو ٻيو نمبر شهر آهي. جتي انگريزن جي دور ۾ نوٽيفائيڊ ايريا ڪاميٽي کي ڪجهه ميونسپل ڪاميٽي جا ڪجهه اختيار هئا. سن ۾ سنڌي ست درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ (AV) ڪلاس پڻ هلندا هئا. جنهن مان انگريزي پهريون (1)ٻيون(2) ۽ ٽيون (3) ڪلاس لوڪل بورڊ هلائيندي هئي. هينئر اهي ڪلاس بند آهن . مهرباني ڪري اهي ڪلاس (AV) دوباره جاري ڪرايو. چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ بورڊ دادو محمد حسن ميمڻ، سيد امداد محمد شاه کي چيو ته ”اوهان اها ڳالهه موقعي سان ڪئي آهي. اسان وٽ خان بهادر کهڙي صاحب جو سالو عبداللطيف پنهور لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ آهي. رپورٽ آئي آهي ته سن ۾ (AV) ڪلاس ڳوٺاڻن جي گهٽ توجهه سبب شاگردن جو تعداد گهٽ آهي. تنهن ڪري انهن کي قانونن بند ڪري ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو ويو آهي.
    محمد حسن، سيد امداد محمد شاهه کي اهو به ٻڌايو ته عبداللطيف پنهور دادو جو رهاڪو آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو پڪو عقيدتمند آهي. پاڻ چيف آفيسر جي لوڪل ڪائونسل آفيس ۾ چيو هئائون ته اهي (AP) ڪلاس بند ڪري اترين علائقي دادو جي شهر ڀان سعيد آباد ۾، گوزو جي علائقي ۾ تبديل ڪريان ٿو. اميد ڪندس ته ان اسڪول بند ڪرڻ جي خبر جڏهن سائين جي ايم سيد کي پوندي ته ضرور ان تي توجهه ڏيندو. انهن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد سياست ۾ گهڻو ملوث ٿي چڪو هو. پاڻ خان بهادر ايوب کهڙو صاحب جي وزارت اعليٰ جو عهدو ڦرائڻ ۾ هئا ۽ ڪامياب ويا. تنهن ڪري سائين جي ايم سيد ڪلاس بند ڪرڻ جو نوٽيس نه وٺي سگهيا.
    سيد امداد محمد شاهه کي محمد حسن صاحب بڌايو ته ”ڪليڪٽر کي پاور آهن، اوهان ڊي سي صاحب کي چورايو ته ڪجهه ٿئي، ڇو ته ڀان ۽ گوزو وارن علائقن جي ماڻهن 80، 80 ڇوڪرا مهيا ڪري ڏنا آهن ۽ اسڪول منظور ٿيو اٿن. اوهان به 80 شاگرد ڪيو ته اوهان کي به اسڪول کولي ڏيون.
    سيد امداد محمد شاه سن اچي سائين عبدالواحد ميمڻ ۽ سائين محمد عرس کي اها ڳالهه ٻڌائي. هنن کيس ٻڌايو ته سن ۽ پسگردائي وارن علائقن ۾ پڙهائڻ جو شعور نه آهي جنهن جو سبب غربت آهي. هتي صرف سرنديءَ وارا ميمڻ آهن، جيڪي پڻ پنهنجن ٻارن کي ستين درجي تائين پڙهائڻ بعد دوڪانن تي ويهارين ٿا. اسين بمشڪل 20، 25 شاگرد ڪري سگهون ٿا. باقي سائين محمد عرس ملاح سائين امداد محمد شاهه کي هڪ تجويز ڏني ته ”جڏهن اسين ننڍا هئاسين ته، ان وقت سائين جي ايم سيد ضلعي دادو (جيڪو ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ هو)، ان دوران سن ۾ جامع مسجد ۾ مدرسي کي هلائڻ لاءِ فري فوڊ (Mess) کولرايو هو. جنهن ۾ کاڌي وغيره جو پڻ انتظام هو. جنهن ۾ شاگرد سائين عنايت الله گائينچو ۽ ٻيا پري، پري کان پڙهڻ ايندا هئا. هن وقت غلام محمد ڏاوڇ دادو وارو، جيڪو ڊي سي آهي ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب لڪي، آباد وارو پڻ انهيءَ مدرسي جا پڙهندڙ هئا ۽ تعليم حاصل ڪندا هئا. اوهين به اهڙو فري بورڊنگ کولرايو ته ماڻهو اچن نه ته غربت سبب اچي نه سگهندا.
    ٻئي ڏينهن تي سيد امداد محمد شاهه سن جي شهرين جي ميٽنگ گهرائي. جنهن ۾ سائين محمد عرس اها تجويز پيش ڪئي. جيڪا شهرين کي وڻي ۽ وس آهر مالي مدد ڪئي. ۽ اها پڻ تجويز ملي ته جيئن ئي ٻنين تي بَٽئِيون ٿين ته سرندي وارن ماڻهن کان ان جي صورت ۾ مدد ورتي وڃي. اها اڪثرت راءِ سان (تجويز) منظور ٿي. ۽ ڌرم شالا جي بلڊنگ ۾ جيڪا هن وقت (شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جي ملڪيت آهي) ۽ پرائمري اسڪول جي سامهون آهي. ان جي مرمت ڪرائي ۽ ان ۾ مڊل اسڪول کولرايو. ان جي پٺيان هڪ وڏي عمارت هوندي هئي، جنهن ۾ بورڊنگ هائوس کولرايو. جنهن ۾ آس پاس جا شاگرد اچي رهيا. انهي دوران 82 شاگرد اچي رهيا. ان ڦري فوڊ ۾ انڙپور، ٻڍاپور، ڄارا، ڄامشورو، مانجهند، لاکا ۽ مٽياري کان ويندي لڪي، آمري ڇڇر جا شاگرد رهندا هئا.
    سائين محمد عرس ۽ سائين عبدالواحد ميمڻ صاحب جن سڄو انتظام سنڀاليو. سائين محمد عرس ملاح صاحب پنهنجي سر تي اها ذميواري کنئين. پاڻ پنهنجي گهرواري مائي ڇتل کي (جيڪا ڌڻي بخش) جي نياڻي هئي، کي آماده ڪيائين ته انهن چاليهه، پنجاهه شاگردن جي ماني توکي بنا معاوضي ڪرڻي آهي. پاڻ اهي مانيون پنهنجي مٿي تي کڻي شاگردن کي کارائيندو هو.
    هاءِ اسڪول
    1961ع ۾ ڊي سي احمد صادق (جيڪو بينظير ڀٽو جو پرسنل سيڪريٽري به رهيو ۽ جيل ۾ به ويو هو) سن ۾ آيو هو سيد امداد محمد شاهه کيس چيو ته سن ۾ مڊل اسڪول هلندڙ آهي جنهن جو استاد سائين بچل شاهه ڪاظمي ۽ ٻيا ڪواليفائيڊ آهن، جيڪي بنا معاوضي جي ڪلاس وٺڻ لاءِ تيار ٿيا آهن مگر هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ضلعي ڪائونسل مهيا ڪري. ڊي سي احمد صادق هيڊ ماستر جي پگهار ضلعي ڪائونسل طرفان ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ هاءِ اسڪول هَلي پيو. جيڪو غلام مصطفيٰ شاهه جي دور ڊائريڪٽر ۾ تعليم کاتي انتظام سنڀاليو. ان بعد مڪمل هاءِ اسڪول سن سڏجڻ لڳو. 1988ع ۾ سيد امداد محمد شاهه اسيمبلي ميمبر ٿيو ته شاهه حيدر ايڊيو ڪيشنل سوسائٽي معرفت 1990ع ۾ مڊل اسڪول سن کي هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين.
    ڊگري ڪاليج
    سن ۾ آگسٽ 2012ع تي ڊگري ڪاليج منظور ڪيو ويو. جنهن جو افتتاح اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاليجز حسين بخش سيال ڪيو ۽ سيوهڻ ڊگري ڪاليج مان ڪجهه ليڪچرارن کي گهرائي ڪلاسز هلائڻ لاءِ چيو. جن اچي ڪلاسز شروع ڪيا پر ون يونٽِي سوچ رکندڙ سياستڪارن کي اها ڳالهه پسند نه آئي جن زور لڳائي ڪاليج جو نٽيفڪيشن رد ڪرايو.
    سن جي بچاءُ لاءِ ٽيزپر (پٿرن جو پيچنگ)
    سن شهر،درگاهه شاهه حيدر ۽ قبرستان کي1964ع ڌاري درياءَ جي، پاڻي پائڻ شروع ڪيو هو. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ شهرين ايريگيشن جي سهڪار سان رضاڪارانه بند ٻڌڻ درگاه شاه حيدر کي موجوده جاءِ تي لڏائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. سنڌو درياءَ جي پائيندڙ کي روڪڻ لاءِ هڪ پٿرن جو پيچنگ هڻڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي وئي. سرڪار طرفان ان ڪم جو ٺيڪو سيد يار محمد شاه ٻڍاپور واري جو هو، سندس منشي سيد محمد علي شاهه معروفاڻي هو. ان بند کي پيچنگ ٻڌڻ لاءِ پٿر لڪي شاهه صدر جي جبلن مان آندو ويندو هو. ان وقت اهي پٿر لڪيءَ مان ٻيڙين ۾ لوڊ ڪري سن آندو ويندو هو. ٻيڙين جي قافلي (بهير) جي اڳواڻي ناکي الهه رکئي ڇاڇري ۽ ٻين ناکن جي حوالي هوندي هئي. انهن ٻيڙين تي پٿر لوڊ ڪرڻ ۽ لاهڻ لاءِ مزدورن جا ٽولا مقرر هوندا هئا. جيڪي ٻيڙين سان گڏ ويندا هئا ۽ لڪيءَ مان پٿر ٻيڙين ۾ لوڊ ڪري، ناکن سان گڏ سن ايندا هئا ۽ سن ۾ ان پٿر کي لاهيندا هئا. انهن پٿرن کي کڻي ان بند تائين پهچاڻڻ ۾ ٺيڪيدار جي مستقل رکيل مزدور سان سن شهر جا ماڻهو رضاڪارانه طور روزانه ڪم ڪندا هئا. ان ڪم کي هنگامي بنيادن سر انجام ڏنو ويو هو. ان سموري ڪم جي نگراني صبح ۽ شام روزانه سائين جي ايم سيد پاڻ ڪندا هئا. ٺيڪيدار يار محمد شاهه جي منشي محمد علي شاهه معروفاڻي جي زير نگراني جيڪي مزدور ڪم ڪندا هئا، تن ۾ حاجي خاصخيلي، عرس دايو، يارو دايو، ابراهيم کماڻ، ساٿي کماڻ، حاجي پليجو، يارو کماڻ، حاجي ٺوڙهو، مولابخش ملاح ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا. شهري استي محمد ابراهيم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندا هئا. اوستو محمد ابراهيم ان وقت نوٽيفائيڊ سن جو چيئرمين هوندو هو. سندس نگراني ۾ جيڪي ڪاريگر ڪم ڪري رهيا هئا تن ۾ اوستو مولابخش ساند، اوستو خميسو پليجو، اوستو ڌڻي بخش پليجو، اوستو ڦوٽو ساند ۽ اوستو خميسو ساند شامل هئا جن پٿرن جي پيچنگ جي ٻڌائي جو ڪم ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سن کي ٻوڏ کان هميشه لاءِ بچايو ويو. هن وقت به ان بند جي ڪري سن شهر ٻوڏ کان بچيل رهندو آهي.
    سائين جي ايم سيد جو ڪتب خانو
    سائين جي ايم سيد جو ڪتب خانو، موجوده دور ۾ اهم ۽ وڏن ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سياست، علم ۽ ادب جي سڌاري ۽ واڌاري واري جذبي، سن جي سيدن کي ڪتب خاني لاءِ حد بنديون مقرر ڪرڻ نه ڏنيون، جنهن جي ڪري ڪارڪنن کان وٺي، عام ماڻهو، ڏينهن جا ڏينهن رهي، ڪتب خاني جي مواد منجهان فائدو حاصل ڪندي، پنهنجي پسند جا ڪتاب کڻندا رهيا.
    ڪتب خاني جي هڪ الڳ عمارت، جيڪا سائين جي ايم سيد جي رهائش گاهه لڳ سن ۾ آهي. جيڪا هڪ هال ۽ ٻن ورانڊن تي مشتمل آهي. هال تقريبن 18 باءِ 20 کن ڦوٽن تي ٿيندو. جيڪو پڙهندڙن جي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. اتي هڪ هالن جي جنڊيءَ تي ٺهيل فرنيچر جو هڪ سيٽ به موجود آهي. ٻه آرام ڪرسيون ۽ هڪ ٽيڪ واري ڪرسي جنهن تي سائين جي ايم سيد اڪثر ڪري ويهي مطالعو ڪندو هو. هڪ وڏي ميز ۽ ڪتابن لاءِ ڪاٺ جا 30 ڪٻٽ ۽ 4 اسٽيل جون الماريون موجود آهن. تحقيق ڪندڙ لاءِ هر سهوليت جو بندو بست ٿيل هوندو آهي، جهڙوڪ هڪ گهرو ملازم، ڪتب خانو کولي ڏيڻ ۽ ماني، پاڻي، چانهه ۽ شربت جو بندوبست ڪري ڏيڻ لاءِ موجود هوندو آهي. تحقيق ڪندڙ جي رهائش جو به بندوبست ٿيل آهي. جنهن جو ذمو ۽ خرچ سيد جي حويلي برداشت ڪري ٿي. ان بندوبست لاءِ سائين جي ايم سيد جي لائق پوٽن سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد ضياءُ شاه جو اهم ڪردار آهي.
    ڪتب خاني جي ڀتين تي چوڌاري فريمن ۾ بند ٿييل ڦوٽا ٽنگيل آهن، جن ۾ پير صبغت الله شاهه راشدي، مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، خان عبدالغفار خان، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر غلام حسين هدايت الله، شهيد الله بخش سومرو، سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، سيٺ عبدالله هارون، جمشيد نسروانجي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، حسين شهيد سهروردي، شيخ مجيب الرحمان، ذالفقار علي ڀٽو، مير غلام علي ٽالپر، محمد هاشم گذدر، حاتم علي علوي، عبدالستار پيرزادو، خانبهادر حسن علي آفندي، سيد ميران محمد شاهه، مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي، لال چند امر ڏنو مل، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، وغيره.
    15 جنوري 2003ع تي حيدرآباد ۾ ”جي ايم سيد سنڌ جا علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي بنياد“ جي عنوان سان ٿيل هڪ ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سائين جي ايم سيد جي ڪتب خاني متعلق چيو ته: ”سائين جي ايم سيد ان ڪتب خاني جي سنڀال پاڻ ڪندا هئا. جيڪا فقط ڪو عالم ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. سا اها ته جيڪو به ڪاغذ ايندو هو سو پاڻ وٽ حفاظت سان رکندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو خط يا ڪاغذ هو، نوڪر کي چيائون ته سنڀالي رکو. نوڪر پڇيو ته هِتي يا هُتي رکجي. چيائون ته اهو کڻي فلاڻو فائيل آهي، ان ۾ وڃي رکو. يعني جيڪو سندن ڪتب خانو هو. سو باقاعده سنڀاليل هو ۽ هر فائيل اتي محفوط هو. اهڙي سنڀال ڪو عالم ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. ٻيو نه ڪري سگهندو.“
    جي ايم سيد کي 14 سالن جي عمر کان علم ۽ ادب سان شوق هو. ان ڪتب خاني م گڏ ٿيل ان ذخيري ۾ سڀ کان وڌيڪ برصغير جي لڳ ڀڳ مڙني سياستدانن، اديبن، عالمن، اسڪالرن، سماجي ڪارڪنن، وڏيرن، پيرن، آفيسرن، شاگردن، عام ملازمن، دوستن احبابن ۽ مٽن مائٽن جا اهي سمورا خط، پوسٽ ڪارڊ ۽ تارون شامل آهن. جيڪي آخر عمر تائين سائين جي ايم سيد کي مختلف مقصدن، ڪمن ڪارين، ۽ ڪن پروگرامن واري حوالي سان موڪليا ويا هئا. هن ڪتب خاني ۾ ادارن ۽ سياسي جماعتن جو نه رڳو جڙڻ وارو رڪارڊ پر مقصد ۽ مول متن وارو مواد به موجود آهي.
    ڪتب خاني ۾ اهم ادارن ۽ انجمنن جي ميٽنگن اندر ٿيل بحث جو رڪارڊ، طئه ٿيل ڳالهين ۽ ظاهر ڪيل پاليسين جو پڻ مواد موجود آهي. سائين جي ايم سيد جون 1982ع کان 1985ع تائين باقائدگيءَ سان ۽ ان کان اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ لکيل ذاتي ڊائريون پڻ قابل ذڪر موجود آهن. سائين جي ايم سيد جي ڪتب خاني ۾ ڦوٽن جو پڻ چڱو خاصو ذخيرو موجود آهي. سنڌ اندر هر قسم جا شايع ٿيل بي انداز پمفلت ۽ اشتهار پڻ ڪتب خاني ۾ موجود آهن. ان لائبريري ۾ علم دنيا، برصغير ۽ سنڌ جو تاريخي مواد مختلف انسائيڪلوپيڊيائن کان سواءِ مختلف مذهبن، مختلف ملڪن ۽ قومن جي ثقافتي ورثن، علم ۽ ادب، تعميراتي علم، سوشيالاجي، سائڪالاجي، علم فلڪيات، سميت زندگي جي هر شعبي سان وابسطه مواد موجود آهي. گهڻو ذخيرو علم سياست ۽ مذهب جي مواد جو آهي
    شمعدان ۽ اسٽريٽ لائيٽ
    جهڙيءَ طرح هن وقت سن ضلعي ڄامشوري جو اهم شهر آهي ۽ ضلعي ڄامشوري ۾ ڀت جبل مان گيس نڪري ٿي، جيڪا سموري ملڪ کي فراهم ڪئي وڃي ٿي ۽ حڪمران سن توڙي سموري تعلقي جي ڳوٺن کي گيس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
    اهڙي نموني 1985ع کان اڳ ۾ سن شهر ۾ لائيٽ ڪانه هئي. شهر جي گهٽين ۾ رات جو روشنيءَ جو انتظام گهڻو اڳ نوٽيفائيڊ ۽ يونين ۽ ٽائون ڪميٽي طرفان شمعدانن ذريعي ٿيندو هو.
    اهي شمعدان شهر جي هر گهٽيءَ جي چونڪ تي ماڻهوءَ جي پهچ کان مٿي ديوار ۾ نصب ٿيل هوندا هئا. جنهن ۾ روزانه ملازم شام جو سج لهڻ کان اڳ ۾ ڪلهي تي ڏاڪڻ، هٿ ۾ گاسليٽ جو ٽين ۽ کيسي ۾ ٻارڻ لاءِ وَٽِ ۽ ڪئنچي کڻي، هر چونڪ تي نصب ٿيل شمعدان کي روشن ڪرڻ لاءِ پهريان پاڙي وارن کي وڏي آواز سان اطلاع ڪندو هو ته ”بتيون ٿو ٻاريان.“
    هڪ دور ۾ ان ڪم تي متارو جويو، مامور هو. بعد دائود ميمڻ جي بِلي اهو ڪم هوندو هو. هن وقت بجليءَ جي سهوليت ميسر هجڻ ڪري اسٽريٽ لائيٽ آهي.
    سن ريلوي اسٽيشن
    هيءَ اسٽيشن شهر کان اولهه طرف ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. انگريزن اوڻويهين صديءَ ۾ جڏهن سنڌ ۾ ريلوي لائين وڇائڻ شروع ڪئي هئي، ڪراچيءَ کان ڪوئٽا ويندڙ ريلوي لائين سن ڀرسان گذرندي آهي. هن اسٽيشن کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ڪوٽڙي کان سيوهڻ جي وچ تي، ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارمن ۽ ريلوي اسٽيشن بلڊنگن کان پوءِ سن ريلوي پليٽ فارم ۽ بلڊنگ وڏي آهي. ريلوي اسٽِيشن ڀرسان نئين سن جي وهڻ ڪري، ان جي ڪپ تي هڪ ٽيوب ويل لڳل هوندو هو ۽ وڏيون اوورٽيڪ ٽانڪيون موجود هيون، جن مان هر ايندڙ ريل گاڏيءَ جي دٻن ۾ پاڻي ڀريو ويندو هو. درياءَ جي هن ڀرگهاٽن ٻيلن جي ڪري واپاري ڏاڪ (ڪاٺ) اٺن جي ذريعي هن ريلوي اسٽيشن تان ٻين هنڌن ڏانهن موڪليندا هئا.
    واٽر سپلاءِ اسڪيم
    شروع ۾ سن شهر جا رهواسي سنڌو درياءَ تان ڪنواٺين ذريعي پنهنجي گهرن لاءِ پاڻي ڀريندا هئا. جنهن کي پيئڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. جڏهن ته سکيا ستابا ماڻهو پئسن تي پخالين کان پاڻي خريد ڪندا هئا.
    سيد امداد محمد شاهه جي ڪوشش سان 1975ع ۾ سن کي واٽر سپلاءِ جڙي راس ٿي ملي. جنهن ۾ پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ تلاءَ ۽ اوورهيڊ ٽانڪي شامل هئي. اڳتي هلي جئين شهر جي آبادي وڌي ته ان اسڪيم کي ايڪسٽينشن ڏني وئي.
    ڊجيٽل ٽيليفون ايڪسچينج
    سن ۾ پهريان هڪ ننڍي ٽيليفون ايڪسچينج هئي. جنهن جي ذريعي مشڪل سان 10 يا 15 ماڻهن کي ٽيليفون ڪنيڪشن مليل هئا ۽ باقي شهرين کي ٽيليفون جي سهوليت فراهم ڪري ڏيڻ لاءِ سيد جلال محمود شاهه ڪوششون وٺي 2000ع ۾ سن کي هڪ جديد ڊجيٽل ٽيليفون ايڪسچينج ڏياري. جنهن جي ڪري سن سڄي دنيا سان ڳنڍجي ويو.
    ستين جو آستان
    سن نئين تي اڏيل انڊس هاءِ وي واري پل جي ڀرسان هڪ ستين جي آستان سان هڪ مشهور مقام آهي. چيو وڃي ٿو ته اتي جيڪي ست قبرون آهن سي ستين جون آهن. راقم الحروف ڪيترن ماڻهن سان ملي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ڪهڙي دؤر سان وابسطا آهن؟ پر تصديق شده زماني جي خبر نه پئجي سگهي نه ان متعلق اصل ڪهاڻي معلوم ٿي سگهي.
    مينهن وساڙا، کنڀيون ۽ چڀڙ
    اونهاري ۽ خاص ڪري سانوڻ ۾ مينهن يعني وسڪاري جي موسم هوندي آهي. زوردار مينهن پوڻ جي ڪري کير ٿر ۽ لڪيءَ جي جبلن مان پاڻي نئين جي صورت اختيار ڪري اولهه کان رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيندو آهي. جيڪو ڪوٽ جي وچان گذر ڪري موهن گيٽ (سن گيٽ) مان نڪري اوڀر ۾ واقع سن لڳ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. جيڪا ’نئين موهن‘ ۽ ’نئين سن‘ جي نالي سان مشهور آهي.
    ’وسڪاري‘ کي ’مينهن‘ ۽ برسات به چيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پهريان جھڪ ۽ طوفان بعد مينهن وسندو آهي. گهڻو ڪري اولهه يا ڏکڻ کان لڳندڙ هوا سان گڏ مينهن ايندو آهي. ڏکڻ واري مينهن لاءِ اڪثر اهو پهاڪو ڏنو ويندو آهي ته ”ڏکڻ وسي نه پر جي وسي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري“
    کنڀيون:
    مينهن پوڻ واري موسم ۾ ماحول وڻندڙ ۽ دل کي راحت بخشيندڙ هوندو آهي، پکي پکڻ به خوش ٿي ويندا آهن ۽ زمين مان قسمين، قسمين قدرتي ٻوٽا نڪري پوندا آهن. جڏهن ته سن ۽ ان جي آس پاس ٿيندڙ وڻ ٽڻ جهڙوڪ ٽالهي، ٻٻر، ڪنڊي، ٻير، نم، لوا ۽ ليار به چهچ ساوا ٿي ويندا آهن ۽ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ويندي آهي. سٺي مينهن پوڻ جي ٽن ڏينهن کان پوءِ زمين مان کنڀيون ۽ مينهن وساڙا نڪري پوندا آهن. ماڻهون انهن اڇين کنڀين کي حاصل ڪرڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري ايندا آهن. هي مينهن پوڻ کان پوءِ قدرتي طور زمين مان اڀرنديون آهن. هيءَ اهڙي نعمت آهي جو ماڻهون موسم آهر ان جي ڀاڄي ٺاهي کائيندا آهن. کنڀيون کائڻ ۾ نهايت لذيذ ٿينديون آهن ان جو ذائقو ذري گهٽ گوشت جهڙو هوندو آهي. ان جو ٻوڙ به ٿيندو آهي ۽ تري به کائبيون آهن. جيڪڏهن ٽائيم جي اندر کنڀيون پٽبيون ته وڌيڪ بهتر ۽ جي نه ته به انهن مان سفيد اٽي نما مادو نڪرندو آهي جنهن مان اڪثر ماڻهون ماني به پچائيندا آهن، جنهن کي کنڀين جي ماني چئبو آهي.
    مينهن وساڙا:
    هيءُ ڳاڙهي رنگ جو سهڻو جيو آهي جيڪو سن ۽ ان جي آس پاس مينهن پوڻ کان پوءَ زمين مان پيدا ٿيندو آهي. ڇهڻ سان نرم، پشم ۽ بخمل جهڙو لڳندو آهي. جڏهن وارياسي زمين تي ڊوڙندو آهي ته ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. حڪيم ان کي حاصل ڪري حڪمت جي ڪم ۾ استعمال ڪندا آهن.
    چڀڙ ۽ ٽوهه جون وليون:
    وسڪاري بعد واريءَ جي ڊٻن تي ٽوه ۽ چڀڙ جون قدرتي طور وليون ڦٽي پونديون آهن. چڀڙ جي ڀاڄي به ٿيندي آهي ۽ ڪچي کائڻ ۾ به لذيذ هوندو آهي. جڏهن ته ٽوه گدري جي شڪل جهڙو ڦڪي رنگ جو ٿيندو آهي ڏسڻ ۾ سهڻو پر اندر تمام ڪڙو هوندو آهي. اڪثر ڪن ماڻهن لاءِ اهو پهاڪو به مشهور آهي ته: ”ٽوه ته ڏاڍا سهڻا پر اندر ڪڙو“ ٽوه به حڪمت جي ڪم ايندو آهي جنهن مان حڪين دوائون ٺاهيندا آهن.
    شاهه حيدر سنائي جي درگاهه
    هي ءَ درگاه سن شهر لڳ ڏکڻ طرف تي موجود آهي. شهر جي واٽر سپلاءِ جي ديوار کان پوءِ هڪ وسيع ميدان آهي، جنهن ۾ نمن جا گهاٽا وڻ آهن. شاه حيدر جي مزار کان پهرين سائين جي ايم سيد، ميان جرار جون مزاون ۽ مسجد آهي. درگاه وسيع ميدان جي اندر چوڪنڊيءَ ۾ آهي، مٿس ڪو به مقبرو ناهي. شاه حيدر سان گڏ سيد محمد شاهه، (سائين جي ايم سيد جو والد) ۽ سيد احمد شاهه (سائين جي ايم سيد جو وڏو ڀاءُ) جون مزارون آهن. ان مزار کان پوءِ مسافر خانو آهي. انهن سمورين مزارن جي پيرانديءَ کان يعني اولهه ۾ وسيع قبرستان شروع ٿئي ٿو. جيڪو شاهه حيدر جو مقام سڏجي ٿو.
    واٽر سپلاءِ جي ديوار ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار سان لڳ ون وي روڊ آهي جيڪو اسپتال ۽ روشني اسڪول واري رستي سان ملي ٿو. جنهن جي وچ تي مختلف قسمن جا گل ٻوٽا پوکيل آهن. جڏهن ته واٽر سپلاءِ اسڪيم جي ديوار سان لڳو لڳ بيد مشڪ جا وڻ آهن. اهي روڊ، رستا، وڻ ٽڻ، سائين جي ايم سيد جي مزار ۽ ان جي ڊزائننگ سيد جلال محمود شاهه جي محنتن جو ڦل آهن.
    1964ع کان اڳ سن شهر جي اوڀر، ڏکڻ جي ڪنڊ تي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي پهرين ميان جرار شاهه جي مزار هئي. اها 4 ڦوٽن جي پٿرن جي ديوار واري چوڪنڊيءَ ۾ هئي جيڪا بنا ڇت جي هئي. ان مزار سان لاڳو عوام جي سهوليت لاءِ هڪ ڪچو اوطارو تعمير ٿيل هو. جيڪو ڪکائون هو. ان ۾ سائين شاهه حيدر رحمته الله جا عقيدتمند اچي ٻارن جي جهنڊ لاهرائيندا هئا. اهو ڪم درگاهه جي مجاور فقير، فقير شيخ براداران جي سپرد هوندو هو جيڪي ٻارن جي جهنڊ لاهرائڻ لاءِ ايندڙ عورتن کي درگاهه طرفان سوکڙيون ۽ کاڌو مهيا ڪندو هو. (انهن سوکڙين ۾ دٻڪيون، ڇٻيون، ٻهارا، ڇٻا، ۽ سن جو مشهور گهاڻي جو تيل شامل هوندو هو. ڪجهه قدمن تي اڇي گنبنذ سان اڇي مسجد تعمير ٿيل هوندي هئي. ان جي ڀرسان سائين ميان حيدر شاهه رحمته الله جي مزار هئي. جنهن جي مٿان ڪا به اڏاوت نه هئي. شاهه حيدر جي مزار هڪ پٿر جي ٺهيل هندوري ۾ هئي.
    سائين جي ايم سيد جي مزار
    هيءَ ڇهه ڪنڊي ايراضيءَ اندر آهي. مزار اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا آهن. هڪ اوڀر کان، جنهن تي ”ملڪ دلين جو موڪرو، جنهن جو عرش زمين آسڻ“ لکيل آهي. اهو شعر ڇتي فقير جو آهي. ٻيو دروازو اتر کان آهي جنهن تي ”وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ لکيل آهي. هي شعر جمن دربدر جو آهي. ٻنهي دروازن تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. هن مزار جي ڇهه ڪنڊي ايراضيءَ کي چوڌاري گرلون لڳل آهن. بلڪل سينٽر تي سائين جي ايم سيد جي مزار آهي. ان جي ڀر ۾ سائين جي ايم سيد جي وڏي فرزند سيد امير حيدر شاهه جي ننڍي پٽ سيد يوسف شاهه عرف سيد شهزادي شاهه جي قبر آهي. مزار جي ارد گرد سنگ مرمر جي اڇي پٿر جو فرش آهي جيڪو پڻ ڇهن ڪنڊي ايريا تي مشتمل آهي. ان سنگ مر مر جي وٽ سان گل ٻوٽا آهن، جن ۾ موتيو، گلاب ۽ ٻيا ڪيترا خوشبوءِ وارا گل ٻوٽا آهن. اهڙيءَ طرح باقي ايراضيءَ ۾ ڇٻر پوکيل آهي ۽ ڪجهه نمن جا وڻ آهن ان مزار جي ڊزائين خود سيد جلال محمود شاهه جي تيار ڪيل آهي. هو تمام بهترين آرٽيٽيڪچر پڻ آهي. سائين جي مزار جي ڊزائين سيد جلال محمد شاهه پنهنجي آئيڊيا مطابق مشهور آرٽست منصور عالم ابڙي کان ڪتاب جي شڪل ۾ نقشو تيار ڪرايو هو. سائين جي ايم سيد جي مزار جي اوڀر پاسي واري دروازي جي سامهون هڪ وسيع گرائونڊ آهي جنهن ۾ ڪيترائي نمن جا وڻ پوکيل آهن ۽ هڪ وڏو اسٽيج پڻ آهي. ان ميدان جي ڏکڻ ۾ بورچيخانو، وضو خانو ۽ مسافر خانو پڻ آهي.
    ڌرم شالا (مسافرن لاءِ رهڻ ۽ سماجي خدمتن لاءِ)
    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ سن شهر ۾ ٻه ڌرم شالا هئا. اهي هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ن، جيڪي سن ۾ رهائش پزير هئا، تن ٺهرايا هئا. انهن ڌرمشالائن ۾ ڌرمي ۽ خيراتي سرگرميون ٿينديون هيون.
    واپاري ماڻهو پنهنجي واپار جي سانگي اُٺَن، گهوڙن، خچرن ۽ ٻيڙين ذريعي جڏهن سن شهر ۾ ايندا هئا ته انهن ڌرمشالن ۾ رات گذاريندا هئا. جتي سندن لاءِ رهائش سان گڏ کاڌ خوراڪ ۽ عبادت جو بندوبست ٿيل هوندو هو. سندن اُٺَن، گهڙن ۽ خچرن لاءِ الڳ بندوبست به ٿيل هوندو هو.
    اهي ٻئي ڌرمشالا سن شهر جي شاهي بازار جيڪا اوڀر ۾ درياءَ کان اولهه طرف تقريبن فرلانگ کن هئي. جنهن ۾ مختلف قسمن جي سامان جا دڪان هوندا هئا. اولهه ۾ شاهي بازار جي آخر ۾ ٻنهي پاسي هڪ، هڪ ڌرمشالي جي بلڊنگ هئي.جيتوڻيڪ هندن جي لڏ پلاڻ کان پوءِ ڌرمشالن جو تصور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت مسافرخاني جو تصور آهي پر انهن ٻنهي بلڊنگن مان هڪ اڄ به ساڳي جاءِ تي قائم آهي.
    پراڻي وقت کان وٺي شاهي بازار انهن ڌرمشالن تائين هوندي هئي. هن وقت اها پراڻي شاهي بازار ختم ٿي چڪي آهي. شايد اڳم آمدرفت جو ذريعو درياءَ جي رستي ٻيڙيون هونديون هنيون. يا شاهي رستو هوندو هو جيڪو اڪثر اٺن، گهوڙن، خچرن جي سواري لاءِ قطب ايندو هو. ان ڪري شاهي بازار جي رونق درياءَ جي رستي واپار ۽ آمدورفت جي ڪري هئي. ويجهي ماضيءَ ۾ به ان شاهي بازار جو شاندار ڏيک هو، پر انڊس هاءِ ذريعي آمدرفت ۾ جيئن جيئن اضافو ٿيندو ويو، تيئن تيئن دوڪاندارن پنهنجا دڪان ٻاهر شفٽ ڪيا ۽ هن وقت جيتوڻيڪ اڳوڻن ڌرمشالائن کان هاءِ اسڪول تائين جهڙوڪر بازار قائم ٿي چڪي آهي. پر ڏکڻ طرف ويندڙ واٽر سپلاءِ ۽ شاه حيدر ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار ڏانهن رستي سان پڻ دڪان قائم ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف اترف طرف ويندڙ گلڻ شاه غازي ۽ پليجا امام بارگاه ڏانهن ويندڙ رستي سان به ڪافي دڪان ٺهي چڪا آهن. ان رستي سان واڍن ۽ ڪاٺ جي چير جون مشينون به قائم ٿي چڪيون آهن ۽ واڍن جي خاص بازار ٿي وئي آهي. اهڙيءَ طرح سن شهر جي پراڻي شاهي بازار مڪمل ختم ٿي چڪي آهي ان بازار ۾ صرف شيوڪ رام جو سونارڪو دڪان، پريم چند جو مڃارڪو دڪان، وحيد مڱڻهار جو سنڌي ٽوپين جو دڪان ۽ ماجد جويو جو دوڪان آهن. ۽ سن شهر جي نئين بازار اڳوڻن ڌرمشالن کانپوءِ شروع ٿئي ٿي.
    هن وقت پراڻي بازار جي آخر ۾ ڏکڻ تي جيڪو ڌرمشالي جي بلڊنگ هئي، سا شاه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جي ملڪيت آهي. جنهن ۾ ڪرائي تي هلندڙ پوسٽ آفيس آهي. 1955ع ۾ سيد امداد محمد شاه ان ڌرم شالا واري بلڊنگ جي مرمت ڪرائي ۽ ان ۾ مڊل اسڪول کولرايو هو. ان جي پٺيان هڪ وڏي عمارت هوندي هئي، جنهن ۾ بورڊنگ هائوس کولرايو هئائين. جتي شروع ۾ آس پاس جا 82 شاگرد اچي رهيا هئا. ان ڦري فوڊ ۾ انڙپور، ٻڍاپور، ڄارا، ڄامشورو، مانجهند، لاکا ۽ مٽياري کان ويندي لڪي، آمري ۽ ڳوٺ ڇڇر جا شاگرد رهندا هئا.
    ٻئي طرف پراڻي بازار جي آخر ۾ اتر طرف جڙيل ڌرمشالا واري بلڊنگ سن جي ميمڻن جي ملڪيت آهي. ويجهڙ ۾ ان بلدنگ جي اولهه طرف واري حصي ۾ دوڪان ٺهرايا ويا آهن. باقي بچيل حصي کي گهر ڪيو ويو آهي. ان ڌرمشالا جي پٺيان يعني اوڀر ۾ هڪ وسيع پلاٽ هو، جنهن ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا 40آڏاڻا (ڪارخانا) هوندا هئا. جيڪي الهورائي ميمڻ جا هونداهئا.
    مندر
    سن ۾ مسلم ۽ غير مسلم جي وچ ۾ شروع کان ڪو به ويڇو نه رهيو آهي. هندو مسلمانن جي وڏن ڏينهن عيدن وغيره جي خوشين ۾ گڏ هوندا هئا، ۽ مسلمان سندن تهوارن ديوالي وغيره ۾ ساڻن گڏ رسمون ادا ڪندا ايندا رهيا هئا.
    شيوالو:
    سن جا ماڻهو وڏا مهمان نواز، روادار رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته هندن جا عبادت گاه ۽ مسلمانن جا عبادت گاه شروع کان موجود آهن. سن ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي اڄ به هندن جي عبادت گاهه گنبذ نما شيوالو موجود آهي.اهو سنڌوءَ جي ڪپ تي بلڪل انهي جڳهه تي موجود آهي جتي نئين موهن ڇوڙ ڪندي آهي. هيءُ لڳ ڀڳ ٻه سئو سال اڳ جو ٺهيل ٻڌجي ٿو. هندن جي مذهب جي عقيدي موجب 3 خدا آهن، هڪ خلقيدڙ، ٻيو پاليندڙ ۽ ٽيون ماريندڙ. هيءُ هندو مذهب جي عقيدي موجب آخري خدا شِو جي نالي سان منصوب ٿيل آهي. چيو وڃي ٿو ته هن شيوالي جي تعمير شو جي هڪ پوڄاري حڪيم جهامنپوري جوڙايو هو. مشهور ڳالهه آهي ته ان شيوالي جي تعمير ۾ اهڙو مثالو ۽ ڪاريگري ٿيل آهي جو کنوڻ جو به مٿس اثر نٿو ٿئي ۽ پنهنجي اصلي جاءِ تي اڄ به قائم آهي. ماضي قريب ۾ جڏهن 1964ع ۾ سن کي پائيندڙ سبب ٽيز پر لاءِ مٽيءَ جي ضرورت پئي ته سن شيوالي ڀرسان به مٽي کنئي وئي هئي. کوٽائي دوران ان شيوالي جو بنياد 20 فوٽن کان به وڌيڪ هيٺ ويل ڏٺو ويو هو. هن شيوالي کي هم چورس تقريبن 200 x 150 جو گرائونڊ به هو. هيءُ اهڙو ته مضبوط طرح سان ٺهيل آهي جو ان تي تر جيترو به اثر نه ٿيو. اڳتي هلي ان شيوالي ۽ ان جي اردگرد سنسان هجڻ ڪري رولو جانورن جي بيٺڪ ٿي ويو هو. ان ڪري سائين امداد محمد شاهه ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ چوديواري ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. ان حڪم جي تعميل ڪندي شهرين ان کي چوديواري ڏئي ڇڏي ۽ رولو جانورن جي آمگاه هجڻ کان بچائي ورتو آهي.
    سن ۾ ٽي ٽڪاڻا:
    سن ۾ هندن جا ٽي ٽڪاڻا هئا. جن ۾ هڪ جو سنڀاليندڙ هسرو مل هو. اهو ٽڪاڻو شاهي بازار ۾ هو. جيڪو هن وقت زماني جي اٿل پٿل ۽ شهر جي پراڻي بازار ختم ٿي وڃڻ جي ڪري ختم ٿي چڪو آهي. هن وقت شهر جي بازار نئين جڙي چڪي آهي.
    ٻيو ٽڪاڻو نٿر مل جي گهر ڀرسان هو. جنهن جي اڏاوت شاندار نموني جي هئي. جنهن ۾ هندو ڌرم جا ماڻهو آزاديءَ سان عبادت ڪندا هئا. ان ٽڪاڻي جي سار سنڀال بصر مل جي هٿ هيٺ هئي.
    ٽيون ٽڪاڻو کماڻن جي پاڙي ۾ هو، جنهن جي سنڀال جي ذميواري ڀڳڙي مل وٽ هئي. هن وقت صرف اهو هڪڙو ٽڪاڻو موجود آهي. جنهن جي سنڀال ڀڳڙي مل جو فرزند شيوڪ رام ڪندو آهي. سن شهر ۾ هندو برادري ۾ گُر خاندان رهائش پذير هو. جن ۾ مکيه گُر بصر مل، گُر بُچو، گر حڪومت ۽ گُر تولارام. اهي سڀئي پاڻ ۾ ڀائر هئا. گر بصر مل کي هڪ پٽ گر جئيرام هو، جيڪو لڏپلاڻ وقت هندستان هليو ويو ۽ اجمير شريف ۾ رهائش پذير ٿيو. سندس پٽ ديوداس ماستر ٿيو ۽ ان جا ٻه پٽ اجمير شريف ۾ رهن ٿا.
    بچو گر جو هڪ پٽ پرمانند گر، اجمير شريف ۽ جئه پور جي وچ ۾ ڦليرا اسٽيشن تي انجڻ هلائيندو هو. گر حڪومت ۽ گر تولارام ڀڳڙي مل سوناري جا ڀيڻويا هئا. مٿي ذڪر ڪيل ٽڪائي کي ماتا جو ٿان ”آستان“ چيو ويندو هو. جتي ماتا جي واڙي پوکبي هئي ۽ اشٽمي به ٿيندي هئي. پرساد کيرڻيون ٿينديون هيون. جن جا ججهان (شيوڪ) مريد اڄ به هندستان ۾ موجود آهن.
    سن ۾ رهندڙ هندو برادري جي پنهنجي پئنچات هوندي هئي. جنهن جا مختلف دورن ۾ مختلف مکيه ٿيندا رهيا آهن. هڪ وقت ۾ پنجو مل ان پئنچات جو مکيه هو. ان بعد ڀڳوان داس به مکيه رهي چڪو آهي.
    نئين ناظمي دور ۾ تعلقي مانجهند جي تعلقي ناظم علي رضا حيدر جي ڪائونسل ۾ چونڊجي آيل اقليتي ميمر پرتاب جي توسط سان موجوده ٽڪاڻي جي مرمت ۽ اضافي ڪم ڪرايو ويو.
    هندن جو مسڻ:
    هي سن نئين جي ڏکڻ طرف ڪپر تي هو. جنهن ۾ هڪ مندر هنومان جي نالي سان هو. جتي هندو مذهب جا ماڻهو پنهنجي فوتين کي انتم سنسار ڪندا هئا. اتي هڪ وڏو ڪنڊي جو وڻ هوندو هو. 2012 ۾ جڏهن نئين سن مٿان انڊس هاءِ وي تي پل ٺهي راس ٿي ۽ بعد ۾ نئين سن وهندي رهي ته ان جي ڊزائين ان طرح ٺاهي وئي آهي جو نئين ڏکڻ طرف وڌندي رهي ٿي. نتيجي طور اهو مسڻ ۽ ان جون ٺهيل جايون نئين جي پيٽ ۾ هليون ويون آهن.
    امام بارگاهون
    سن ۾جيڪي امام بارگاهون آهن انهن جو ذڪر هن ريت آهي:
    (1) امام بارگاهه ابو طالب:
    انجمن دعاءِ زهرا عليه سن جي نالي سان مشهور آهي. هن امام بارگاه جو متولي مرحوم ماستر محمد پريل خاصخصلي هو هن وقت سار سنڀال سندس خاندان جي فردن وٽ آهي. تقريبن 200 سال قديم امام بارگاهه آهي. هن بارگاه مان 9 محرم الحرام تي جهولو شهزاده علي اصغر برآمد ٿيندو آهي. جيڪو روايتي روٽن تان ٿيندو ساڳي امام بارگاهه تي نهر ٿيندو آهي. 10 محرم الحرام تي ذوالجناح برآمد ٿيندو آهي، جيڪو ساڳي روٽ تان ٿيندو ، ساڳي امام بارگاه تي نهر ٿيندو آهي ۽ مجلس شامِ غريبان ٿيندي آهي. بعد ۾ مومنن ۾ ننگر نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته 4 محرم الحرام تي رات جو شهزاده قاسم جي ميندي، محمود خاصخيلي جي گهران برآمد ٿيندي آهي جيڪا هن امام برگاه تي نهر ٿيندي آهي.
    (2) امام بارگاهه انجمن شهزاده علي اصغر (متولي سيد محمد علي شاهه):
    هن امام بارگاه تان5 محرم الحرام تي سيج جي سواري برآمد ٿيندي آهي. جيڪا پنهنجي روايتي روٽن تان نوحه خواني ڪندي واپس امام بارگاه انجمن شهزاده علي اصغر تي نهر ڪندي آهي. 9 ۽ 10 محرم الحرام تي به سواريون برآمد ٿينديون آهن.
    (3) امام بارگاه سپاهه غازي عباس عليه (متولي: عالي شاهه ):
    هن امام بارگاه تان 10 محرم الحرام تي مومنن ۾ نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي.
    (4)امام بارگاه دلدار ملاح:
    هن امام بارگاه تان 5، 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سواريون برآمد ٿينديون آهن جيڪي پنهنجي روايتي روٽن تان ٿينديون. آخر ۾ ساڳي امام بارگاه تي نهر ڪنديون آهن ۽ ننگر نياز پڻ ڪيو ويندو آهي.
    (5)امام بارگاه، انجمن عونِ محمد:
    7 محرم الحرام تي ناکي احمد ملاح جي گهران مهندي قاسم عليه برآمد ٿيندي آهي ان امام بارگاه تي مجلس ٿيندي آهي. بعد ۾ نياز تقسيم ڪيوويندو آهي.
    (6)امام بارگاه علي رضا عليه (متولي يار محمد ساند):
    هن امام بارگاهه تي 9 محرم الحرام جي رات مجلس ۽ نوحه خواني ۽ بعد ۾ نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي.
    (7)امام بارگاه الحسيني:
    هن امام بارگاه جو بنياد مرحوم راڌڻ پليجي وڌو ۽ پوءِ ان جي سار سنڀال مرحوم اسحاق پليجي وٽ هئي. هاڻ ان جو خاندان سنڀاليندو آهي. ان امام بارگاه تان7 محرم الحرام جي رات شهزاده قاسم عليه جي ميندي برآمد ٿيندي آهي جيڪي رسول بخش پليجو، رمضان پليجو، عبدالرحمان پليجو جي گهرن مان برآمد ٿينديون آهن ۽ پليجا محلا، برهماڻي محلا روٽ تان گذرنديون آهن جيڪي آخر ۾ ساڳي امام بارگاهه تي نهر ٿينديون آهن ۽ ڪٽيءَ جو نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. 8 الحرام تي سيڄ جي سواري برآمد ٿيندي آهي ۽ نو حه خواني ٿيندي آهي. 10 محرم الحرام تي ذوالجناح جي سواري برآمد ٿيندي آهي، جنهن سان گڏ نوحه خواني ڪئي ويندي آهي. جيڪو روايتي روٽن تان ٿيندو ساڳي امام بارگاه تي نهر ٿيندو آهي.
    (8)امام بارگاه فاطمة الزهرا عليه (متولي سيد امير حيدر شاهه):
    هن امام بارگاه تي پهرين محرم الحرام کان 10محرم الحرام تائين عاشوره مجلس ٿيندي آهي ۽ 8 محرم الحرام تي صبح کان وٺي مغرب تائين مجلسون امام حسين شهداءِ ڪربلا ٿينديون آهن بعد ۾ نياز تقسيم ڪيو يوندو آهي.
    شاهه اويس پمپنگ اسڪيم
    شاهه حيدر جي مزار کان تقريبن هڪ ڪلو ميٽرتي ڏکڻ ۾ درياءَ سان لڳ شاهه اويس پمپنگ مشين اسڪيم آهي. اها اسڪيم بلڪل ان جاءِ تي آهي جتان درياءَ جي منڍ کان هڪ ’ڪڙيو‘ نڪرندو هو ڪڙيو معنيٰ ننڍو واهه، جيڪو ڏهه ڦوٽ ويڪرو ۽ ڏهه ڦوٽ اونهو هجي. جيڪو سن ديهه جي دنگ تائين هوندو هو. جنهن تي تقريبن هڪ سئو کن ايڪڙ سائين جي ايم سيد جي ولد سيد محمد شاهه جون زمينون آباد ٿينديون هيون باقي واڻين جون زمينون آباد ٿينديون هيون. اهو ڪڙيو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سائين جي ايم سيد جي والد سائين محمد شاهه کوٽرايو هو ۽ ان جي وقت به وقت کوٽائي ڪرائيندو رهندو هو. درياءَ وٽان منڊ کان، جتان اهو ڪڙيو نِڪتل هو بلڪل انهيءَ جاءِ تي شاهه اويس پمپنگ مشين نصب ڪئي وئي. 1952 کان شاه اويس پمپنگ اسڪيم جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1954ع ۾ پمپنگ اسڪيم ۽ شاه اويس ڪئنال جڙي راس ٿيو ۽ آپريٽ ٿيو ته سن ۽ آس پاس جون زمينون آباد ٿيڻ لڳيون. ان کان پهرين زميندار درياءَ جي ڪپ تي، ڪاري واهه ۽ ڪڙيي تي نارن جي ذريعي پاڻي حاصل ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪندا هئا يا بارش پوڻ کان پوءِ زمينون آباد ڪندا هئا. ان ڪري شروع ۾ هن علائقي کي باراني سڏيو ويندو هو ۽ اڃا تائين سن جي اردگرد وڏي پئماني تي باراني زمينون موجود آهن.
    جڏهن سن ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي شاه اويس پمپنگ اسڪيم جڙي راس ٿي ته علائقي جون ڪافي بنجر زمينون آباد ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهن ۾ خوشحالي جي لهر آئي.
    شاه اويس پمپنگ اسڪيم ايريگيشن جي چيف انجنئر محمد موسيٰ جي ايامڪاري ۾ سندس دلچسپيءَ ۽ همت سان جڙي. هڪ فالاٽ تي وڏيون ٽي ڊيزل مشينون نصب ڪيون ويون هنيون. جنهن جي ذريعي سنڌو درياءَ تان پاڻي کڻي شاه اويس ڪئنال ۾ وڌو ويندو هو.
    جيئن ته سن درياءَ جي ڪپ تي آباد آهي ۽ اولهه وارو پاسو جابلو آهي. اولهه وارو پاسو جابلو آهي. برساتن جي پاڻي تي باراني فصل ٿيندو آهي ۽ درياءَ جي وٽ سان زمينن جي آبادي پمپنگ مشينن جي ذريعي ٿيندي آهي. هن وقت ايريگيشن جي لحاظ کان سن سب ڊويزن سڌڏجي ٿي. جنهن ۾ 5 پمپنگ اسڪيمون آهن. جن ۾ شاهه اويس، سدا بهار، ڇڇر، لڪي ۽ مخدوم ساهڙ شامل آهن. پوري سنڌ ۾ بئراج، واهه هوندا آهن پر سن واحد ڊويزن آهي جنهن ۾ موٽرن تي لفٽ جي ذريعي زرعي زمينون آباد ڪرڻ جي لاءِ پاڻي شاخن رستي پهچايو وڃي ٿو. 5 ئي اسڪيمن مان شاهه اويس پمپنگ اسڪيم وڏي آهي. ان مان نڪرندڙ شاخ 7 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا 88 هزار ڪيوسڪ پاڻي خارج ڪري ٿي. 22 هزار کان وڌيڪ ايڪڙ زمين کي آباد ڪري ٿي. هن اسڪيم جي ذريعي جوئر، ڪڻڪ، وونئنڻ، تر، گوار، سورج مکي، ساريون، مرچ، بصر وغيره ٿيندا آهن. هن اسڪيم تي 40 واٽر ڪورس ٺهيل آهن. تري جي ليول 8 فوٽ آهي. آبڪلاڻي موسم ۾ 3 مهينا پاڻي مشين سان لڳل هوندو آهي. باقي مهينا ٻيهڙ ڪري پاڻي کي اسڪيم تائين پهچايو ويندو آهي. هن اسڪيم جي وارابندي ڪرڻ تي مڪمل پابندي آهي، پر جي سڀ آبادگار متفق ٿيندا آهن ته وارابندي به ڪئي ويندي آهي.
    شاهه اويس ڪئنال سن کان شاه اويس تائين جڙيو. جيڪو 1954ع ۾ مڪمل ٿيو. ان ڪئنال تي جيڪي ديهون آبادي هيٺ آيون تن ۾ ديهه سن، ديهه نورپور، ديهه کماڻ، ديهه ڪاڇي، ديهه ڪوريجاڻي، ديهه لاکڙي، ۽ ديهه تنگهياڻي شامل آهي.
    ان علائقي جا مشهور آبادگار سائين جي ايم سيد، سيد امير حيدر شاهه، سيد امداد محمد شاهه، حاجي ڇڇر، احمد خان چانڊيو (ڪوٽائي چانديو) سيٺ ڪشنچند، حاجي رکيل شاهه، مير محمد شاهه، سيد بچل شاهه، سومر پليجو، حاجي ابل پليجو ۽ بيا ڪيترائي آبادگار مشهور آهن.
    ڪارو واهه
    هي واهه جتي هن وقت درياءَ جي ڪپر تي شاه اويس پمپنگ مشن آهي، ان کان 2 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سنڌو درياءَ جي منهن مان نڪرندو هو. هي پاڻيءَ جو قدرتي ننڍو گس هو. جنهن جي ذريعي پاڻي شاهه اويس تائين بعد ۾ ڦري مانجهند وٽ ويهه دريءَ وارو رستو وٺي واپس درياءَ ۾ ڪرندو هو انگريزن کان اڳ ۾ ان واهه تي آبادگار نارن جي وسيلي پنهنجيون زمينون آباد ڪندا هئا. ان واه جي اهميت کي محسوس ڪندي انگريز سرڪار ان جي ري ماڊلنگ ڪئي هئي. پر درياءَ جي اٿل پٿل سبب اڳتي هلي اهو واهه ناڪاره ٿي ويو. پر اڄ به ان جا نشان موجود آهن.
    سن قلعو(نورپور ڪوٽ)
    سنڌ جا سمورا قديم شهر سنڌو درياءَ جي ڪنڌين تي آباد ٿيا. ان سبب جي ڪري سنڌو درياءَ جي رخ مٽائڻ سان آباد ۽ وسندڙ ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ تباهه ٿي ويا.
    سنڌ ۾ راءِ گهراڻي (50ع کان 662ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (712 تائين جي حڪمرانن واپارين کي تحفظ ڏيڻ ۽ ملڪ کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ درياءَ جي ڪنڌين تي قلعا/ ڪوٽ ٺهرايا هئا. سن قلعو/ نورپور ڪوٽ بابت تاريخ خاموش نظر اچي ٿي. ان ڪري قلعي جي تاريخي ڄاڻ ۽ اهميت اسان کان اوجهل رهي آهي. نه ئي ڪنهن محقق يا عالم جي ان متعلق ڪا کوجنا ٿيل نظر اچي ٿي.
    هي قلعو ڪاري واهه کان 2 ڪلوميٽرن تي ڏکڻ طرف درياءَ جي ڪناري تي هو. اهو ڪچو قلعو هو جنهن جي بناوٽ دليل ديرو ڪوٽ ۽ ڪچي قلعي حيدرآباد جهڙي هئي پر فرق صرف اهو هو ته دليل ديري وارو ڪوٽ گولائي تي آهي ۽ سن قلعو مستطيل هو هن جون ديوارون دليل ديري واري ڪوٽ کان وڌيڪ ويڪريون هيون. هي ڪوٽ ڇهن ايڪڙن تي مشتمل هو. هن ڪوٽ کي چئني ڪنڊن تي هڪ هڪ مورچو هو. هڪ ڏکڻ واري ديوار جي وچ تي دروازي وٽ، ٽوٽل پنج مورچا هئس ۽ ڏکڻ طرف کان ور وڪڙن تي دروازو هئس. ان دروازي مان اندر ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان 60 فوٽن تي وري هڪ ٻيو دروازو هو. ان ايراضيءَ ۾ چوڪيدار جي بيهڻ لاءِ جاءِ به ٺهيل هئي. دروازي جي ٻنهي پاسي ديوارن ۾ آمهون سامهون سوراخ هئا جنهن مان سمجهجي ٿو ته ڪاٺ وجهي دروازي طور ڪتب آندو ويندو هوندو. ڏکڻ کان مئن دروازي کان اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ اولهه ۽ اوڀر وارين ديوارن تي چڙهڻ لاءِ ٽي فوٽ ويڪري ڏاڪن تي ٺهيل ڏاڪڻ ۽ ان سان لاڳيتو سلوب تي چڙهڻ لاءِ 8 فوٽن جو ويڪرو رستو هو. سمجهه ۾ اچي ٿو ته ان رستي تان ڪوٽ جا معمار ڍڳي گاڏي يا گهوڙي گاڏي جي ذريعي ڪوٽ جي ديوارن ۽ مورچن ڏانهن ويندا هوندا هئا. هڪ دروازو اتر ۾ جيڪو ننڍو هو. جيڪو ونگ تي ٺهيل هو جنهن مان ماڻهو يا گهوڙي سوار داخل ٿي سگهيو ٿي. ان ڪوٽ جون ديوارون بنياد کان پنج، ڇهه ڦوٽن تائين پڪين، سنهين سرن سان جڙيل هنيون ۽ پوءِ مٿي ڪچيون ديوارون هنيون. انهن ديوارن جي اوچائي تقريبن ويهه، پنجويهه فوٽن تائين هئي. ديوارن جي شروع ۾ زمين کان ويڪر وڌيڪ ۽ مٿي تقريبن ڇهن ڦوٽن تائين هئي. هن ڪوٽ کي مقامي ماڻهو ”ميرن جو ڪوٽ“، ”سن قلعو“ ۽ ”نورپور ڪوٽ“ به سڏيندا هئا. هڪ ٻي روايت به موجود آهي ته اهوڪوٽ ڪلهوڙن ٺهرايو هو ۽ ميرن به ان جي مرمت ڪرائي ۽ استعمال ۾ آندو. ميرن جي دور ۾ هن ڪوٽ تي سپاهه وغيره به مقرر هئا جيڪي ڪوٽ جي اردگرد نظرداري تي معمور هئا. هي ڪوٽ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي هو. جنهن جي ديوارن ۽ مورچن تان پري پري تائين نظر وئي ٿي. ان زماني ۾ آمدرفت جو ذريعو سنڌو درياءَ هو ۽ ڪوٽ تان ٻيڙين جي اچ وڃ تي به پوري نظر پئي ٿي. ان ڪوٽ تان ڪاري واه تي آبادگارن طرفان نارن جي ذريعي ٿيندڙ پوک تي به چٽيءَ طرح نظر پئي ٿي. ان وقت هڪ ڪچو رستو جنهن کي شاهي رستو چيو ويندو هو سو هن ڪوٽ جي اولهه واري ديوار سان لڳو لڳ هوندو هو. ان تان ايندڙ ويندڙ تي به هن ڪوٽ جي نظرداري ڪندڙن جي چڱي نظر پئي ٿي. ان رستي تي ڪوٽ جي ڀرسان چانڊين جي ڳوٺ جي هڪ پوڙهي خدا ترس عورت روزانه درياءَ تان پاڻيءَ جو دلو ڀري وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺي هوندي هئي، جيڪا ان رستي تان ايندڙ ويندڙ مسافرن کي پاڻي پياريندي هئي.
    هي ڪوٽ اهڙي جاءِ تي هو . جتان ان ڪوٽ جي ديوارن ۽ مورچن تان سنڌو درياءَ، شاهي رستو، سن سميت چوڌاري ٿيندڙ پري پري تائين چرپر تي نظر پئي ٿي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهه مطابق جڏهن انگريزن ميرن کان بادشاهي کسي ان وقت قلعي مان کين ڀالا، تير ۽ ڪجهه منهن ڀرڻ واريون بندوقون مليون هيون. ان ڪوٽ ۾ کجين جا وڻ ۽ ليمن جا وڻ به هئا. اندر ڪوٽ ۾ ٻه رهائش جون جايون، هڪ اوڀر طرف ۽ ٻي اولهه طرف هيون. جيڪي بنياد کان سنهين پڪين سرن ۽ بعد ۾ ڪچيين ڀتين تي ٺهيل هيون. هر هڪ جاءِ ۾ ڪشادو ڪمرو ۽ ان جي اڳيان ورانڊو هو ورانڊي کي ٻه دروازا هئا ۽ پاسن کان هڪ، هڪ دروازو هو اهي سمورا دروازا مٿان گولائي تي هئا. بنهي جاين جي اڳيان هڪ، هڪ کوهه هو. ڪافي جهونن جي چوڻ آهي ته انهن کوهن تي ڀڳل ٽٽل زبون حال نار ڏٺا هئا. جڏهن 1964ع ڌاري درياءَ جي پاڻي سن شهر،درگاه شاه حيدر ۽ قبرستان ۽ هن ڪوٽ کيپائڻ شروع ڪيو هو. ان وقت هن ڪوٽ جو مڪمل اڌ حصو درياءَ جي پائيندڙ سبب هليو ويو. هن ڪوٽ جي اتر واري پاسي ڀرسان چانڊين جو هڪ ننڍو ڳوٺ هو . سائين جي ايم سيد پنهنجي لکيل ڊائري ۾ چانڊين جي ڳوٺ ۽ ان ڪوٽ جو ذڪر هنريت ڪيوآهي ته: ”17 مارچ 1923ع تي حاجي شهبيگ چانڊيو جي ڀاءُ صحتئي خان جي شادي ڪنڊل خان جي نياڻيءَ سان هئي. ان جي دعوت تي وڃڻ ٿيو. رئيس فقير بخش ڪاڇي، ڌڻي بخش شاههڀاڻوٺي، غلامحسين شاهه هالا، قاضي محمد ڪامل هالا، برادرم شهاب الدين شاهه ۽ وڏيرو الهه ڏنو مانجهند آيل هئا. رات رهي، ٻي ڏينهن شام جو ڳوٺ آياسون. نوٽ: چانڊين جو ڳوٺ نورپور جي ڪوٽ جي ڀر ۾ هو، جو پوءِ ٻوڏ جي ڪري ٽٽي ويو.“
    پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ آيل ٻوڏن سبب ان ڳوٺ جا سمورا رهندڙ ان ڪوٽ ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺا هئا. ان ڪري ”ڪوٽائي چانڊيا“ سڏجڻ لڳا. انهن چانڊين ۾ ڪافي وڏي عمر جي ماڻهن کان ڪچهريون ڪيون ويون. جن جي چوڻ مطابق ته ميرن جي وقت کان وٺي ان ڪوٽ جي سار سنڀال چانڊين جي حوالي هئي. هو ٻڌائين ٿا ته: ”چانڊڪا پرڳڻي کان ٻه ڀائر هتي آيا، هڪ جو نالو ايلچي ۽ ٻئي جو نالو ڀمڀو چانڊيو هو. ڪوٽائي چانڊيا انهن ٻن ڀائرن جو اولاد آهن. ان سلسلي ۾ ليکڪ جي ڪافي جهونن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون.
    ايلچي پير ۽ ميرن جون قبرون:
    الهه رکيو چانڊيو جيڪو هن وقت تمام وڏي عمر جو آهي. ان جو چوڻ هو ته ايلچي، ڀنڀو، پريو ۽ ممدو پاڻ ۾ چار ڀائر هئا. وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهه مطابق انهن چئن ڀائرن منجهان ايلچي ۽ ڀنڀو لڳ ڀڳ ميرن جي دور ۾ سن طرف لڏي آيا هئا. ايلچي درويش هو ۽ سندس ڪيترائي مريد به هئا. ان ڪري ايلچي پير جي نالي سان مشهور آهي. سندس مزار سن اسٽيشن جي سامهون اولهه ۾ واقع ٽڪري تي موجود آهي. ايلچي پير جي ڀرسان سندس ڀاءُ ڀنڀي جي قبر آهي. باقي سندن ٻن ڀائرن پريو ۽ ممدو جون قبرون لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهن. ايلچي پير وارو مقام اڄ تائين چانڊين جو سڏبو آهي. چانڊيا قبيلي جي ماڻهن جي فوتگي بعد ان جي تدفين ان قبرستان ۾ ٿيندي آهي. ايلچي پير جي پوئر فقيراڻو گهر سڏبو آهي. هن وقت حاجي حسين چانديو ان جو متولي سڏجي ٿو ان مقام ۾ پندرهن، سورهن اهڙيون قبرون به آهن جن ۾ پڪيون سنهيون سرون استعمال ٿيل آهن ۽ ان جي تعمير جي نموني ڏسڻ بعد ٻه رايا موجود آهن. هڪڙن جو چوڻ آهي ته اهي ڪلهوڙن جي دور سان نسبت رکن ٿيون. جڏهن ته الهه رکيو چانڊيو جي چوڻ مطابق ته شروع کان ٻڌندا اچون ته اهي ميرن جو قبرون آهن. جيڪي ان ڪوٽ ۾ رهندا هئا.
    سن ڪوٽ جو 1964ع ۾ درياءَ جي پاوت سبب اڌ حصو ختم ٿي چڪو هو، اڳتي هلي 1976ع ۾ ٻيهر درياءَ جي پاڻيءَ پاوت ٿي جنهن ۾ سمورو ڪوٽ دريا خورد ٿي ويو. ”سن قلعو“ اهڙو ڪچو ڪوٽ هو جنهن جي طرزِ اڏاوت ۽ نمونو، حيدرآباد ڪچي قلعي ۽ دليل ديري ڪوٽ جهڙي هئي.
    گلڻ شاهه غازي (مزار)
    سن ۾ پليجا محلي لڳ گلڻ شاه غازيءَ جي مزار آهي. مزار جي پٺيان سندس خليفن جون قبرون به مشهور آهن ۽ قبرستان آهي، جنهن ۾ سن جا اڪثر قبيلا پنهنجي فوت ٿي ويل ٻارڙن کي دفن ڪندا آهن. ان ڪري ان قبرستان کي ٻارن جو قبرستان به چوندا آهن. گلڻ شاه غازي ايران کان عباسين جي دور ۾ آيل ٻڌجي ٿو. سندس عرس مبارڪ 14 شعبان تي ٿيندو آهي. سندس مزار جي سار سنڀال هن وقت سن جي ميمڻ برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان نظام الدين سرانجام ڏيندو آهي. جيڪو سندس ميلي جا انتظام ۽ هر مهيني جي 14 تاريخ تي درگاه تي صوفي راڳ رنگ جي محفل ڪرائيندو آهي. انهن ٻنهي موقعن تي ننگر نياز پڻ ڪيو ويندو آهي. ان درگاه جي متولي نظام الدين ميمڻ جي چوڻ مطابق گلڻ شاه اسلام خاطر لڙائي ۾ حصو ورتو هو ۽ زخمي حالت ۾ هتي سن آيل هو. ان ڪري غازيءَ جي لقب سان مشهور آهي. هو چار ڀائر هئا. جن جون درگاهون هن ريت آهن. 1. جمال شاهه جنهن جي درگاهه سن لڳ ڳوٺ ڀنڀرا ۾ آهي. 2. ٻي درگاه درياءَ جي ڪپ تي ڳوٺ جيئندو سرائي ۾ آهي. جيڪو ڪڇي پير جي نالي سان مشهور آهي. 3. درگاه دوست محمد شاه ، جيڪا ڳوٺ هاشم ڇڇر ۾ آهي. ليکڪ کي گلڻ شاهه جي چئن ڀائرن جي متعلق متضاد چئن ڀائرن جا نالا معلوم ٿيندا رهيا. ان ڪري سندس چئني ڀائرن جا تصديق شده نالا ۽ انهن جو تفصيل ملي نه سگهيو. شروع ۾ هن درگاهه جي سار سنڀال راڌڻ پليجو ڪندو هو جنهن ان درگاهه جي ڀرسان لڳ ڀڳ 18 صدي عيسوي ۾ هڪ امام بارگاه جو بنياد به وڌو. جيڪا پليجن جي امام بارگاه جي نالي سان سڏجي ٿي.
    مسافر خانو
    ٻارڙن جي قبرستان لڳ ٽائون ڪميٽيءَ پاران 87-1986ع ۾ جوڙايل هڪ وڏو مسافر خانو پڻ آهي. اهو مسافر خانو جبل کان ايندڙ مسافرن جي استعمال ۾ ايندو هو. ڇاڪاڻ ته اڪثر جبل جي ماڻهن جو سن شهر سان واپار ۽ ڏيتي ليتي ٿيندي رهي آهي. پيش جا واپاري، بلوچستان کان اٺن جي ساٿ سان سن ۾ ايندا هئا ۽ ان مسافر خاني ۾ ٽڪندا هئا ۽ سن جا واپاري هنن کان پيش خريد ڪندا هئا. هي واپاري جڏهن هتي پهچندا هئا ته سن شهر جا رهواسي راڌڻ پليجو، اڱڻ ڪاسائي ۽ حاجي ساماڻو رضاڪارانه طور پنهنجي هڙان وڙان سندن لاءِ مهمان نوازي جا فرائض انجام ڏيندا هئا. کين ماني کارائڻ، رات جي رهڻ لاءِ هنڌ کٽولي جو بندو بست ڪرڻ ۽ انهن مهمانن جي اٺن لاءِ چارو مهيا ڪرڻ پنهنجو فرض عبادت سمجهي، ادا ڪندا هئا. ٻاهران ايندڙ مسافرن جي خدمت ڪرڻ جي ڪري سن ۾ هنن ٽنهي جي ياري مشهور هئي.
    ان مسافر خاني کي هڪ تاريخي شرف به حاصل آهي ته 20 مئي 1888ع تي سنڌ جي محب وطن ماڻهن ۽ سنڌ جي سياسي پارٽين جو هڪ وڏو ڪٺ جمع ٿيو . ان اجلاس جو اهتمام ان مسافر خاني جي هڪ وڏي ڪشادي حال ۾ ٿيو. جنهن جي صدارت سائين جي ايم سيد ڪئي ۽ ان گڏجاڻي ۾ ”سنڌ قومي اتحاد“ جڙيو .
    رني ڪوٽ ڊيم:
    انٽرنيشنل لا مطابق جيڪي به درياءَ آهن، انهن تي پهريون حق ٽيل وارن جو آهي. پر هتي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ لاءِ وڏي صوبي طرفان اهو چيو ويندو آهي ته اهو سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو ۽ ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. جڏهن ته سنڌ جو موقف اهو آهي ته سنڌو درياءَ تي ٽيل وارن جو حق آهي، اهو هڪ وڏو بحث طلب مسئلو آهي. هتي اسان صرف اها ڳالهه درج ڪريون ٿا ته مشرف تي وڏو پريشر هو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهي. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي پريشر کي ماٺو ڪرڻ لاءِ هن جبل مان ايندڙ نئين جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ سمال ڊيم اسڪيم جاري ڪرائي، جنهن ۾ رني ڪوٽ ڊيم به شامل هو.
    اهو ڊيم سن کان رني ڪوٽ ويندڙ رستي، نئين سن تي ٺاهيو ويو جيڪو سن کان 14 ڪلوميٽرن تي آهي. هن وقت ان ۾ اسٽور ٿيل پاڻيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ ۽ مال جي پيئڻ ۽ زمينن جي آباديءَ لاءِ ڪتب اچي ٿو. اهو ڊيم پوريءَ طرح آپريٽ نه ٿيو آهي.
    نئين سن:
    نئين سن کي نئين رني، موهن نئين به چوندا آهن. برساتن پوڻ کان پوءِ لڪيءَ جي جبلن تان هڪڙو وڏو پاڻي وهي، رني ڪوٽ جي اولهه واري دروزاي کان ڪوٽ جي اندر داخل ٿيندو آهي. اها نئين جڏهن رني ڪوٽ جي اوڀر واري دروازي کان ٻاهر هوندي آهي ته ’نئين موهن‘ جي نالي سان سڏبي آهي. جڏهن ڪوٽ جي اندر داخل ٿيندي آهي ته کيس ’رني نئين‘ چيو ويندو آهي.
    ڪوٽ جي اندر ان ساڳي نئين ۾ ڏکڻ واري ديوار وٽان شاهه پير دروازي ڀرسان ديوار جي هيٺان موريءَ جي رستي هڪ پاڻيءَ جو ڍورو داخل ٿي، شامل ٿيندو آهي.
    نئين جي پاڻيءَ جو وڏو مقدار سن دروازي مان خارج ٿي، اوڀر ۾ واقع سن ڀرسان سنڌو درياءَ ڏانهن روانو ٿيندو آهي. جڏهن ته ڪوٽ جي اندر ان نئين جي پاڻيءَ جو ڪجهه مقدار ٻڌيه موري يعني آمري دروازي مان خارج ٿيندو آهي. جنهن کي ’تومنگ ڊورو‘ چون ٿا. اهو اتر واري پاسي کان ڏهه ڪلوميٽر سفر ڪرڻ بعد وري ڪوٽ کان ٻاهر ساڳي نئين ۾ پوندو آهي.
    ڪنهن زماني کان وٺي سن ريلوي اسٽيشن سن کان اولهه طرف، چوڏهن ميلن جي فاصلي تي سن نئين مان هڪ ڍورو نڪري، اسٽيشن کان مٿي وارين زمينن کي سيراب ڪندو رهيو آهي. جيڪو مُئي ڍورو جي نالي سان مشهور آهي.
    سن نئين تي 2008ع ۾ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، سمال ڊيم اسڪيم جي ذريعي ’رني ڪوٽ ڊيم‘ تعمير ڪرايو، جيڪو سن کان 14 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اهو ٺهي راس ته ٿي ويو پر مڪمل طرح آپريٽ نه ٿيو آهي.
    ’سن نئين‘ ريلوي اسٽيشن لڳ اتر ۾ ويهه دري پل هيٺان ٿيندي، انڊس هاءِ وي جي پل هيٺان وهندي، اچي سن شهر لڳ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.
    چچ نامي ۾ ذڪر آهي ته ”ديبل کان سيوهڻ ويندي هڪ وهندڙ ندي آئي. ان ڪري ڪجهه عرصو عربن جو لشڪر اتي ترسيو. اها دراصل نئين سن هئي. نئين سن جي ذريعي 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته اوهان جا مضمون پنهنجي بلاگ جي زينت بڻائجن ..اوهان جي ٿورن سان پيش ڪيا ويندا..منهنجي بلاگ جي سونهن ۾ اضِافو ٿيندو..
     
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    محترم منظور ڪلهوڙو صاحب، اوهان کي اجازت آهي،منهنجي مضمونن کي پنهنجي بلاگ جي ڀلي زينت بنايو. مون کي ته خوشي ٿيندي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 فيبروري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    لک قرب..مرڪندا رهو
     
  5. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    محترم خدا بخش جويو صاحب جن انتهائي سٺي محنت ڪري هڪ تاريخي وڏو خزانو اسان تائين پهچايو آهي.
     
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بي لوث محنت سان سجايل تاريخي ڄاڻ وارو مضمون شيئر ڪرڻ لاءِ لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    تمام بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو