تيڏا لٽيا شهر ڀنڀور دا

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ Kamran Ali Channa طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2015۔

  1. Kamran Ali Channa

    Kamran Ali Channa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تيڏا لٽيا شهر ڀنڀور دا....سنڌ کي سنڌيئن کان آجو ڪرڻ جا مذموم منصوبا.
    سنڌ ۾ 70 لک سنڌي ڪاري ڪامڻ ( هيپاٽائٽس اي، بي ، سي ۽ ڊي ) جي موت مآر مرض ۾ مبتلا آهن جنهن جو سڀ کان وڏو سبب پنجاب جي ڪارخانن مان زهريلي ڪيميائي مواد کي سنڌ ڏانهن موڪلڻ آهي.
    ٺٽي ۽ لاڙ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ گٽڪي جي وبا سبب آبادي جي اڪثريت اپاهج ۽ ناڪاره بنائي پيئي وڃي.
    لاڙڪاڻي ۽ اتر سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ ايڊز جي وڌندڙ لاعلاج ۽ جان ليوا مرض سبب هر روز ڪيترا ئي انسان موت جي منهن ۾ ڌڪيلجي رهيا آهن.
    ٿر ۾ بکن ۽ بيماريئن وگهي معصوم ٻار مري رهيا آهن.
    مذهبي دهشتگردن هٿان سنڌ جي اصل مالڪن سنڌي هندوئن جي نياڻيئن جا اغوا ڪرائي، زور و جبر جي بنياد تي سندن مذهب تبديل ڪرائي ۽ سندن عبادتگاهن کي ساڙي کين تنگ ڪري کانئن سندن اباڻي، ڏاڏڻي ڌرتي ڇڏرائڻ جا رياستي آشيرواد هيٺ قدم کنيا پيا وڃن.
    خاڪي وردي وارن سنڌ جي بي ضمير پيپلن وڏيرن کي سنڌ مٿان مسلط ڪري رکيو آهي کين خبر آهي ته اهي نا مرد ۽ کسي وڏيرا خسيس مفادن، ذاتي عياشيئن، ڪرپشن ۽ بي اختيار ڪرسي خاطر سنڌ کي وڪڻڻ ته ڇا پنهنجا ننگ ۽ لڄون وڪڻڻ لاءِ همه تن حاضر ۽ تيار رهندا آهن.

    ان مٿان بحريه فائونڊيشن، ذوالفقار آباد ۽ ڊي ايڇ اي سميت سنڌيئن کي اقليت ۾ آڻڻ جا منصوبا تمام تيزي سان جاري آهن.
    سنڌيئن جي منظم نسل ڪشي مٿان پنجابي رياست جي ڀرپور ڪوشش اهيا آهي ته ڌاريئن ڪٽڪن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ جي وسيلن تي مڪمل قبضو ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي سنڌيئن کان آجو ڪيو وڃي. نه هوگا بانس ، نه هي بجيگي بانسري.

    ياد رکو....!
    سنڌ کي صرف قومي تحريڪ جو اتحاد ئي بچائي سگهي ٿو ان کانسواءِ ڪا به ٻي واهه، ڪو رستو، ڪا گهٽي ڪو گهيڙ ناهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو