1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌي عورت: ڪاري رات، ڪچو گهَڙو، اوڻٽيهه اونداهي !

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    1,099
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]سرويچ ساريو

    دنيا ۾ عورتن کي مردن برابر رتبو ڏيارڻ لاءِ پوري دنيا ۾ هر سال 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي روايت پنهنجا مضبوط پير کوڙي رهي آهي، جيڪو عمل ، پوري دنيا ۾ عورت کي عزت ، تحفظ، پيار ۽ سماج ۾ پنهنجو جائز ۽ گهربل مرتبو ۽ مريادا ڏيارڻ لاءِ سوڀارو ۽ شانائتو آهي.

    اڄوڪي ڏينهن تي ذري گهٽ دنيا جي مڙني ملڪن ۾ عورتن جي سماجي آزادي، صنفي برابري ، کيس مڃتا ۽ پيار جو احساس ڏيارڻ سان گڏ سندن معاشي ، سياسي ، سماجي مسئلن جي حل واسطي اپاءَ وٺڻ ۽ عورتن جي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتن ۽ کنيل وکن کي جوڳي اهميت ڏيڻ / ڏيارڻ لاءِ تقريبون ڪوٺايون وينديون آهن، رٿائون جوڙيون وينديون آهن ، عورتن جي تحفظ لاءِ قانون جوڙيا ويندا آهن، سماج ۾ عورتن جي عزت ، برابري ، تحفظ ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءَ جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي آهي.

    دنيا ۾ عورتن جو اهو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات جو فيصلو ، نيويارڪ ۾ 28 فيبروري 1909 ع تي عورتن جي جائز مقام لاءِ امريڪا جي سوشلسٽ پارٽيءَ پاران شروعات ڪئي وئي هئي، ۽ آگسٽ 1910 ع ۾ عورتن عجي عالمي ڪانفرنس ، ڊينمارڪ ۾ ٻي انٽرنيشنل جي موقعي تي ڪوٺائي وئي، جتي امريڪي ۽ جرمن سوشلسٽ اڳواڻن جي ڀرپور سهڪار سان عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، جتي دنيا جي 100 ملڪن جي لڳ ڀڳ نمائندن ان رٿا جي تائيد ڪئي ۽ ٻي سال يعني 19 مارچ 1911 ع تي دنيا ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي سماجي آزادي ۽ صنفي برابريءَ لاءِ آسٽيريا، ڊينمارڪ ، جرمني ، امريڪا، ۽ سوئيزرلينڊ ۾ اهو ڏينهن ملهايو ويو. نيويارڪ ، ويانا، پيرس، روم ، لنڊن ۾ به عورتن پنهنجي صنفي برابريءَ لاءِ واڪ ڪري پنهنجي عورتازاد جاڳرتا جي نئين دور جو آغاز ڪيو. روس جي عورتن ، پنهنجو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو 1913 ع جي فيبروري مهيني جي آخري آچر تي ملهايو. 1914 ع جي 8 مارچ تي آچر هو ، ۽ ان ڏينهن ذري گهٽ پوري يورپ ۾ ساڳي ئي ڏينهن عورتن جي عالمي ڏهاڙي جون اڻ ڳڻ تقريبون ٿيون ۽ تنهن ڏينهن کان هر سال 8 مارچ جو ڏينهن ، عورتن جو عالمي ڏينهن طور پوري دنيا ۾ ملهائجي رهيو آهي. 1917 ع ۾ روس ۾ آيل پهرين ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ 8 مارچ، سوويت يونين جو سرڪاري موڪل جو ڏينهن بڻايو ويو ۽ چين جا ڪميونسٽَ، 1922 ع کان ، اسپين جا ڪميونسٽ 1936 ع کان هر سال 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائيندا ٿي آيا. پهرين آڪٽوبر 1949 ع ۾ چين ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچڻ کان پوءِ اتي به 8 مارچ ، سرڪاري طور موڪل جو ڏينهن ڪيو ويو. اولهه جي ملڪن پاران 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو تڏهن کان ڪيو ويو ، جڏهن 1977 ع ۾ گڏيل قومن پهريون ڀيرو ، 8 مارچ کي عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

    اڄوڪي دور ۾ افغانستان ، انگولا ، امريڪا ، آذر بائيجان ، بلارس ، برڪينا فاسو ، ڪيمبوڊيا ، چين ، ڪيوبا ، جارجيا ، گئنيا بيسائو ، ارٽيريا ، ڪازڪستان ، ڪرگستان ، لائوس ، ميڪڊونيا ، مالدووا ، منگوليا ، نيپال ، روس ، تاجڪستان ، ترڪمنستان ، اُگنڊا ، يوڪرين ، ازبڪستان ، ويٽنام ۽ زمبيا ۾ 8 مارچ تي سرڪاري طور موڪل جو ڏينهن هوندو آهي ، ۽ ڪيمرون ، ڪروٽيا ، رومانيا ، بوسينيا ۽ هرزيگونيا ۾ جيتوڻيڪ 8 مارڄ تي سرڪاري موڪل ته نه هوندي آهي، پر هي ڏينهن تمام وڏي پيماني تي سرڪاري طور ملهايو ويندو آهي.

    ظاهري طور اڄوڪي ڏينهن تي پوري دنيا ۾ عورتن جي مردن سان برابري ۽ سندن ٻين حقن لاءِ پوري دنيا ۾ ريليون نڪرنديون آهن، واڪ ٿيندا آهن، تقريبون ، ڪانفرنسون ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا آهن، مرد ، پنهنجن ساٿياڻين کي، سنگتياڻين کي، ڀينرن کي ، مائرن کي ۽ آفيسن ۾ گڏ ڪم ڪندڙ عورتن کي تحفا ڏيندا آهن، پر ان کان به اڳتي، اڄوڪي ڏينهن جي جيڪا سڀ کان وڏي اهميت آهي ته هر سال ، هر 8 مارچ جو ڏينهن ، عورتن جي صدين جي غلاميءَ جي زنجير جي هڪ ڪڙي ٽٽڻ جو ڏينهن هوندو آهي، ۽ 8 مارچ جي حوالي سان مسلسل وڌندڙ جاڳرتا، اها چِٽائي پئي ڪري ته عورتن جي ذهنن تي ، جسمن تي ، روحن تي ، دلين تي ، ۽ سندن سمورن حواسن تي ، عورتن جي شعور تي ، لاشعور تي ، جيڪو مرداڻي سماج جي برتريءَ جو غلبو آهي، مرد جي طاقت ۽ پنهنجي ڪمزوريءَ ۽ ڪمتريءَ جو نفسياتي اثر آهي، عورت تي ، صدين کان نڀاڳ ، نحوست ۽ ناپاڪيءَ جو جيڪو پرتوو آهي، 8 مارچ ، ان نفسياتي غلاميءَ جي هٿ ڪڙين ، پير ڪڙين جي ٽٽڻ جو ڏينهن آهي، سندن ذهني ۽ روحاني شڪست جي جيت جو ڏينهن آهي، پاڻ کي مردن برابر مڪمل ۽ سماج جو هڪ متحرڪ انسان سمجهڻ جو ڏينهن آهي.

    صدين کان عورت ، هڪ ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ نه ڏٺي وئي آهي، نه سمجهي وئي آهي. اوائلي تاريخ ۾ ته عورت جو ذڪر آيو ئي ناهي، ۽ جيڪڏهن ڪٿي ان جو ذڪر آهي به ته اڻ چٽو ، ۽ کيس رڳو مرد جو تفريحي رانديڪو ۽ سندس هر خواهش جي پورائو ڪندڙ اوزار طور پيش ڪيو ويو آهي. سائنس ، علم ، مذهب ۽ طاقت جي نماءَ ۾ عورتن جو ڪو ڪردار، ڪو حصو ڪٿي به ڏيکاريو ئي نه ويو آهي. دنيا جي پراڻن کان پراڻن ۽ نون کان نون مذهبن تائين ، عورت کي هيڻائي ۽ ڪمزوريءَ جي علامت ڪري پيش ڪيو ويو آهي. مرد کي مٿس حاڪم ڪري ٿاڦيو ويو آهي، مرد ، عورت لاءِ مزاجي خدا ۽ خدا جو نائب ۽ خليفو بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. اڻويهين صديءَ کان اڳ تائين ، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي تاريخ جاچيو ، ادب جاچيو ، فلسفو جاچيو ، نظريا جاچيو ، مذهب جاچيو ، مذهبن جي تعليم جاچيو ، مذهبن جا بانيڪار جاچيو ، مذهبي ڪتاب جاچيو ، يا هٿ آيل ، محفوظ بڻيل ٻيو لٽريچر جاچيو ، ان سموري پراڻَ ۾ اوهان کي عورت ، مرد جي قوت ۽ جنسي ڏاچ جي تابع نظر ايندي، عورت، مرد جي تفريح ۽ جنسي تسڪين لاءِ تخليق ٿيل/ڪَيل نطر ايندي. پراڻي دور جي وڏن وڏن فلسفين ، سقراط ، بقراط کان وٺي، وچين تاريخي دور جي علم جي اڪابر مسلمان ڏاهن کان مذهبي مهندارن تائين، يورپ جي تاريڪ دور جي دانشورن کان جاڳرتا واري دور جي دانشورن تائين، ايشيا جي فلسفين کان مصر ، ايران ۽ افريڪا جي عالمن تائين ، ويهي اڻويهي جي فرق بنا عورت سراپا برائي ۽ مردن جي پيرن جي پڻي قرار ڏني وئي آهي. مرد کي ڦونڊ ۾ ڀريو ويو آهي ۽ عورت کي سندس پاسيراٽين منجهان ٺاهيل ڏيکاري، سندس هر قسم جي حوس لاءِ حلال ڏيکاريو ويو آهي.

    مصر ، افريڪا ،ايران ، يونان ، عربستان ۾ عورت ساڳي ئي وقت پيءُ توري پٽ لاءِ ”حلال“ رهندي آئي آهي، ( ايران ۽ يونان ان بدعيت مان هاڻي نڪري چڪا آهن، باقي مصر ، افريڪا ۽ عرب قوم جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اها سوچ ۽ عمل اڄ به جاري آهي ) ، تاريخ جي ڪيترن ئي دورن ۾ ، ڪيترن ئي قومن منجهه اهو عام پئي رهندو آيو ته هڪ عورت ساڳي ئي وقت سمورن ڀائرن جي بستري تي گڏ گڏ رهي سگهي ٿي.

    اوڀر ، وچ اوڀر، قديم يونان ، اٽلي ۽ گهڻو ڪري دنيا جي سمورن بندرگاهن وارن شهرن ۾ عورتون ٻيڙياتن لاءِ هر وقت هڪيون تڪيون بيٺيون هونديون هيون، پراڻي دور جي آباديءَ وارن علائقن ۾ عورتون چوراهن تي جسم فروشي ڪندي ڏيکاريون ويون آهن، حسن جون بازارون ته ”ترقي ڪيل ۽ سڌريل دنيا“ جون گهڻو پوءِ واريون ايجادون آهن، يونان جي دور کان عيسائيت، ۽ اسلامي دور جي عروج تائين، روم جي ٺهڻ، يورپ جي وجود پوڻ کان فرانس ۽ انگلينڊ جي وِڪٽورين دور تائين، عورتون ”ڌنڌو“ ڪرڻ جو ٽول رهيون آهن. ۽ ان ”ڌنڌي“ جي ڪمائيءَ جو کَٽيو، بادشاهن جون راڻيون، ۽ پنهنجي وقت جي معتبر ۽ معزز مردن جون مايون، کائينديون رهيون آهن.

    افريڪا جي قديم علائقن ۾ عورت جو بالغ ٿيڻ اڄ به نڀاڳ سمجهيو وڃي ٿو. جتي بالغ ٿيندڙ چڇوڪريون ، قرد رکيون وينديون آهن ، يا سندن مائٽ علائقي جي ڪنهن ”معزز“ کي تحفو ڪري پيش ڪرڻ کان پوءِ ئي سک جو ساهه کڻندا آهن. مرد وانگر، عورت جي جنسي عضون جي ڪٽَ سٽَ ( جَينيٽِل ڪٽنگ )جي برائي، پوري افريڪا ۾ اڄ به عام آهي.

    روم ۾ جڏهن ڇوڪرو بالغ ٿيندو هو ته خوشيون ملهايون وينديون هيون ، ۽شادمانا ڪيا ويندا هيا، بالغ ڇوڪرو، حسن عشق جي ديوي وينس جي مندر ۾ وڃي، ڪنهن ڪنواري ڪمري ديوداسيءَ کي پنهنجي جوانيءَ جا جوهر ڏيکاريندو هو، ۽ ان تڙپندڙ ۽ ڦٿڪندڙ ديوداسيءَ جو رت هاڻو چولو کڻي، تير ڪمان تي ٽَنگي، سڄي شهر ۾ جلوس ڪڍيو ويندو هو. دنيا ۾ اڄ به ڪيترين ئي قومن ۾ اها وبا عام آهي ته نوجوان ڇوڪري کي هڪ ٻانهي تحفي ۾ ڏني ويندي آهي ته جيئن هو ”گرمي“ گهٽ ڪندو رهي. . ايران ۽ افغانستان ۾ ڌيئون وڪڻڻ جو تمام اوائلي رواج، اڄ به عروج تي آهي. ( افغانستان جي ڀيٽ ۾ ايران ۾ گهٽ ) ۽ اها وبا، سنڌ ، پاڪستان سميت ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي مضبوط ”مَنڊي“ ٺاهي چڪي آهي.

    هتي، گڏيل هندستان ۾ مغل دور دوران هڪ قانون هو ، جيڪو چنگيز خان جي دور کان لاڳو هو ، جنهن کي ”تورا چنگيزي“ چوندا هئا، ان قانون موجب جيڪا عورت وقت جي بادشاهه کي وڻي وئي، اها مڙس تي حرام ٿي ويندي هئي، ان عورت کي هار سينگار ڪرائي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪبو هو، ۽ سنڌ ۾ به نياڻيون ، ”اوٺيون“ بڻائي، هار سينگار ڪرائي، بادشاهن بدران پيرن جي حويلين تائين ، پهچائڻ واري رسم صديون پراڻي رسم آهي. پندرهين صديءَ جي يورپ ۾ وڏي عمر جون راڻيون ڪنوارين ڇوڪرين کي مارائي، سندن رت سان وهجنديون هيون ته جيئن هو انهن وانگر سدائين جوان ۽ زندگيءَ جي مزي سان ڀرپور رهن. ڏکڻ هندستان جا نمبودري برهمڻ ، اڄ به پرڻجندڙ ڪنوار کي پهرين رات پاڻ وٽ گهرائيندا آهن . ان عالمي پسمنظر ۾ سنڌ جي عورت جي ڪهاڻي به هوبهو اهڙي آهي، جنهن جي تصوير نگاري، سنڌين جي رهبر لطيف ڪجهه هيئن ڪئي آهي:

    سرتيس تان سور ، سامائي ته سک ويا،

    اهي ٻئي پور ، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.

    سنڌي عورت لاءِ پيءُ ، ڀاءُ توڙي مڙس ، ٽئي ڳالهه مڙيئي هڪڙي آهن، ۽ هوءَ سندن ”ڏک“ به ”سک“ سمجهي، اوڙاهه جي ڄَر ، پار پوڻ قبولي ٿي.

    ڏاگهن ، ڏيرن ، ڏونگرن، ٽنهين ڏنم ڏک ،

    سي سڀ ڀانيم سک ، ساجن ڪارڻ سسئي !

    سنڌي عورت ، ڄمي ٿي وڪرو ٿيڻ لاءِ ، جوان ٿئي ٿي ڪاري بڻجڻ لاءِ، کيس جيئندان ملي ٿو ، ”ڳاڙهي“ ٿيڻ جي صورت ۾ ، ڀاءُ ، پيءُ ۽ مڙس جي ڏوهن جو ڪفارو ادا ڪري ٿي، سڱ چٽي بڻجڻ جي صورت ۾ ، ڪنهن پير ، مير ، مُلي ۽ وڏيري جي در جي گولي غلام بڻجڻ جي صورت ۾ ، در در پنهنجي عزت داءَ تي لڳائي، ساهه پنندڙ عورت، سنڌي عورت آهي، جيڪا دوزخ جي دونهين ۾ ساهه کڻي رهي آهي.

    ڀينر هن ڀنڀور ۾ ، دوزخ جو دونهون ،

    سوارو سونهون ، پڇي پورج سسئي .

    سنڌي عورت ، مردن برابر سماجي رتبو گهرڻ لائق ته پري، پر پنهنجي ذهن کي، دل کي ، دماغ کي، روح کي، نفسيات کي، خواهش کي، احساس کي ، ۽ اهڙي هر ٻي جذبي کي به ، اڃان اهڙي سوچ سوچڻ کان به پري رکي ڇڏيو آهي. سنڌي عورت مٿان مرد جي دائمي غلاميءَ جي ڪاري رات جو قهر اڃان جيئن جو تيئن جاري آهي، اتي مرد جي غلاميءَ مان آزادي ماڻڻ وارن جذبن جو دَٻيل ڪچو گهَڙو ، اڻٽيهين اونداهيءَ ۾ ٻوڙي ئي سگهي ٿو.

    ڪاري رات ، ڪچو گهڙو ، اڻٽيهه اونداهي ،

    چنڊ نالو ناهي ڪو ، درياءُ درلائي ،

    ساهڙ ڪارڻ سهڻي، آڌيءَ ئي آئي ،

    اي ڪم الاهي ، نا ته ڪُنن ۾ ڪير گهِڙي ؟

    سنڌ جي ”سهڻي“ جو ”ساهڙ“ ظالم آهي ، خوني آهي ، پاپي آهي، پنهنجا پلاند پاڙڻ لاءِ سهڻيون ٿو ماري، پنهنجيون قبر ڪنڌيءَ پهتل امڙيون ٿو ماري ، ۽ ونيون ٿو ماري ، ٻنيون ورائڻ لاءِ ؛ ڪهاڙين سان رت جا ريلا ٿو وهائي، ٻين جا آوندا ، پنهنجا ڪرائڻ لاءِ. ۽ اهو سڀ ڏسندي، سهندي ، ڀوڳيندي به ”اي ڪم الاهي “ چوڻ واري، سنڌي عورت آهي.

    ان باوجود ، يقين ڄاڻو ، 8 مارچ ، دنيا سان گڏ ، سنڌ ۾ به علامت بڻجڻو آهي، سنڌي عورت جي سماجي ، سياسي ، معاشي ، ۽ نفسياتي آزاديءَ جي. ۽ سنڌي عورت مٿان ، صدين جي مرد جي برتريءَ وارو ڪوٽ، ڪرڻو آهي، عورت کي انسان ۽ پنهنجي مٽ سمجهندڙ سنڌي مردن سميت پوري دنيا جي مردن جي سهڪار سان. ۽ سنڌي عورت، ڇِپن هٿان پير ڇنائيندي به انساني آزاديءَ جو اوج ماڻي، دنيا لاءِ مثال بڻجڻي آهي.

    ڪنڊا مون پيرن ۾ ، توڙي لک لڳن ،

    آڱر آڱوٺي نه مُڙي، ڇپون پير ڇنن ،

    ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پايان
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    391
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    525
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
     
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    525
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    نهايت بهترين ڪالم لکيو آهي سرويچ ساريو
     
  5. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    573
    ورتل پسنديدگيون:
    676
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ساهڙ ڌاران سهڻي نسوري ناپاڪ......
     
  6. ڪراڙو ماڻهو

    ڪراڙو ماڻهو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٻني ٻارو
    ماڳ:
    ابراهيم ڳوٺ
    سائين منهنجا عورت هر روپ ۾ مرد جي برابر آهي. عورت کي آدم جي پاسري مان تخليق ڪيو ويو آهي، جيڪا مرد جي برابر هئڻ جي نشاني آهي. هڪ بيمار ۽ لاچار معاشرو جنهن کي پنهنجي ڪا سڃاڻپ نه هوندي آهي ، اهو معاشرو عورت جي اهميت ۽ آزادي کان نا واقف رهيو آهي ۽ رهندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو