ياسر قاضيءَ جي ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ياسر قاضيءَ جي ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ تي تبصرو

    محمد سليمان وساڻ

    پياري دوست ياسر قاضيءَ جو ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جو ڪتاب ” ٻيڙيءَ ۾چنڊ “ منهنجي هٿن ۾ آهي. ياسر قاضي پاران ڪالهه ئي محبتن ڀريو ٻن ڪتابن جو تحفو مون تائين پهتو آهي، جن مان هڪ ته ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو هي ڪتاب ۽ ٻيو ڪتاب سندس والد ۽ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي نامياري شخصيت قاضي مقصود گُل تي لکيل تاثرات جو ”گُل ڇنو گرنار جو“ آهي. ياسر قاضي جي سڃاڻ جيتوڻيڪ اسان وٽ گهڻو ڪري هڪ اهڙي ڪمپيئر جي آهي جيڪو ريڊيو، ٽي وي يا اسٽيج تي محفلن ۾ جان وجهڻ خوب ڄاڻي. سندس آواز، سندس ڄاڻ ۽ موقعي جي مناسبت سان پڙهيل شاعري سچ ته ڪمال جي هوندي آهي. پر ياسر ان سان گڏ هڪ آرٽسٽ، ليکڪ ۽ خوبصورت شاعر به آهي. سندس اسڪيچ ۽ ڪجهه ٺهيل ڊزائنس جو البم هن سوشل ميڊيا تي به رکيو آهي جنهن کي مان پڻ سنڌ سلامت ذريعي سنڌي ماڻهن تائين پهچايو آهي. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ هر مهيني ڪيئي ڪتاب ڇپجن ٿا جن ۾ تحقيق، شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڪالم ته شامل آهن پر ٻارڙن لاءِ ادبي ڪتاب ورلي ئي ڇپجن ٿا. اسان وٽ ڪيتريون اخبارون ۽ رسالا به ڇپجن ٿا پر انهن مان ڪي چند ئي ٻارن لاء صفحا مخصوص ڪن پر انهن ۾ به معياري لکڻيون نه هجڻ جي برابر آهن. اهڙي وقت ۾ ياسر قاضي جو هي ڪتاب ٻارڙن لاءِ هڪ تحفو آهي. ياسر قاضي جي هن ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ”سال 2012ع جي ٻارڙن جي بهترين ڪتاب“ جو ايوارڊ به مليل آهي. ياسر قاضي جو ٻارڙن لاء لکيل شاعريءَ جو هڪ ٻيو ڪتاب ”اُٺ ماما گوگڙو“ پڻ سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران ڇپيل آهي. ٻارڙن لاء لکڻ ڏکيو آهي يا نه ؟ ان تي ڪيترائي دوست مختلف ڳالهيون ڪن ٿا پر مان سمجهان ٿو ته ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ اوهان کي ٻار ٿيڻو پوي ٿو جيڪو ڏکيو ڪم ضرور آهي پر نا ممڪن به ناهي. ياسر قاضي جو هي ڪتاب پڙهڻ ويٺس ته مونسان منهنجو اڍائي سالن جو پُٽ ذيشان ۽ ڪجهه ٻيا ٻار به گڏ ويٺا هيا، شاعري پڙهندي ٻار خوب کلندا رهيا ۽ مان به الائي ڇو پاڻ کي وري ٻاراڻي دنيا ۾ واپس وٺي ويس ۽ ڄڻ ته ٻار ئي ٿي ويس، ٻاراڻو انداز، شاعري پڙهڻ جو مخصوص سُر. ياسر قاضي جي هن ڪتاب ۾ جيڪي نظم، گيت يا شاعري شامل آهي ان جي عنوان جي مناسبت سان ياسر قاضي اسڪيچ به شامل ڪيا آهن. سندس نظمن ۾ مزاح، وندر، ڄاڻ ۽ دلچسپيون موجود آهن جيڪي ٻارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون.

    سندس نظمن ۽ گيتن جا عنوان به دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن جيئن چنڊ ماما، ٽافين جو مينهن، روئڻو راجو، نوريئڙو ۽ نسوار.

    مولا منهنجو عرض اگهاءِ
    ٽافين جو ڪو مينهن وساءِ


    کٽمٺڙن جا کوڙ ٿين شل
    کنوڻيون ۽ گجگوڙ ٿين شل


    ساڳي وقت ڪجهه نظم ۽ شاعري سنجيده ۽ ٻارن لاء ڊسپلين پيدا ڪري ٿي جيئن اجرو ٻار، ڪاميابيءَ جو ڪتاب، اسڪول جو گهنڊ ۽ آءُ وڃان اسڪول وغيره.

    مُرڪي سڀ سان آءُ ملان ٿو
    کلندي سڀ جو خيال رکان ٿو
    ڪونه سُڄايان ڊول او ٻارو
    روز وڃان اسڪول


    سندس ڪجهه عنوان ۽ شاعري ٻارن لاء ڄاڻ به وڌائي ٿي ته دلچسپي پڻ جيئن شهرن جا پراڻا نالا، بجلي، هيليڪاپٽر، ڪينگرو وغيره.

    هي ڪراچي مورڙي جو آ وطن
    سو سڏائيندو ڪلاچيءَ جو هو ڪُن


    برهمڻ آباد منصوره هيو
    سنڌ جي گادي وڏو عرصو رهيو


    سنڌ جي ڪڏهن ملتان هو
    پهرين سيوهڻ شهر سيوستان هو


    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل 111 صفحن جي هن خوبصورت ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي. ڪتاب جو مهاڳ ادل سومري جو لکيل آهي جڏهن ته مقصود گُل جي ڪتاب تي ڏنل راءِ پڻ شامل آهي. بيڪ ٽائيٽل تعارف ۽ تبصرو نصير مرزا لکيو آهي. مان ياسر قاضي ۽ پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگي کي عرض ڪندس ته هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي به ڏين جيئن هي ڪتاب سوشل ميڊيا ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پهچائجي، خاص ڪري انهن سنڌين تائين جيڪي سنڌ کان ڏور ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ انهن جي ٻارڙن کي اهڙن ڪتابن جي ضرورت پوي ٿي جيئن ڌارين ملڪن ۾ رهندي به پنهنجي ٻارن کي سنڌي ٻولي ۽ ٻاراڻي شاعري پڙهائي سگهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين تمام سٺو. واقعي ٻارن تي لکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ان لا پاڻ کي به ٻار ٿيڻو پوي ٿو، ويترن ان ۾ وري سڀ قسم شامل هجن يعني نثر نظم ۽ ڪهاڻيوڻ ته پوانڃان به مشڪل ٿيو پوي.
    ڪتاب ڪيترن حصن ۾ ورهايل آهي؟
    مطلب ڪيترا باب. چيپٽر وغيره اٿس؟
    ۽ ٿي سگهي ته چيپٽرن جا ٿلهي ليکي عنوان ئي ٻڌائجو ته مهرباني ٿيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو