شاهه محمد پيرزادو : سُونهن جي سئو صورتن جو شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    شاهه محمد پيرزادو : سُونهن جي سئو صورتن جو شاعر


    مسرور پيرزادو

    جيئن دنيا ۾ مختلف قسمن جا گل آهن تيئن شاعريءَ جي دنيا ۾ به مختلف قسمن جا شاعر آهن. ڪن جي خوشبو ڪهڙي ته ڪن جي ڪهڙي! ڪن جا رنگ الگ ته ڪن جي سُونهن! اهو ماڻهن جي مزاج ۽ پسنديدگيءَ تي منعصر هوندو آهي ته انهن کي ڇا ٿو وڻي! شاهه محمد پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ هڪ گل آهي. پر هي اهو گلاب جو گل ناهي، جيڪو پري کان ماڻهن جي ديد پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. هي اهو سهڻو گل آهي جيڪو ٻين گهڻن گلن جي پويان ۽ هجوم ۾ لڪل آهي. ان جي سُونهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهوءِ کي هن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ آهي ته هن جي سندرتا کي صحيح نموني پسي نه سگهندو. هن معصوم گل جهڙي شاعر جي شاعريءَ مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هن وٽ ڪي پل چُپ ڪري ويهڻو پوندو. فقط پوءِ ئي ماڻهو هن جي نظمن ۾ موجود محبت جي مستيءَ کي محسوس ڪري سگهندا. هن وٽ محبت جو اظهار ٻين شاعرن کان مختلف ۽ موهيندڙ آهي. اهڙو محبت جو معصوم اظهار جهڙو هن مختصر نظم ۾ آهي.

    هن دفعي
    سال جو سڀ کان
    ننڍو مهينو (فيبروري)
    ڪيڏو وڏو ٿي ويو آ.
    توسان ملڻ ئي نه ٿيو آ.

    شاهه محمد جي شاعريءَ جي سڃاڻپ اهائي معصوم محبت آهي جنهن جو اظهار هو سادي انداز ۾ ڪري ٿو. هن جي نظمن جو پس منظر گهڻو ڪري ڳوٺاڻو آهي ۽ هن جي شعرن کي اهو ئي ماڻهو وڌيڪ انجواءِ ڪري سگهن ٿا جن جون حياتيون ڳوٺن ۾ گذريون هجن. جن کي اهو پتو هوندو آهي ته گارو ڪري جڏهن اڱڻ لِنببو آهي ته پوءِ ان جي آلاڻ ۽ مهڪ ڪهڙي هوندي آهي! هن جو اهو سمورو نظم خوبصورت آهي، جنهن م هو چوي ٿو ته:

    نئين لتل آلي اڱڻ جيان منهنجي دل
    ۽ تون اچين ٿي ڊوڙ پائي،
    ڪنهن اُٻهري ٻار وانگر!
    تنهنجي پيرن جون تريون،
    منهنجي تصور ۾ ٺهيون
    ۽ رهيون مون ۾ هميشه
    ڄم جي ڪنهن چٽ وانگر،
    تون حواسن تي آن ڇانئي
    آلي اڱڻ جي مهڪ وانگر.

    هن وٽ پنهنجي ڪيفيت جي اظهار جو مختلف طريقو آهي. دنيا جي سڀني شاعرن پنهنجي محبوب/ محبوبا کي سڏ ڪيا آهن. پر شاهه محمد جو هي معصوماڻو سڏ ڏسو:

    او ڏکڻ جي هير توکي
    ڪيئن ڪوئي وڻ پڪاري ٿو پيو،
    تون جڏهن ان جي وٿين ۾ ٿي سمائين،
    ٽاري ٽاري ٿي وسائين،
    ڪيئن هو جهومي پوي ٿو،
    پاڻ مان نڪتو وڃي ٿو
    سڀ لئه راحت ٿئي ٿو،
    تون به ان سان ائين ڪري ٿي،
    جيئن منهنجو يار ٿو مون سان ڪري.
    آنءُ جئن ان کي پُڪاريان ٿو پيو.
    او ڏکن جي هير توکي
    ائين ڪوئي وڻ پُڪاري ٿو پيو۔

    31 جنوري 1963ع تي جنم وٺندڙ شاهه محمد جو تعلق سنڌو درياهه جي ۽ مهين جي دڙي جي ڀرسان قائم ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ سان آهي. هي ڳوٺ تعليم سياست، ادب ۽ صحافت جي لحاظ کان سنڌ جو مشهور ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ تي ڪميونسٽن جي گهڻائيءَ جي ڪري “لٽل ماسڪو” جو نالو پڻ پيو. 1980 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۽ سڄي پاڪستان جا ڪميونسٽ هتي اچي پارٽيءَ جا پروگرام ڪندا هئا. شاهه محمد جو چاچو انور پيرزادو تن ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مشهور اڳواڻ هيو. هي اهو دور هيو جڏهن شاهه محمد جوان هيو ۽ هن کي انقلاب، سوشلزم ۽ ادب اٽريڪٽ ڪندا هئا. انور پيرزادو هن جو آئيڊيل هيو. هو انور جي سياست ۽ ادب، شاعريءَ مان متاثر هيو توڙي جو پوءِ انور صاحب ۽ يا بيا ڪميونسٽ نه رهيا ۽ ڪميونسٽ پارٽي به اها نه رهي آهي پر پوءِ به شاهه محمد دنيا جو بهترين نظام سوشلزم ئي سمجھي ٿو. ٻين ڪميونسٽن وانگر هي دهريو ناهي ۽ اسلام ۽ دين کي به هو انساني فلاح جو رستو سمجھي ٿو. موجوده دور جي ماڻهن/ نوجوانن کي بغير ڪنهن آدرش ۽ خواب جي ڏسي ۽ فقط پئسي پويان ڊوڙندي ڏسي هو اداس ٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو ته:

    دنيا جا سرمائيدارئو!
    اچو ۽ خوشحاليءَ جي نالي ۾
    پنهنجي سرمايي سان
    منهنجي ديس جي نوجوانن کي
    اچي ڪرپٽ ڪريو.
    هو ان لاءِ بلڪل تيار آهن.
    هاڻي هنن وٽ سماج کي بدلاڻ جو
    ڪو به خواب ناهي رهيو.

    پنهنجي والدين امام بخش ۽ عالم خاتون، ۽ وڏي ڌيءُ باک جي محبتن جي اعتراف ۾ شاهه محمد باک ٽرسٽ پڻ قائم ڪئي آهي جنهن جي پليٽ فارم تان هو ٻلهڙيجيءَ ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ جاکوڙي رهيو آهي. ان کان علاوه هو ذاتي طور تي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ عزيزن لاءِ پڻ هر وقت مالي ۽ اخلاقي طور تي مددگار رهيو آهي. هن جون ٻه وڏيون ڀينر، ڊاڪٽر زبيده ۽ ملڪه، ننڍو ڀاءُ ۽ ڀينر (پرويز نور ۽ نيلو) ۽ ٻارباک، ھير، وشال، نيڪي، مثال پڻ شاعري، ادب، موسيقي، مصوري ۽ ٻين فنن ۾ دلچسپي رکن ٿا۔ پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي جو پهريون ڇاپو پنهنجي گهرواري ارشاد کي ارپڻ وارو شاعر پنهنجي همسفر لاءِ هي سٽون لکي ٿو ته:

    دل جي دهه دهه جون صدائون جو ڪنايون
    آ اچي ”ارشاد“ منهنجي دل ٻڌائي.

    هو جيڏو سٺو ۽ سٻاجھو ماڻهو آهي اوتري ئي سٺي ۽ سٻاجھي هن کي زال به ملي آهي. جيڪا گهر جي سودي سود کان وٺي يوٽيليٽي بلن کي جمع ڪرائڻ تائين ۽ مٽن مائٽن ۾ اُٿي ويٺيءَ کان وٺي هن جي ۽ ٻارن جي ڀرپور سار سنڀال لهڻ تائين سڀ ڪم تمام خوش اسلوبيءَ سان ڪري ٿي۔

    سٺين آرٽ فلمن جو شوقين هي شاعر هڪ نيڪ، ايماندار، ماٺيڻو، شرميلو ۽ تمام سٺو ماڻهو آهي. مان سمجھان ٿو ته هو شاعر سٺو ۽ ماڻهو اڃا به گهڻو سٺو آهي. هن کي ڪڏهن به گُٿا لفظ ڳالهائيندي، ڪنهن تي هٿ کڻندي، ماريندي نه ڏٺو اٿئون۔ هو صحيح معنيٰ ۾ خدا جو نيڪ بندو آهي جيڪو خدا جي مخلوق سان پيار ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪين رنجائي ٿو. اهڙن بندن لاءِ ئي علامه اقبال چيو هو ته:

    خدا ڪي بندي تو هين هزارون
    بنون مين ڦرتي هين ماري ماري
    مين اس ڪا بنده بنون گا جس ڪو
    خدا ڪي بندون سي پيار هوگا.

    فيض احمد فيض، فراق گورکپوري ۽ نارايڻ شيام کي پنسد ڪندڙ شاهه محمد کي سٺو نظم لکڻ جو ڏانءُ آهي. خاص طور تي آزاد ۽ نثري نظم جو پر مون کي هن کان اها شڪايت آهي ته هن شاعريءَ کي ايترو وقت ناهي ڏنو جيترو هن کي ڏيڻ کپندو هو. هو گذريل ٽن ڏهاڪن کان شاعري ڪري پيو پر پوءِ به سندس هڪ ئي مجموعو آيل آهي. هن جي شعري مجموعي “سُونهن جون سَوَ صورتون” جو ٻيو ايڊيشن جڏهن واڌاري سان 2014 ۾ يارهن سالن کان پوءِ شايع ٿيو ته ان ۾ نئين شاعريءَ جا پنجاهه صفحا مَس آهن. هن شاعريءَ جي فن، بحروزن، قافين، رديفن، تجنيس حرفي ۽ ٻين خوبصورتين تي به گهٽ ڌيان ڏنو آهي ۽ شاعري ۽ ان جي فن سان راند روند گهٽ ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ هن جا شاعراڻا خيال جيڪڏهن تمام سهڻي شاعراڻي فنڪاري ۽ مهارت سان پيش ٿيل هجن ها ته هوندسون تي سهاڳو ٿي پئي ها ۽ اهي نظم اڃا وڌيڪ شاندار ۽ جٽادار هجن ها. پر شايد هن جو مزاج ائين ناهي. هن جو مزاج سهڻي ۽ نفيس ڳالهه سولي ۽ سادي انداز ۾ اظهار ڪرڻ وارو آهي. شاعريءَ کان علاوه شاهه محمد آصف فرخيءَ سان گڏ شيخ اياز ۽ ٻين مشهور سنڌي ليکڪن جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي. جيڪو پڻ هڪ سٺو ۽ اهم ڪم آهي.

    آخر ۾ هن جي غزل جا ٻه شعر ڏسو:

    وينگس ويٺي وار سُڪائي،
    ڇا ته جواني، ڇا اوسيئڙو!

    چندرما جهڙي چهري تي،
    ڇا ته سُونهين ٿو پيو موهيڙو.

    موهيڙي لفظ جو اهڙو سهڻو استعمال سنڌي شاعريءَ ۾ گهٽ ملي ٿو. شاهه محمد ٺيٺ سنڌي لفظ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيا آهن. شال هو وڏي ڄمار ماڻي ۽ سٺي ۽ گهڻي شاعري ڪري اسان آڏو آڻي!
     
    آخري ترميم: ‏31 جنوري 2021
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شاهه محمد پيرزادو جنهن جي شاعري مرد جي محبت تي ويساهه پختو ڪندي آھي

    امر پيرزادو

    شاهه محمد پيرزادو جديد شاعري جو اهڙو شاعر آھي جنهن جي رومانوي شاعري پڙھي مرد جي محبت تي يقين اچڻ لڳندو آھي. مون شاهن (خاندان ۾ کيس ان نالي سان سڏيندا آھيون) جي ڪتاب سونهن جون سئو صورتون جي مهورت تي اها ڳالهه مقالي ۾ لکي هئي ته جيئن پروين شاڪر عورت جي محبت جو مثال بڻجي ويندي آھي ايئن شاهن جي شاعري مرد جي محبت تي ويساهه پختو ڪندي آھي. ساڳي محبت واري شدت امر جليل ۽ انور ابڙي جي نثر ۾ ملندي آھي. ائين به ناهي ته ٻيا تخليقار محبت نه ڪندا آھن پر جذبي جي اهڙي شدت جيڪا ماڻھو فقط پاڻ سان ۽ پنهنجي محبوب سان شيئر ڪرڻ چاهيندو آھي اها تخليق ۾ اظھارجي وڃي ته ائين لڳندو آھي ته ماڻھو محبت وارا پل لفظن مان ماڻي رهيو آھي. ڀٽائي ته عورت ٿي محبت جو اظھار ڪيو آھي سو ان جو ڪنهن سان مقابلو به ناهي
    پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سور هئا.

    شاهن جنهن جي دل جو اڱڻ سدائين آلو رهيو آھي جنهن تي محبوبا جا اٻھري ٻار جهڙا پير پوندا ٿا رهن ۽ اها هن جي حواسن ٿي ڇانئيل ٿي رهي آلي اڱڻ جي مهڪ وانگر

    نئين لتل آلي اڱڻ جان
    آ منهنجي دل
    ۽ تون اچين ٿي ڊور پائي
    ڪنهن اٻھري ٻار وانگي
    تنهنجي پيرن جون تريون
    منهنجي تصور ۾ ٺھيون
    ۽ رهيون مون ۾ هميشه
    ڄم.جي ڪنهن چٽ وانگر
    تون حواسن تي آن ڇانئين
    آلي اڱڻ جي مهڪ وانگي

    اهو پنهنجي نظمن ۾ هن کي ماڻڻ کان وڌيڪ هن سان گڏ رهڻ جي خواهش ٿو ڪري ۽ چوي ٿو:

    هلي آ ته هيڪر
    مان تنهنجي اکين ۾ محبت جي پيرن کي ڳولي ڏسان

    هو محبوبا جي تلاش ۾ پهچي ٿو۽ کيس نه ڏسي ان جي خوشبو ٻٽون ۾ کڻي واپس ٿو اچي

    هو ان جي باري ۾ چوي ٿو ته ڇا.چئي هو ته سرمي جي سرائي تي هن جي پنبڻن جي آلاڻ وساميل ڦوڪڻي تي سندس چپن جي ڇهاءً ۽ ان جي لاٿل ڪپڙن مان ان جي بدن جي مهڪ مان ئي نه ٿو نڪري سگهي.

    هو جيڪو سوال جي انداز ۾ هڪ نظم ۾ جواب ٿو ڏي
    ڇا سماج جو ڪو به رشتو
    جيڪو توکي ڪنهن ٻي شخص سان
    لاڳاپي ٿو ڇڏي
    ان ڳالهه جو دليل آھي ته تون منهنجي ناهين.

    هو جنهن کي هن جي محبوبا صاف اکرن ۾ چئي ٿي ته منهنجو توسان عشق جهڙو ڪو به تعلق ڪونهي پو به هو چوي ٿو
    تنهنجو هئڻ ئي مون لئه آس جي ڏوري آھي.

    هو رقيب سان ساڙ نه ٿو ڪري پر رشق ڪري چوي ٿو
    تنهنجي وارن جون چڳون
    ڪنهن جي هٿن جي آڱرين سان ويڙھجن
    تنهنجي رخ جو هي گلاب ڪنهن جي ٻڪ ۾ ٿو ٽڙي
    ڪير ڄاڻي.

    هو جنهن لئه فيبروري سال جو سڀني کان ننڍو مهينو هن سان نه ملڻ ڪري وڏو ٿي وڃي ٿو. هو جنهن جي ڪمن واري لسٽ ۾ رڳو هن سان ملڻ لکيل آھي. هو جيڪو ٻار جيان چئي ٿو
    ڀلا جي سڪ تنهنجي لاء لڳي پو ڇاڪجي
    هو جنهن جو ايمان آھي ته حسن دنيا کي پچائيندو ۽ محبوب جي باري ۾ سوچڻ کيس دهشتگردي جو ضد ٿو لڳي. هو جيڪو هن سان ڳالهائڻ هن سان گڏ رهڻ هن کي ڏسڻ جي جستجو ۾ ٿو رهي ۽ چوي ٿو
    خواب ۾ ڪهڙو اچڻ
    جي اکين ۾ زندگي جا رنگ ڀرجن ئي نه ٿا.

    هو جنهن کي هن جي اڱڻ جا چنڊ ۽ تارا پيارا ٿا لڳن ۽ هن جي گهڙي جو پاڻي ڪيڏو ٿڌوڪيڏو مٺو ٿو لڳي. هو جنهن کي هن جي هئڻ جيڏي هوء گهرجي ان جي شاعري ۾ ڪيل محبوبا سان ڪچهري ۽ محبت ڪو فرق ڪونهي. هن جي نظمن کي جوڙجي ته هڪ منظوم رومانوي ناول جڙي پوندو ھڪ لو اسٽوري واري فلم ٺھي ويندي. ڀٽائي جو پنهون ٿيس پاڻ وارو فلسفو هن جي شاعري مان ملي ٿوجيڪو کيس شاعري ۽ عشق ۾ امرتا ڏئي ٿو.

    وري تون ۽ آھن وري منهنجيون اکيون
    وري ڄڻ زمانو به رڪجي ويو آ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پيرزادو شاهه محمد:

    شاعر، شاهه محمد پيرزادي ولد امام بخش پيرزادي، 31 جنوري 1961ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي (لڳ موهن جو دڙو) ۾ جنم ورتو. هي نامور اديب انور پيرزادي جو سڳو ڀائيٽو آهي. هن جي تعليم بي. ايس. سي آهي ۽ هن وقت هڪ دوائن جي خانگي ڪاروباري ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل آهي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’اسٽوپا سنڌو ۽ چنڊ‘ (ملڪه پيرزاديءَ ۽ فيض پيرزادي سان گڏ: 1995ع)، (2) ’سونهن جون سَوَ صورتون‘ (2003ع) شامل آهن. ان کان سواءِ هن جو احمد سليم سان گڏ سنڌي ڪهاڻين جو ترجمو ’سارا مُلڪ منصور‘ (1987ع) به ڇپيل آهي. گڏوگڏ هن جا اردوءَ جي مشهور اديب آصف فرخيءَ سان گڏ شيخ اياز بابت اردوءَ ۾ ٻه ڪتاب: ’دانش اياز‘ (اياز جي شاعري، ترجمو ۽ ترتيب: 1998ع) ۽ ’ذڪر اياز‘ (ترجمو، تاثرات ۽ مضمون) ۽ هڪ ڪتاب، اياز جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو ‘The Storms Call for Prayers’ (1999ع) به ڇپيل آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو