1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار مرتضى سيال کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,303
    ورتل پسنديدگيون:
    26,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌي ٻولي جي سهڻي شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار ۽ سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌي ادب لاء پاڻ ارپيندڙ مرتضى سيال کي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.
    ______​

    مرتضى سيال : مرڪن لڙڪن ۽ سڏڪن جو مصور

    اسحاق انصاري

    گذريل ڀيري جڏهن منهنجي ناول ”خالي بينچ“ جي ٻئي ايڊيشن تي هڪ پروگرام خيرپور ۾ رکيو ويو هيو ته مون چيو هو ته خيرپور منهنجي من اندر جي وادين ۾ وسيل آهي، ڀلي هي کجين جو ديس هجي پر هتان جي ماڻهن جون محبتون تلسيءَجي ان ڏوهيڙي جيان بالڪل نه آهن؛
    تلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لنبي کجور
    ڌوپ لگي تو ڇائون نهين، بوک لگي ڦل دور
    پر هتان جي ماڻهن جون محبتون، ميرواهه جيان هميشه روان دوان، ساون رهندڙ وڻن جيان آهن. ڀلي اهي شاهه عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي هجي يا ريڊيو خيرپور هجي، يا وري ڇٽي چوڪ تي پوپٽ پريس هجي. اهي اسان جا ڪچهرين جا ۽ يارين جا مرڪز هيا. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته ”لاڙڪاڻو منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ خيرپور منهنجي ڀومي آهي.“

    ها، هن ساڳي خيرپور ۾ منهنجي ملاقات مرتضى سيال سان ٿي هئي. اسان ٻنهي جي ملاقات جو سبب قربان منگي بڻيو. پوءِ وري منهنجي، مرتضى، نديم گل عباسي ۽ قربان منگي جي وچ ۾ ملاقاتن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويو. مان به گھڻو ڪري لطيف يونيورسٽي جي ٽيچرس هاسٽل مان نڪري واڪ لاءِ واهه جي ڪڙ ڏئي ڇٽي چوڪ تي پوپٽ پريس پهچندو هيس. جتي اسان ڳالهين جا ڊگها ڊگھا پنڌ ڪندا هياسين جڏهن ٿڪجندا هياسين ته مان رڪشي تي واپس لطيف يونيورسٽي ته هي وري پنهنجي پنهنجي گھر. پر ايئن به ٿيندو هو ته ويڪ اينڊ تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سامي ٽيچرس هاسٽل ۾ رات ٽڪندا هيا پوءِ هونديون هيون سڄي رات ڪچهريون. يونيورسٽي جي هڪ سڪيلڌي رستي ڪيمپس کان حامي هاسٽل تائين پيا گھمندا هياسين. وري تازي تواني ٿيڻ لاءِ ڪبوتري هوٽل جون چانهيون، سڄي رات ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ پرهه ڦٽيءَ مهل سمهندا هياسين. اهي به ڪي دور هيا، هاڻي ته سنگتياڻين کي به يارهين وڳي کان پوءِ ٽائيم نه ٿا ڏئي سگھون.
    ٻاهرين ملڪن ۾ ڪنهن پياڪ کي گاڏي هلائيندي پڪڙيندا آهن ته هن کي ڦوڪڻو ڦوڪڻ لاءِ ڏيندا آهن يا وري اهڙي ڪا ٻي انسٽنٽ ٽيسٽ ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن ٻيو نه ته رستي تي ڪڍيل لڪير تي سڌو هلڻ لاءِ چوندا آهن. پوءِ جيڪو هوندو ان مزي ۾ ته اهو نانگ جيان پيو هلندو. باقي مان پنهنجي لاءِ سوچيندو آهيان ته عام حالتن ۾ به پنجن منٽن جي مفاصلي کان وڌيڪ سڌو نه هلي سگھندس. پر مونکي يقين ڪامل آهي ته مرتضى سيال، ميلن جا ميل ان لڪير تي سڌو هلي ويندو. اصل ۾ مرتضى سيال، پنهنجي پوري زندگي يا گھٽ ۾ گھٽ جڏهن کان مونسان واقفيت ٿي اٿس، اها ڏاڍي توازن ۾ گذاري اٿس. پوءِ اهو ڪپڙن لٽن جي معاملي ۾ هجي يا دوستي جي معاملي ۾ يا وري مالي معاملو هجي. هو توازن سان هلندو آهي. اسان جهڙا مولائي ماڻهو ته ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن. ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ، ڪڏهن خزان ته ڪڏهن بهار، ڪڏهن سردي ته ڪڏهن گرمي. پر هن يار وٽ ته ڄڻ ٽراپيڪل ملڪ جي موسم هجي، سدائين هڪجهڙي.
    مرتضى سيال جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ڪم ڪبو ته دل جمعيءَ سان ۽ سچائيءَ سان ڪبو. باقي هروڀرو جي ڦند ڦير مان فقير نه ڄاڻي. جنهنڪري ڪڏهن دوستن جون ته ڪڏهن آفيسرن جون ته ڪڏهن زيردستن جون به شڪايتون کيس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ مليون آهن. هو کرو به ڏاڍو آهي. ايترو کرو جو ڪڏهن ڪڏهن ڪڙو لڳڻ لڳي. پر سچ منهن تي ڦهڪائي ڏيندو. انڪري تي اسان ڀائر کيس ”ڪهاڙو“ به سڏيندا آهيون.
    منهنجي ان ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن سندس شخصيت آهي، سندس لکڻين ۾ به اهڙيون خاصيتون ملن ٿيون. سادا موضوع، جن تي گھڻن جو ڌيان نه وڃي. پر انهن تي لکڻ، وقت جي ضروت هوندي آهي. جيئن خود مرتضى سيال ڪتاب ”هڪ سڏڪو لکت ۾“ اندر، پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته؛
    ”ڪالم جو بنيادي مقصد منهنجي نظر ۾ اهو ئي آهي ته مختصر انداز ۾ مسئلي جي نوعيت بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ان سان لاڳاپيل معلومات ۽ مسئلي جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن. مون پنهنجن ڪالمن ۾ بنهه سادي ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ معاملي کي عام فهم انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
    هتي ليکڪ جي ايپروچ بالڪل پروفيشنل آهي. جيئن ته ليکڪ پاڻ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس آهي ۽ عملي طرح به سندس صحافت سان واسطو گھڻي وقت کان آهي. ان ڪري هو سمجھي ٿو ته ڪالم ڪنهن لاءِ ۽ ڪيئن لکبو آهي. پر توهان ڀلي بين الاقوامي اخبارون يا اسان جون ڪجھه انگريزي اخبارون کڻي به ڏسندا ته ڪالم جو مقصد اهو ئي آهي. اسان وٽ وري ڪالم ڪي روڄ راڙي سان ڀرپور ته ڪٿي وري سلطان راهي واريون ڀڀڪيون ته ڪنهن ۾ وري هروڀرو مفڪر ٿيڻ جي ڪوشش ڪبي، ته ڪي ڪالم وري اهڙا جو ”اڌ ڪاٺ جو، اڌ لوهه جو، جيڪو نه ڀڃي پٽ ڳوهه جو.“ واري ڳالهه آهي. يعني ڪالم لکندي لکندي فڪشن وارو انداز ڏيندي لکڻ جي ڪوشش ڪبي جنهنڪري اهو نه وڃي ڪالم بچندو نه وري ڪهاڻي.
    ****
    ____
     
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    573
    ورتل پسنديدگيون:
    677
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    مرتضيى سيال صاحب کي ڪير گهٽ چوي يار
     
  3. سيد احسان علي شاهه

    سيد احسان علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ڪم
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلامن سان گڏ لک ها مبارڪون ۽ ڪروڙها دعاون قرب محبتون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو