سامونڊي طوفان جو خوف

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌ اسيمبلي جي گئلري مان
    سامونڊي طوفان جو خوف ۽ ”بي پرواهه“ عوامي نمائندا
    دودو چانڊيو
    لاڙ هڪ ڀيرو ٻيهر لپيٽ ۾ آهي. سنڌ ڪڏهن عالمي لٽيرن، ڦورن ۽ حملي آورن جي ڪاهن جو نشانو بنجندو رهيو آهي، ته ڪجهه عرصي کان قدرتي آفتن هن علائقي جي سموري زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي. لاڙ جي ماڻهن کي 1999ع واري سامونڊي طوفان جا اڃا ڏينهن نه وسريا هئا ته مٿان نئين طوفان هن طرف رخ ڪيو آهي. اڃا تائين ڪيئي مائرون روز سمنڊ ڏي مهاڙ ڪري پڇنديون آهن ته، ”اسان جا گهاتو اڃا گهر ڇو نه آيا آهن“، جيڪي گهاتو 1999ع جي طوفان ۾ لهرن جي ور چڙهي ويا هئا ۽ سندن مائرون اڄ به سندن واپسيءَ جي آس لڳائي ويٺيون آهن، مٿان وري نئين طوفان جي اڳڪٿي ڏکايل ديس جي ماڻهن کان ان جا چار پهر مهمان ٿي ايندڙ ننڊ به ڦري ورتي آهي.
    سنڌ اسيمبليءَ جي اندر ڪالهه صبح جو اسان صحافي جڏهن اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته اڪثر صحافين جي راءِ هئي ته اڄ اجلاس ۾ رڳو طوفان تي ڳالهه ٿيندي ۽ گهڻو ڪري اجلاس به ملتوي ٿي ويندو، ڇو ته انهن ميمبرن ۽ وزيرن جو هتي اجلاس ۾ ويهڻ بدران لاڙ جي ٺٽي ۽ بدين وارن علائقن ۾ وڃڻ لازمي هوندو، جتان جا رهواسي طوفان جي واڳون واري وات ۾آهن، پر جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته دادو مان چونڊيل ايم پي اي فياض ٻٽ اپيل ڪئي ته اجلاس ٻن چئن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، جيئن هي وزير ۽ ميمبر پنهنجي علائقن ۾ وڃي ماڻهن جي مدد ڪري سگهن، پر ٻئي ڪنهن به ميمبر، ان موضوع تي نه ڳالهايو. اجلاس ۾ ٺٽي مان چونڊيل سسئي پليجو چيو ته، ”اهو نه سوچيو وڃي ته طوفان رڳو ٺٽي ۽ بدين جي ماڻهن جو مسئلو آهي، پر هي لاڙ، ملڪ جو حصو آهي، ان ۾ 15 لک کان وڌيڪ انسان رهن ٿا، اهي پاڪستان جا شهري آهن ۽ انهن جي زندگي بچائڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي ٺٽي مان چونڊيل ٻئي ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي جو چوڻ هو ته اسان هر ٽئين، چوٿين سال طوفان جي منهن ۾ هوندا آهيون، ٻيو ڪو حل ڪونهي، رڳو سمنڊ جي ڪناري کان هڪڙو روڊ ٺاهيو وڃي، جيئن طوفان ۽ برساتن ۾ ماڻهو ان روڊ تي چڙهي ڪنهن ڪناري پهچي سگهن. اهڙي ريت شرجيل ميمڻ ۽ حميرا علواڻي به سامونڊي طوفان جي معاملي تي ڳالهايو، سندن چوڻ هو ته ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، حجامڙو ڪريڪس سوڌو جيڪي هزارين ماڻهو سمنڊ جي اندر ننڍن ننڍن ٻيٽن تي رهن ٿا، انهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي، جنهن تي صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي ۽ ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته اسان 15 هزار ماڻهو ڪيمپن تائين پهچايا آهن ۽ ٻين کي آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺون پيا. حڪومت 6 ضلعن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو آهي.
    دل چيو هنن وزير صاحبان کي ڪير ٻڌائي ته سمنڊ جي اندر ننڍن ننڍن ٻيٽن تي جيڪي به ڳوٺ آهن، انهن ۾ اڪثريت ”دٻلا“ برادري جي آهي. هي دٻلا پاڻ کي ديبل بندر جا رهواسي سڏائين ٿا. آئون جڏهن ڪجهه سال پهرين انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن تي اسٽوري ڪرڻ ويو هئس ته مون کي دٻلا برادري جي پوڙهن ماڻهن ٻڌايو ته اسان اصل ديبل بندر جا رهواسي هئاسين، جڏهن محمد بن قاسم ديبل بندر تي حملو ڪيو ته اسان جا وڏا ننڍين ننڍين ٻيڙين ۾ چڙهي اچي سمنڊ جي انهن ننڍڙن ننڍڙن ٻيٽن تي ويٺا، جتي اسين اڃا تائين رهون ٿا. دل چيو انهن وزيرن کان پڇان ته محمد بن قاسم جي دور کي هيترا سال ٿيا آهن، اسان اڃا تائين انهن ماڻهن کي سمنڊ کان ٻاهر نه آڻي سگهيا آهيون، هاڻي ڪٿان آڻينداسين! تنهن ڪري حڪومتي ٽيمن کي انهن ماڻهن وٽ وڃي کين لڏائڻ بدران سار لهڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان جي وزيرن جون هي سکڻيون تقريرون ۽ بيان ڇا ڪراچي جي ابراهيم حيدري، ريڙهي کان وٺي ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ ۽ ڪرهئي ڀانڊاري تائين سمنڊ جي ڪناري تي آباد لکين ماڻهن جون زندگيون بچائي سگهندا؟ اسان جي وزيرن ۽ ميمبرن کي ته ٻن ڏينهن کان انهن علائقن ۾ هئڻ گهرجي ها، اگر ٻن ڏينهن لاءِ هو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نه آيا ۽ کين ٻن ڏينهن جو ٽي اي ڊي اي نه مليو ته خير آهي. ٺٽي ۽ بدين جو ڪهڙو ايم پي اي يا ايم اين اي آهي، جنهن جي گهر جو چلهو سرڪاري پگهار يا اجلاسن جي ٽي اي ڊي اي تي ٿو هلي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر سڪندر منڌري، نواز چانڊئي، سسئي پليجو، محمد علي ملڪاڻي، شيرازي ڀائرن، حميرا علواڻي، هير سوهو، رخسانه شاهه، عثمان جلباڻي ۽ ٻين کي ان ٽي اي ڊي اي جي ڪهڙي پرواهه! لاڙ جي ماڻهن کين ووٽ ڏئي هنن ايوانن تائين پهچايو آهي، هيڏي وڏي عزت بخشي آهي، ڪراچي جي عاليشان محلن مان نڪري مڪلي ۽ بدين جي بنگلن ۾ رهڻ بدران سڌو ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ، علي بندر، شاهه بندر، ڀڳڙا ميمڻ ۽ زيرو پوائنٽ تي وڃن، جتي طوفان ۽ برساتن ۾ جڏهن غريبن جا جهڳا جهڻ ٿين ٿا، جيئن طوفان ۽ برساتون لاڙ ۾تباهي مچائن ٿيون، جيئن هوڙا ۽ ٻيڙيون لڙهن ٿيون، جيئن وڻ ٽڻ ڪرن ٿا، جيئن لاڙ جا ماڻهو ٻچا ڪڇن ۾ رکي گهر جي ڇتين تي چڙهي رات گذارين ٿا، اهي منظر اکين سان ڏسن. ٻن ڏينهن تائين پريس بيان نه ڏيڻ جو اعلان ڪن، ۽ نه وري ڪنهن صحافي کي مذمتي يا افسوس، واري ٽي وي تي پٽي هلائڻ جي فرمائش ڪن. ڀلي لاڙ جي ماڻهن جي ڪا مدد نه ڪن، پر درد محسوس ڪن، ڏک اکين سان ڏسن، پر منهنجو اهو خواب، خواب ئي رهيو.
    ميمبر ۽ وزير صاحبان اجلاس ۾ ئي ويٺل رهيا، نه رڳو ويٺل رهيا، پر ڪيترن ميمبرن ته اجلاس ۾ ٻن ڪلاڪن تائين اٺن جي نسلن، مينهن جي کير ۽ ڪڪڙين جي بيمارين تي سوال ڪيا! عابد جتوئي کان دلچسپ سوال پڇي، انهن جا دلچسپ جواب ٻڌي تفريح ڪئي ويندي رهي. وڏو وزير جڏهن اجلاس ۾ آيو ته هن به انهيءَ طوفان بابت ٻه اکر به نه چيا. اجلاس ته پڄاڻي تي پهتو، پر شام تائين ٺٽي، بدين جي سامونڊي ڪنارن تان جيڪي خبرون اچي رهيون هيون، اهي هي هيون ته ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن. هي جيڪو اسڪولن کي ڪيمپن جو درجو ڏنو ويو آهي، ان ۾ مختلف برادرين جا ماڻهو پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اچي هڪ هڪ ڪمري ۾ گڏ ڪيئن رهن؟ اهي پنهنجي ڳوٺن ۾ ئي آهن. جيڪڏهن سڀاڻي شام تائين تيز برساتون پيون ته هو الله جي آسري تڪليفون پاڻ تي سهندا، پر سرڪار جون سهولتون رڳو نمائش ئي رهنديون، جيئن هن کان اڳ رهيون آهن.

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سامونڊي طوفان جو خوف

    سائين اسان وارا وزير ته موسميات کاتي وارن جي اڳڪٿين کي ڪوڙو ٿا چون ۽ چون ٿا ته طوفان جو ڪو چانس ڪونهي۔۔۔۔ باقي مهنگائي ۽ بدامنيءَ‌جي طوفان کان ۡخطرناڪ ته هي طوفان به نه هوندو۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سامونڊي طوفان جو خوف

    ادا مست ڪاله سائين رشيد جن فيس بوڪ تان طوفان جي نقصانن جي حوالي سان وڊيو شيئر ڪئي آهي اها ضرور ڏسجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو