سرڪش سنڌي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سرڪش سنڌي
    سرڪش سنڌي پهرين آڪٽوبر 1940ع تي برک عالم عبدالله چانڊيو جو گهر ۾ پيدا ٿيو،سندس اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو هو، سندس تحرير ٿيل ڪتابن ۾ ”درد دل“، ”امن آب حيات“، ”پيار ۽ آزادي“، ”سنڌو ڳائي ٿي“، ”جوڻيون جيءَ جھان جون“، ”سچ ٿا مرد چون“، ”سمنڊ ڇوليون ٽهڪ“ ”زندگيءَ جي گونج“ ۽ ٻانهن وراڪا شامل آهن. سرڪش سنڌي هڪ علمي گهر سان وابسته رهيو ۽ بنيادي طور پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو ترجمو پورو ڪيو هئائين. فارسي، عربي پڙهيل هئس. سندس ٻه ڀائر هئا. سندس تعليم ايم.اي ۽ بي.ايڊ هئي. پهريان پرائمري استاد ٿيو. تنهن کان پوءِ 26 سال نوڪري پوري ڪري لاڙڪاڻي جي پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول مان ايڇ.ايس.ٽي طور رٽائرمينٽ ورتائين.سرڪش استحصالي قوتن خلاف ٿي بيٺو. جيئن جو سنڌ جي عاشق صادق سائين جي. ايم سيد سان سندس شناسائي ٿي ته هن وري پنهنجو پاڻ کي فنا في السنڌ ۽ فنا في السيد ڪيو. اڏولتا، بحر ريز گفتگو، صدين جي گهاون کائڻ باوجود به موهن جي دڙي جهڙي اڏولتا تاڻي بيٺل وجود جهڙو سرڪش، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين ”سنڌ سان وفا“ واري مقصد تي مقرر ڪيو. حسن، عشق، پريت، آزادي، امن، عالم انسانيت ۽ وطن پرستي سندس وجود جي سرشت جي هر نس نس ۾ موجود ڏسڻ ۾ اينديون رهيون. 05 مارچ 2012ع تي سرڪش سنڌي لاڙڪاڻي ۾ ڪينسر سبب وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاه به لاڙڪاڻي ۾ آهي
     
  2. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    قومپرست سرڪش سنڌي، ميڊيا جي چواڻي ڪارو ڪاريءَ جو زبرست حامي ھو ـ
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ومپرست سرڪش سنڌي، ميڊيا جي چواڻي ڪارو ڪاريءَ جو زبرست حامي ھو
    ڪيئن هو ؟؟؟؟ ڪارو ۽ ڪاري کي قتل ڪيو وڃي ؟؟؟ ڏوهي ڪارو ڪاري کي يا اڻ ڏوهي ڪارو ڪاري؟؟؟
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Hafeez Zakhmi Chandio

    Hafeez Zakhmi Chandio
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2017
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سماج سڌارڪ،شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    جوابپور چانڊيو، ضلعو شڪارپور
    پياري رضوان جماليءَ جو اڌاکري جملو منهنجي آڏو اچي رهيو آهي،جنهن ۾ آءُ سندس جملو مڪمل نه ٿو پڙهي سگهان! مهربان دوست آهي ڪو جيڪو سمجهائي ته هُن لکيو ڇا آهي
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو