ڇا توهان واٽس ايپ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا؟

'سمارٽ فون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هن وقت واٽس ايپ، موبائيل ميسيجنگ جو جديد ترين نظام تصور ڪيو پيو وڃي جنهن جا استعمال ڪندڙ تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن... اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ سوشل رجحان وڌڻ ڪري مختلف نيٽورڪ ڪمپنيز فيس بوڪ سان گڏو گڏ واٽس ايپ به مفت يا تمام گهٽ ريٽس ۾ استعمال ڪرڻ جون سهولتون پيش ڪري رهيون آهن...
    هوئن ته اسان مان ڪافي ساٿي واٽس ايپ استعمال ڪندا هوندا پر انهن مان شايد ڪجهه ئي واٽس کي مڪمل طور سمجهي سگهيا هجن... هتي دوستن جي سهولت، فائدي ۽ معلومات خاطر هن ئي موضوع ۾ واٽس ايپ جي اهم نقطن، ٽپس ۽ رازن کي وائکو ڪيو ويندو ته جيئن واٽس جو درست، بهتر ۽ فائديمند استعمال سکي سگهجي...

    **********​

    واٽس ايپ کي ڪنهن نمبر کان سواءِ استعمال ڪريو..
    ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان واٽس ايپ کي ڪنهن نمبر کان سواءِ ئي استعمال ڪري سگهو ٿا..؟ جي ها توهان سوال ۽ عنوان کي درست پڙهيو آهي... مان واٽس ايپ بغير نمبر جي استعمال ڪرڻ جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان... :)
    ته پوءِ طريقي ڪار معلوم ڪري ڏسو...


    • پنهنجي موبائيل مان واٽس ايپ کي انسٽال ڪريو..
    • واٽس ايپ کي پلي اسٽور تان وري ڊائونلوڊ ڪريو...
    • پنهنجي موبائيل جو فلائيٽ موڊ آن ڪريو...
    • هاڻي پلي اسٽور تان Spoof Message Application ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو...
    • هاڻي توهان ڊائونلوڊ ڪيل واٽس ايپ ايپليڪيشن انسٽال ڪريو...
    • انسٽاليشن کان پوءِ جيئن ته توهان جو فلائيٽ موڊ آن آهي ان ڪري واٽس ايپ توهان کان انٽرنيٽ ذريعي نمبر وريفائي ڪرڻ جو نه چوندي بلڪه توهان کان متابادل ايس ايم ايس وارو طريقي ڪار اختيار ڪرڻ جو چوندي...
    • ان ڪري توهان check through sms and enter your email چونڊيو ۽ اڳتي وڌو...
    • ان کان پوءِ وڌيڪ انتظار ڪرڻ بجاءِ توهان پروسيس کي ڪينسل ڪري اسٽاپ ڪريو...
    • هاڻي توهان انسٽال ڪيل اسپوف ميسيج ايپليڪيشن کوليو ۽ هيٺيان تفصيل انٽر ڪريو...
    To: +447900347295
    From: +(Country code)(mobile number)
    Message: Your email address


    جلد ئي توهان واٽس طرفان ويريفڪيشن اي ميل ذريعي وصول ڪري وٺندو... جنهن کان پوءِ واٽس ايپ بغير نمبر شامل ڪرڻ جي کلي ويندي... ۽ استعمال ٿي سگهندي... ان طرح توهان پنهنجي سمورن دوستن جي نمبرن کان واقف ته هوندو ئي پر توهان جا دوست توهان جي واٽس ايپ نمبر کان واقف نه هوندا... انهن وٽ توهان جو نالو ئي ظاهر ٿيندو... هي عمل خاص طور محتاظ رهندڙ فيميلز لاءِ فائديمند رهندو ...

    ياد رهي ته مٿيون سمورو عمل توهان وائي فائي سان منسلڪ ٿيندي ئي مڪمل ڪري سگهندو...
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪچهري کي اي ميل جي صورت ۾ وصول ڪريو...

    گهڻا ماڻهون چاهيندا آهن ته واٽس ايپ تي ٿيل ڪنهن ساٿي سان ڪچهري کي تصويرن ۽ وڊيوز سميت ڪمپيوٽر تي ڏسجي... پر کين خبر ناهي هوندي ته هو اهو عمل ڪيئن ڪري سگهندا.. پر هاڻي توهان ائين ڪري سگهندو... :)

    • واٽس ايپ تي رهندي ڪنهن به ڪانٽيڪٽ تي ڪجهه دير تائين پريس ڪندا رهو ...
    • توهان اڳيان هڪ پاپ اپ کلندي..
    • جتان پنهنجي جي ميل کاتي يا اي ميل تي ڪلڪ ڪريو...


    [​IMG]


    آهي نه ڪم سولو... :)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    زبردست ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    بلڪل سائين سولو ۽ سڌو تريقو آھي، خاص ڪري انھن جي لاءِ جيڪي پنھنجي نمبر پرسنل رکندا آھن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا هميشه جيان سهڻي ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين آھي..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي دوست جي واٽس ايپ جي جاسوسي ڪريو... (هن ڪم جو مشورو بلڪل به نه ڏبو... :) )

    • پنهنجي دوست کان سندس موبائيل فون رڳو هڪ منٽ لاءِ وٺو...
    • ۽ ان جي وائي فائي ميڪ ايڊريس معلوم ڪريو.. ( settings —> About phone —> Status—> Wi-Fi MAC address )
    • وائي فائي ميڪ ايڊريس کي نوٽ ڪريو... ۽ فون کي وڌيڪ ڪجهه وقت لاءِ پاڻ وٽ ئي رکو جو ان جي اڃان ضرورت آهي.. :)
    • هاڻي پنهنجي موبائيل مان واٽس ايپ ان انسٽال ڪريو...
    • پنهنجي فون جي ميڪ آئي ڊي تبديل ڪندي دوست جي فون جي نوٽ ڪيل ميڪ آئي ڊي طور رکو.. (ان سلسلي ۾ spoofing mac استعمال ڪريو)
    • هاڻي پنهنجي فون تي واٽس ايپ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو..
    • انسٽاليشن ختم ٿيندي ئي واٽس ايپ ويريفڪيشن ڪوڊ توهان جي دوست جي موبائيل تي موڪليندي...
    • پنهنجي موبائيل تي ڊائونلوڊ ڪيل واٽس ايپ کي پنهنجي دوست جي موبائيل تي ايندڙ ويريفڪيشن ڪوڊ سان ويريفائي ڪريو...
    • ۽ توهان ڪري ورتو... توهان جي موبائيل فون تي بلڪل توهان جي دوست جي واٽس ايپ جي ڊپليڪيشن ڪاپي اچي ويندي.. ۽ هاڻي هو جيڪو ڪجهه واٽس ايپ تي موڪليندو يا وصول ڪندو .. اهو سمورو توهان جي فون تي پڻ اپڊيٽ ٿيندو رهندو..

    هڪ دفعو وري غلط استعمال کان روڪڻ جي استدعا ڪجي ٿي...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اصل تصوير کي ڪوڙي تصويري نظاري (ٿمب نيل) طور موڪليو....

    ان سلسلي ۾ z photo نالي ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪريو .. جنهن ذريعي توهان ڪنهن به تصوير جو ڪوڙو نظارو (ٿمب نيل) بڻائي سگهو ٿا...


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي دوست جي واٽس ايپ ڪنوريزيشن کي هيڪ ڪريو.... (هن عمل ڪرڻ جو مشورو بلڪل به نه ڏجي ٿو... )

    • پنهنجي دوست کان فون ڪجهه وقت لاءِ وٺو...
    • فون کي يو ايس بي ڪيبل جي مدد سان ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪريو...
    • فون کي ڪمپيوٽر تي ايڪسپلور ڪندي ڊيٽا بيس فولڊر (whatsapp/Databases) کوليو...
    • هتي توهان کي ٻه فائيلز msgstore-yyyy..dd..db.crypt ۽ -msgstore.db.crypt نالي سان ملنديون...
    • ٻنهي فائيلز کي ڪمپيٽر ۾ ڪاپي ڪريو...
    • هاڻي msgstore-YYYY-MM-DD.1.db.crypt فائيل کي ري نيم ڪندي msgstore.db.crypt بڻايو...
    • يا وري فائيل جو نالو msgstore-YYYY-MM-DD.1.db.crypt5 هجي ته ان کي ري نيم ڪندي msgstore.db.crypt5 طور بڻايو ...
    • هاڻي پنهنجي فون تان واٽس ايپ کي ان انسٽال ڪريو..
    • هاڻي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪاپي ڪيل msgstore-YYYY-MM-DD.1.db.crypt ۽ -msgstore-YYYY-MM-DD.1.db.crypt5 فائيل کي پنهنجي فون جي واٽس ايپ ڊيٽابيس فولڊر (whatsapp/Databases) ۾ پيسٽ ڪريو..
    • واٽس ايپ کي ڊائونلوڊ ڪندي انسٽال ڪريو...
    • هن دفعي توهان کان واٽس ايپ توهان کان بيڪ اپ ريسٽور ڪرڻ لاءِ (restore from backup طور) پڇندي ...
    • ريسٽور بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...

    [​IMG]
    • ۽ توهان ڪري ورتو... جي ها توهان جي دوست جي واٽس ايپ واريون سموريون ڪنورزيشنس توهان جي موبائيل تي منتقل ٿي چڪيون هونديون...

    هڪ دفعو وري استدعا ته هي عمل غلط مقصد لاءِ بلڪل استعمال نه ڪريو...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪيئن خبر پئي ته جنهن ڏانهن توهان ميسيج موڪليو آهي ... ان ميسيج ڪهڙي وقت پڙهيو آهي..؟

    • دوست سان ٿيل ڪنورزيشن کوليو... ۽ مطلوبا ميسيج کي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ پريس ڪري رکو...
    • توهان ڏسندو ته مٿي اڀرندڙ بار ۾ i اکر سرڪل ۾ ظاهر ٿيندو...

    [​IMG]

    • ان تي ڪلڪ ڪريو .. ته توهان اڳيان ان ميسيج متعلق تفصيل ظاهر ٿي پوندا.. ته ميسيج ڪنهن وقت موڪليو ويو آهي ۽ ميسيج ڪنهن وقت پڙهيو ويو آهي..

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٻين کي روڪيو ته جڏهن به توهان سندن ميسيج پڙهو ته هو معلوم ڪري وٺن...

    واٽس ايپ جي جديد ورجن ۾ توهان پنهنجي پرائيوسي کي اهڙي نموني سيٽ ڪري سگهو ٿا ته جڏهن به توهان ڪنهن دوست جو آيل ميسيج پڙهو ته دوست اهو معلوم نه ڪري سگهي ته سندس ميسيج توهان پڙهي ورتو آهي... پر هن عمل سان هڪ نقصان اهو آهي ته ..ائين سيٽنگ ڪرڻ سان توهان به اهو معلوم ڪري نه سگهندو ته توهان جو ميسيج توهان جي دوست پڙهيو آهي يا نه....

    • واٽس ايپ جي سيٽنگ کوليو... (مٿي ڪارنر تي موجود ٽن نقطن تي ڪلڪ ڪريو...
    • هاڻي سيٽنگ مان پرائيوسي تي اچو... (Settings > Account > Privacy)
    • هتان Read receipts اڳيان موجود باڪس کي ان چيڪ ڪريو..

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي واٽس ايپ کي پن جي ذريعي لاڪ ڪريو....

    توهان جي واٽس ايپ جا ڪجهه ميسيج اهڙا ضرور هوندا جيڪي توهان مناسب نه سمجهندو ته توهان جا ٻار يا توهان جا والدين ڏسن... جڏهن ته هر وقت موبائيل گهر ۾ هجڻ ڪري ان کي ڏسڻ ۽ استعمال هر ڪنهن جي پهچ ۾ به ٿي سگهي ٿو... اهڙي صورتحال ۾ Lock for whatsapp ايپليڪيشن بهتر آپشن جنهن ذريعي توهان پنهنجي واٽس ايپ کي ڪا پن رکندي لاڪ ڪري سگهو ٿا...


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    واٽس ايپ مان غلطيءَ سان ڊيليٽ ٿيل ميسيج کي ريڪور ڪريو...

    ڪڏهن ڪڏهن اهڙي صورتحال سامهون اچي ويندي آهي .. جو توهان کي ڪنهن دوست جو آيل ميسيج جنهن کي توهان ڊيليٽ ڪري ڇڏيو هجي جي ضرورت پوي... جيڪڏهن اهو ميسيج ست ڏينهن کان وڌيڪ پراڻو ناهي ته توهان ان کي ريڪور ڪري سگهو ٿا... ان لاءِ

    • پنهنجي موبائيل کي ڪمپيوٽرسان يو ايس بي ڪيبل ذريعي ڪنيڪٽ ڪريو...
    • واٽس ايپ جي فولڊر ڊيٽا بيس (whatsapp/Databases) تي اچو...
    • هتي توهان کي ٻه فائيلز msgstore-yyyy..dd..db.crypt ۽ msgstore.db.crypt نالي سان موجود ملنديون...
    • msgstore-yyyy..dd..db.crypt نالي فائيل دراصل توهان جي واٽس ايپ جي بيڪ اپ فائيل هوندي آهي جنهن ۾ توهان جي واٽس ايپ جا گذريل ستن ڏينهن وارا سمورا ميسيج موجود هوندا آهن...
    • ان فائيل کي نوٽ پيڊ يا ورڊ پيڊ ۾ کوليو.. ۽ پنهنجو مطلوبا ميسيج ڳولي وٺو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي هڪ ئي موبائيل ۾ هڪ کان وڌيڪ واٽس ايپ کاتا کوليو....

    محترم عبدالحفيظ لغاري ۽ دوست علي علي سميت مون ڪجهه دوستن کي نوٽ ڪيو آهي ته کين واٽس ايپ جا هڪ کان وڌيڪ اڪائونٽ آهن... ۽ هنن جي خواهش هوندي آهي ته هو هڪ ئي وقت ۾ ٻنهي کاتن کي هلائيندا رهن پر يقينن ان لاءِ سندن وٽ ٻه موبائيل فون هجڻ ضروري آهن.. جيڪو پڻ مهانگو سودو آهي... اهڙن دوستن لاءِ اطلاع ته هاڻي اهو ممڪن آهي ته توهان هڪ ئي وقت ۾ ٻه يا وڌيڪ واٽس ايپ کاتا هلائي سگهو ٿا..

    • بس ان لاءِ رڳو switchme نالي ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو.. ۽ ان ذريعي هڪ کان وڌيڪ کاتا واٽس ايپ ۾ شامل ڪريو.. :)
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    واٽس ايپ ۾ ڪُجهه ڳالهيون اڳ ئي خبر هُئي ڪُجهه جو اوهان مشورو نه ٿا ڏيو (نه ڪو پاڻ ايڏا حرفتي آهيون به سهي)
    باقي هي آپشن مون وٽ نه پيو اچي شايد نان ائنڊرائڊ فون آهي ان ڪري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مٿيون ٻڌايل سموريون ٽرڪس اينڊروائيڊ واٽس ايپ ورجن متعلق ئي آهن.. باقي جيتري قدر نان اينڊرائيڊ فون جو سوال آ ته اهي آپشن انهن نئين ورجن ۾ شامل رکيا آهن ڪجهه مختلف انداز سان ... توهان هڪ دفعو گهرائي سان چيڪ ڪري ڏسو...
     
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي پسنديده واٽس ايپ ڪانٽيڪٽ جو شارٽ ڪٽ بڻايو...

    ٿيندو ائين آهي ته واٽس ايپ کي کولڻ سان ڊيفالٽ چيٽ ٽيب کلندو آهي.. جنهن جي ترتيب موڪليل ۽ وصول ٿيندڙ ميسيجز جي بنياد تي رکيل هوندي آهي... جيڪڏهن توهان جي موبائيل ۾ توهان وٽ واٽس ايپ ڪانٽيڪ جهجهي تعداد ۾ آهن ته پنهنجي پسند جي نمبر تي تڪڙو پهچڻ سولو ناهي هوندو ۽ اهو اڃان به وڌيڪ مشڪل ٿيندو آهي جيڪڏهن توهان جي واٽس ايپ جي ايڪٽِوٽي سوائي هجي... پر جيڪڏهن توهان واٽس ايپ تي اڪثر ڪنهن خاص ساٿي جا ميسيجز پڙهڻ ۽ ڏسڻ کي ترجيح ڏيندا آهيو ته توهان کي گهرجي ته ان ڪانٽيڪٽ جو شارٽ ڪٽ بڻايو... ان لاءِ

    • پنهنجي پسند جي ڪانٽيڪٽ تي ٿوري دير لاءِ پريس ڪريو ته هڪ پاپ اپ کُلندي...
    • ان پاپ اپ منجهان Add Conversation Shortcut چونڊيو...
    • توهان ڏسندو ته ان ڪانٽيڪٽ جو شارٽ ڪٽ توهان جي موبائيل جي مين اسڪرين تي ٺهي پوندو..


    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين منع ڪرڻ جو مشورو به ڏيو ٿا ۽ معلومات ونڊ به ڪريو ٿا

    اهو ته سئئون سڌو ڊوهه آهي

    فقير ته اصل ٻڏتر ۾ اچي ويو آهي ;)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجو نمبر تبديل ڪريو ساڳيو کاتو رکندي...

    جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري توهان کي نمبر تبديل ڪرڻو پيو پوي.. ته توهان کي ان ڳالهه جي پريشاني ٿيڻ نه گهرجي ته منهنجي واٽس ايپ رابطن ۽ گروپس جو ڇا ٿيندو... واٽس ايپ ۾ اهڙي سيٽنگ موجود آهي جو توهان رابطن ۽ گروپس ک وڃائڻ بنا ئي نمبر تبديل ڪر سگهو..


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار منهنجوسيٽ هليو ويو. مان گوگل، فيسبوڪ جا پاورڊ ته تبديل ڪري ورتا پر واٽس ايپ هلي پيو ان ئي سيٽ تي، جيستائين نئون سيٽ وٺان.
    بغير سيٽ جي واٽس ايپ جواڪائونٽ ڇا ڊي ايڪٽيويٽ ڪري سگهجي ٿو؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو