عباس ڪوريجي جي تحقيقي ڪتاب “جديد ڪهاڻي : فن ۽ موضوع“ جي مهورت

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    عباس ڪوريجي جي تحقيقي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي : فن ۽ موضوع“ جي مهورتي تقريب سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران 10 آڪٽوبر 2015ع تي شام جو 5 وڳي سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ منعقد ٿي رهي آهي.
    دوستن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد پاران سنڌ جي نئين ٽهي جي جي ناليواري ڪهاڻيڪار محترم عباس ڪوريجو جي ڪتاب جديد ڪهاڻي فن ۽ موضوع جي پڌرائي جي تقريب ناليواري اديب محترم مدد علي سنڌي جي صدارت ھيٺ سنڌ لئنگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال حيدرآباد ۾ ٿي گذري.جنهن ۾ خاص مهمان محترم شوڪت شورو صاحب جن هيا. جڏهن تـ اسٽيج تي محترم اسحاق سميجو ،آڪاش انصاري ،انور فگار هڪڙو ،اسحاق مڱريو صاحب ۽ صاحب ڪتاب محترم عباس ڪوريجو موجود هئا. جڏهن تـ محترم نصير مرزا صاحب ڪاروائي هلائيندي تلاوت ڪلام پاڪ سان پروگرام جي شروعات ڪئي . آجيان جي لاءِ س ا س شاخ حيدرآباد جي سيڪريٽري ايم بي لاشاري کي سڏ ڪيو ويو ،جنهن آيل مهمانن کي ڀليڪار چئي،ان بعد جيئن تـ تـ اسٽيج تي ويٺل مهمانن کي ئي ڳالهائڻو هيو. محترم نصير مرزا صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ مهمانن کي سڏيندو۽ ڳالهرائيندو ويو۽ سڀني مقررن عباس ڪوريجي جي کي سندس تحقيقي ڪتاب آڻن تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس ڪيل تحقيق جو پڻ جائزو ورتو. جڏهن تـ محترم آڪاش انصاري تقرير کان پوءِ شعر ” هي جيون تـ ناهي ،رڳو جر ڦٽو“ ٻڌائي سامعين کان ڀرپور داد حاصل ڪيو.ان دوران ٻن راڳي دوستن،هڪ دوست وقار ملاح ، ماڻڪ ملاح جو گيت ” مٽي منهنجي ماءُ“ ۽ ٻئي دوست استاد بخاري جو گيت ”آءَ تـ ڳايون“ ترنم ٻڌائي محفل کي جهومائي ڇڏيو. پروگرام ۾ محترم نور احمد جهنجهي صاحب ،پير عبيد راشدي صاحب ،يوسف سنڌي صاحب ،محمد علي ڏيپلائي ، ڀلوڙ شاعر سعيد سومري کان سواءِ ڪيترن ئي اديبن شاعرن ليکڪن ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي.


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو