1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

شاعريءَ هر وقت ساٿ نڀايو آهي : بخشل باغي

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,609
    ورتل پسنديدگيون:
    27,103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعريءَ هر وقت ساٿ نڀايو آهي....بخشل باغي

    نواب شاھ (ڳالهه ٻولهه:امير علي چانڊيو)

    شاعريءَمنهنجي وکريل وجود کي پنهنجن نفيس هٿن سان سهيڙي،هڪ رنگين زندگيءَ جي روپ ۾ مون کي موٽائي ڏنو آهي.شاعريءَ منهنجي روح ۾ جنمن کان رهجي ويل احساسن ۽ خوابن کي اظهار جي نرالي صورت ۽ قوت بخشي آهي.اهوئي ڪارڻ آهي جو هن دنيا جي ڌوڙ ۾ شاعري منهنجي آواره ۽ خانه بدوش روح لاءِ آڪسيجن بڻجي پئي آهي.شاعري منهنجي اُداس زندگيءَ جي اُها سهيلي آهي جنهن مون سان هر وقت هر حال ۾پئي ساٿ نڀايو آهي.دنياوي رشتا ناتا ۽ تعلق ٽُٽي وڃن ٿا،ساٿ ڇڏائجي وڃن ٿا پر شاعريءَ جو منهنجي روح سان اهڙو ته ڪو ازلي ناتو جُڙيل آهي جيڪو زندگيءَ ڀر ڪڏهن به مون کي نه ٿو ڇڏي سگھي.اهڙن خيالن جو اظهار نئين ٽهيءَ جي سيبتي شاعر بخشل باغي ڪچهريءَ دوران ڪيو.هُن وڌيڪ چيو ته،پيار،محبت،سڄڻ ۽ ساڻيهه،امن،دوستي،سونهن ۽ فطرت جا ٻيا عنصر منهنجي شاعريءَ جو ڪارج پئي رهيا آهن.شاعري بذات خود هڪ بي ساخته لهرن جيان دل ۽ دماغ تي ڇانئجي پنهنجي اظهارجا رستا ۽ راهون پاڻ ئي هموار ڪندي آهي.ڇو ته وزن بحر،هيئت،رديف،قافيو،ٻولي سندس لاءَ فني زيور آهن
    جيڪي شاعريءَ جي حُسناڪيءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو هوندا آهن.بخشل باغي چيو ته،ادب سُجاڳيءَ جي هڪ ڀرپور علامت آهي.۽ جيڪو ادب زندگيءَ سان هم ڪلام ناهي ۽ جيڪو رُڳو ليکڪ جي ذات جي چوگرد طواف ٿو ڪري ته اُهو ادب محض چرس جي هڪ سُوٽي وانگر عارضي طور تي خلائن ۾ اُڏاري ته سگھي ٿو پر سندس اثر ختم ٿيندي ئي ڌڙام سان وري به اچي ڌرتيءَ تي ڪرائيندوآهي.اهڙو ادب دائمي طور تي ڪڏهن به ڪارگر ثابت ناهي ٿيندو.ڇوته ادب زندگيءَ جي پيڙائن ۽ دردن جو نچوڙ ۽ دانهن هوندو آهي اُهو سماج جو اهڙو ته آئينو هوندو آهي جنهن ۾ اديب سڀئي سماجي عڪس اُن ۾ پسائيندو آهي.جيڪو اديب پنهنجي سماج يا پنهنجي اوسي پاسي جي حالتن تي نظر نٿو رکي ۽ اُنهن کان ڪن لاٽار ڪري ٿو اُهو اديب ادب برائي ادب جو ته پيروڪار ٿي سگھي ٿو پر ادب برائي زندگيءَ جو هُو ليکڪ نه آهي.بخشل چيو ته شاعريءَ مون کي وڏي عزت ۽ آبرو بخشي آهي.مون کي پڙهندڙن طرفان هميشه سُٺي موٽ ملي آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو منهنجي شاعريءَ جا هيل تائين ست مجموعا ڇپجي چُڪا آهي جن ۾“سمنڊ جي هُن پار”،“سپنو سنڌو ديس جو”،“مِٽيءَ جي خوشبو”،“آرسيءَ جا خواب”،“ڊسمبرجي اڪيلائي”،“درد جي ساڳي ڪٿا”،“سنڌوديس مهان” ۽ هڪ اردو شاعريءَ جو ڪتاب “ناياب هين هم” پڻ ڇپائي هيٺ آهي جيڪو پڻ جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندو.اُن کان سواءِ ٽي ڪتاب شيخ اياز جي غزلن جو ڪُليات “هي روح جزيرو حيرت جو”،شيخ اياز جا دُنيا جي مُختلف شخصيتن بابت اهم نوٽسن جو ڪتاب “هيرا ته ڏسو” ۽ نواب شاھ جي شاعرن جي شاعري جو “ڪتاب سپنا ساڳي مُند جا” پڻ مُرتب ڪيا اٿم.مڃتا جي حوالي سان مون کي ڪُجھ ايوارڊ به ڏنا ويا آهن جن مان ٻه ايوارڊ ته منهنجي شاعريءَ جي ٻن ڪتابن “مٽيءَ جي خوشبو” ۽ “ڊسمبر جي اڪيلائي” تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 2003ع ۽ 2006ع ۾ مليا آهن.اُن کان علاوه ڪجھ ٻياايوارڊ جن ۾ حاجي غلام نبي رند ڊولمينٽ آرگنائيزيشن سڪرنڊ پاران“جشنِ سنڌ،ماهوار ناٽڪ ڪراچيءَ پاران 2013ع ۾ “بهترين مضمون نگاري ايوارڊ،شهيد فقير محمد لاشاري ايوارڊ 2013ع،سنڌي ادبي سنگت سنڌ“گولڊن جوبلي ڪانفرنس 2007ع تي“ڊسمبر جي اڪيلائي” تي “مڃتا ايوارڊ،نواب شاھ جو سو سالا جشن “بيسٽ پرفارمنس سرٽيفڪيٽ ايوارڊ” شامل آهن.ڪاوش سان ڳالهائيندي بخشل چيو ته،منهنجو جنم19اپريل1975ع تي نواب شاھ ۾ ٿيو.منهنجواباڻو نانءُ الله بخش خُشڪ ۽ منهنجي بابا سائينءَ جو نالو محمد پريل خُشڪ(پريو فقير)آهي.معاشي اعتبار کان درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل آهيان.مون شاعريءَ جي شروعات 1988ع کان ڪئي پر1991ع کان باقاعده سنڌي ادبي سنگت شاخ نواب شاھ ۾ آيس.هيل تائين منهنجا ست شاعريءَ جا ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.منهنجي زندگيءَ ۾ رنگن جو عمل دخل به عجيب رهيو آهي ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي طبيعت ۾ ڏاڍو جذباتي رهيو آهيان.شعلا شعلا واءُ ۾ منهنجي زندگيءَ جي تصويرآهي. رنگن جي حوالي سان مون کي هميشه ٿڌا مِٺا رنگ ئي تسڪين ڏيندا آهن.ڪپڙن ۾ اڇو رنگ منهنجي پهرين پسند آهي.باقي ٻين رنگن ۾ گُلابي،آسماني،سُرمئي رنگ وڻندا آهن.هُن چيو ته يادگار واقعن سان ته منهنجي سڄي زندگي جو ڪئنواس ڀريو پيو آهي پر هڪڙو واقعو3،آگسٽ 1987ع تي روهڙي ڪئنال نواب شاھ ۾ دوستن سان گڏ وهنجندي،ٽپا ۽ مستيون ڪندي پيٽ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب شديد سيريس حالت ۾ سول اسپتال نواب شاھ ۾ داخل ٿيس ۽ امرجنسيءَ ۾ آپريشن ٿيو ۽15 ڏينهن اسپتال ۾ داخل رهڻ ۽ زندگيءَ ۽ موت کي ويجھو کان ڏسڻ مون کي اڄ به ڇرڪائي ڇڏيندو آهي.منهنجو سنڌي قوم کي هڪڙو نماڻو عرض آهي ته هُو سنڌ جي شعورسان سلهاڙجي“پيغامِ للطيف”جي سڏ کي ورنائين.پنهنجي تعليم تي ڀرپور توجه ڏين.انفرادي سوچ کي ڇڏي اجتمائي احساس ڌارين.پنهنجي تباھ ٿيندڙ تشخص کي سُڃاڻين ۽ بچائين.پيار محبت ۽ امن جي پرچار ڪن.۽ پنهنجي ڪردار جي نظر ثاني ڪن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو