1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

وفا جي راهه ۾ قيامتون : عبدالواحد آريسر جو اهم انٽرويو

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,583
    ورتل پسنديدگيون:
    27,084
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وفا جي راهه ۾ قيامتون
    عبدالواحد آريسر جو اهم انٽرويو

    هڪ ڀِٽ تي ڪکائين ڀونگين جي وچ ۾ گذريل سال 1992ع جي ارڙهين آڪٽوبر تي، هو ساڍي ڏهين وڳي رات واري بي. بي. سي جي اردو نشريات ٻُڌي، ۽ ماهپاره صفدر جي سُريلي آواز کان موڪلائي اُٿيو ۽ اُٿي پنهنجي زال کي ڏٺائين، جيڪا ٿَڪ ۾ چُور ٿي سُتي پئي هئي ۽ سندس ڀر ۾ هُن جي ننڍڙي ڌيءَ اِندرا ننڊ ۾ مسڪرائي رهي هُئي.آريسر سوچيو ته ننڊ واحد نعمت آهي، جنهن کي غريب ۽ امير ٻئي ساڳين سپنن سان ماڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هيءَ منهنجي ننڍڙي اندرا ننڊ ۾ ايتري پُرسڪون ٿي، پَرين جي ديس ۾ ڪيئن گُهمي ها! اهو سوچيندي وِلس )Willhs( جو سگريٽ دُکائي، هُو ٻاهر اچي کٽ تي ويٺو. بجليءَ بنا هڪ ڀِٽ جي تاريڪيءَ ۾ روشنيءَ جو ٽانڊو هن جي هٿ ۾ هو ۽ شايد هن واريءَ سان لٽيل وِهاڻو ڇنڊي، امام مهديءَ جي ڳالهه کي ساريو ته: ’جيڪڏهن اسان سان محبت ڪرڻ وارا پنهنجا واعدا پورا ڪن ها، ته اسان جي ملاقات ۾ ايتري دير نه ٿئي ها.‘
    ننڊ ۾ کڄي وڃڻ کان اڳ، هو ٿر جي آسمان کي کُليل اکين سان گهوريندو رهيو ۽ ستارن جي کينچل ڏسندي، هن جا ڇپر ٻُوٽجي ويا. هن کي اها خبر نه هئي ته ايجنسين جا وائرليس سيٽ هڪ منصوبو رِٿي چُڪا آهن ۽ هينئر اها منصوبابندي، عملي حرڪت ۾ اچي، هن جي ڀِٽ طرف ڪوراڙ وانگر سُري رهي هئي.هن کي جنهن هٿ اچي ننڊ مان اُٿاريو، اُن جو ڇُهاءُ اوپرو هو. هو ڇرڪ ڀري اُٿيو ۽ کيس چيو ويو ته هاڻي هُو ’ڪوءِ يار، مان نڪري ’سوءِ دار‘ طرف هلڻ جي تياري ڪري!ڳالهه ٻولهه جي آواز تي جڏهن هن جي گهر واري ڪيسر اُٿي ته آريسر مٿان تاڻيل رائيفل ڏسي، ڊوڙندي هن جي اچي مٿان ڪري. پوري ويڙهي ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ۽ هُو سڀني کي اطمينان ڏئي، ٿيلهو (بيگ) ٺاهي هلڻ لڳو ته سندس گهر واريءَ جي پوتيءَ سان هن جون اکيون ٻڌي، کيس گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو.
    ٻئي ڏينهن هن جي دوستن ۽ دشمنن کي خبر پئي ته آريسر کي ايجنسيون کنڀي کڻي ويون آهن. جڏهن اها خبر سن ۾ سائين جي. ايم. سيد کي پئي ته هُن پنهنجا ڏٻُرا هٿ کڻي، سندس لاءِ دُعا ڪئي: ’يا الله! منهنجي آريسر جو عشق پَرتو اٿئي!‘-۽ اها خبر جڏهن سادڙي شاعر حليم باغيءَ کي پئي ته هُن جي نفرت ۽ ڪاوڙ هڪ ڪوِتا ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هو پني تي هيٺيون نظم اُتارڻ لڳو ته:
    هي ڏاڍ، ڌئونسَ جون وري شرارتون،
    اي منهنجي دل!
    ۽ پنهنجي عشق جون مٽيون نه عادتون،
    اي منهنجي دل!
    وڃين ٿو قتل گاهه ڏي، اي منهنجا ميتَ ٿورو بيهه!
    جو تنهنجي هوڏ مان ملي ٿو منهنجي گيتَ کي سنيهه،
    ڀلي ته تنهنجو مُک چُمي، نئين صبح جي شبيهه!
    گلي مِلي ڏيانءِ مان اجازتون،
    اي منهنجي دل!
    لَهو طلب ڪيو اڏيءَ ته تنهنجو پيرُ ڪيئن کٽي؟
    جو تنهنجي ماءُ جي ٿڃُ مان اڃا به جوت ٿي ڦُٽي،
    ڏسو اڏيءَ جي عاشقن- قطار ڪا متان کُٽي!
    وفا جي راهَه ۾ هن قيامتون،
    اي منهنجي دل!
    سو جڏهن هُو ٻاويهين مارچ 1993ع تي سموريءَ آزمائش مان آجو ٿي وَريو، ته هن حليم باغيءَ جي راءِ جي تصديق ڪندي چيو ته: واقعي اُهي ’قيامت جون گهڙيون‘ هيون، هن تي ٽارچر سيل جو ماحول ايترو حاوي آهي، جو اُهي گهڙيون ياد ڪري پاڻ به وائڙو ٿي ٿو وڃي، ته هُو اهي لَڪَ ڪيئن لتاڙي آيو! اُن ڪري هيءُ سمورو انٽرويو، انهيءَ اذيتناڪ فلم جي جهلڪين وانگر آهي.هن سموري انٽرويوءَ تي ٽارچر سيل جي ماحول جو پاڇو آهي، اُن ڪري هن انٽرويوءَ کي ’ڪاوش مئگزين‘ جي روايتي انٽرويوئن وانگر نه پڙهيو وڃي، ته اسان ٻنهي سان انصاف ٿيندو.
    قيد مان آجو ٿي هڪ هفتي کان پوءِ هو اڇڙو پهراڻ پائي، پنهنجي اوطاق جي ٿلهي تي رلي وڇايو، پنهنجن دوستن جي محفل جي گرم ڀاڪُرن ۾ ويٺو آهي، ڀرسان لالَٽين ٻري رهي آهي. ريگستان جي هلڪي ۽ خُنڪيءَ ڀريءَ هوا ۾ اسان جي ڪچهري، هن سوال سان شروع ٿئي ٿي ته:
    اعجاز: ٻاهر اچي آزاديءَ بيان ڪري سگهڻ واري ڪيفيت کانسواءِ، ڪهڙي ’سياسي ڪيفيت‘ کي محسوس ڪري رهيا آهيو؟
    آريسر: آءٌ اُن کانسواءِ اِهو محسوس ٿو ڪريان ته سنڌ ضرور آزاد ٿيندي. مانيءَ لاءِ نه، ڪنهن مٽيءَ لاءِ نه، پر رُڳو سنڌي ماڻهوءَ جي عزت جي بقا لاءِ، سنڌ ضرور آزاد ٿيندي!ٻي ڳالهه اها محسوس ٿو ڪريان ته پاڪستان ۾ اصل حڪومت ڪن ٻين جي آهي، هي سڀ ٻوريون آهن، غلاف آهن، پردا آهن.- ۽ ٽين شيءِ آءٌ اها محسوس ٿو ڪريان ته ڀُٽي فيمليءَ کي اقتدار نه ڏيندا.
    اعجاز: اِهو توهان ڇو محسوس ٿا ڪريو؟
    آريسر: انهن جي رَويي مان، محسوس ڪريان ٿو جيڪي مون کي ٽارچر سيل ۾ کڻي ويا هئا، جيڪي هڪ ’طاقتور ايجنسيءَ‘ جا ماڻهو هئا.
    اعجاز: ٽارچر سيل ۾ ڪهڙين عجيب ڪيفيتن کي محسوس ڪيوَ؟
    آريسر: الائي ڪيتريون ڪيفيتون هيون! هر گهڙيءَ هڪ نئين ڪيفيت آڏو هئي، پر هڪ عجيب ڪيفيت اِها به هئي ته ٽارچر دوران هڪ حد کانپوءِ منهنجو سُور ختم ٿي ويو، پوءِ مون محسوس ڪيو ته مون کي ڄڻ ڌڪ لڳن ئي نه ٿا...ڄڻ ته سُور جي مقصد سان لڳندڙ ڌڪَ پنهنجي معنيٰ وِڃائي ويٺا هئا.اُن کانسواءِ مون اِها ڪيفيت به محسوس ڪئي ته اُهو ماڻهو، جنهن جا هٿ ٻڌل آهن، جنهن جي مٿي مان رَت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو آهي، اُهو ڪو ٻيو ماڻهو آهي ۽ آءٌ اُن شخص جو تماشائي آهيان، جيڪو رَت وهائي رهيو آهي. مون کي اِهو صفا محسوس نه پئي ٿيو ته ڪو منهنجو مٿو ڦاٽو آهي، يا ڪو منهنجو رَتُ وهي رهيو آهي. اِهي خود منهنجي لاءِ به عجيب ڪيفيتون هيون!

    اعجاز: قيد تنهائيءَ جي اُن عرصي دوران توهان کي ڪهڙا ماڻهو ياد ايندا هئا؟
    آريسر: جڏهن مون کي موڪل ڏنائون ته تون ڀلي سُمهه، ته پوءِ اُهي رات جا ٽي چار ڪلاڪ آءٌ سُمهندو هئس. اُن ۾ مون سڄيءَ سنڌ جا دوست خواب ۾ ڏٺا. پوءِ آءٌ روز نئون خواب ڏسندو هئس. ڪڏهن ڏسندو هوس ته ڍوري ناري ۾ ويٺو آهيان، ڪڏهن ڳوٺ، ڪڏهن لاڙڪاڻي، ڪڏهن شڪارپور ته ڪڏهن سکر، ڪڏهن حيدرآباد، روزانو ڪو نه ڪو خواب ڏسندو هئس ۽ منهنجا اُهي چار ڪلاڪ ڏاڍا خوبصورت گذرندا هئا.هونئن مون کي سڀ کان گهڻي ياد منهنجي ڌيءُ’اندرا‘ ايندي هئي ۽ ٻي ڪيفيت ، جيڪا مون کي گهڻو ياد ايندي هئي، اها هئي ته جڏهن هو مون کي گرفتار ڪرڻ آيا هئا، تڏهن منهنجي زال رڙيون ڪري اچي مون کي ڀاڪُر پاتو هو. جڏهن هو مون تي رائيفل تاڻيو بيٺو هو، اُها رائيفل هئي يا ڪلاشنڪوف هئي، مون کي هٿيار سُڃاڻڻ نه ايندا آهن، هُو سِول ڊريس وارو پوزيشن وٺيو بيٺو هو، تڏهن منهنجي زال سمجهيو هو ته هي ڪي قاتل يا ڌاڙيل آيا آهن، سو اُنهن جي وچ مان رڙيون ڪري ايندڙ منهنجي زال منهنجي يادگيريءَ تي ڇپجي وئي هُئي.
    اعجاز: ڀلا ڪا اهڙي ڪيفيت هئي، جنهن ۾ ٽيڪَ هجي، آٿت هجي، دلداري هجي؟
    آريسر: حقيقت ۾ هاڻي کڻي آءٌ ڇا به چوان، پر حيدرآباد واري عرصي ۾ به نه، ۽ نه وري ڪراچيءَ واري عرصي جي پُڇا ڳاڇا دوران، پر جڏهن منهنجي طبيعت بِگڙجي وئي هئي، جڏهن منهنجو بلڊ پريشر وڌي ويو هو، تڏهن مان مايوس ٿي چُڪو هئس ۽ مون کي اها پڪ ٿي وئي هئي ته آءٌ جيئرو واپس نه ٿو وڃي سگهان. ويندي اُن حد تائين، جو مون سوچي ڇڏيو هو ته پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئي ڇڏيندس ته جڏهن منهنجو لاش گهر پهچي ته منهنجي جنازي نماز ڪير پڙهائي، پر مون ملاقات دوران کيس ڪُجهه به نه چيو اِهو سوچي ته خبر ناهي پويان گهر وارن جي ڪهڙي ڪيفيت ٿئي.
    اعجاز: سو توهان اُن عرصي ۾ پنهنجو موت يقيني سمجهيو هو؟
    آريسر: ها، پر اُن جو مطلب اِهو به نه هو، ته اُن ڪيفيت ۾ ماڻهو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري.
    اعجاز: پوءِ اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي ان عذاب ۽ سختين ۾ به ثابت قدم ٿي رکي؟
    آريسر: آءٌ سمجهان ٿو ته ماڻهوءَ جو ذهن ناقابلِ فتح آهي، اُن ۾ ڪا شيءِ ويٺل آهي ۽ پُر خلوص طريقي سان اُها شيءِ ماڻهوءَ کي اڏول ٿي رکي.اعجاز: اُها شيءِ انا آهي، شعور آهي يا محبت آهي؟
    آريسر: منهنجي خيال ۾ انا يا شعور کان وڌيڪ محبت آهي.
    اعجاز: ڪنهن سان محبت؟
    آريسر: نظريي سان، دوستن سان، پنهنجين سچاين سان. نظرياتي سوچون الڳ هونديون آهن، پر اُهي ننڍڙيون ننڍڙيون سوچون به، جن ۾ پيار به هجي، ڪاوڙ به هجي، نفرتون ۽ محبتون سڀ هجن.مون کان حيدرآباد ۾ اٺاويهين نومبر[1992ع] تي هڪ پُڇندڙ پُڇيو ته: ’حالت ديکي هي، ڦر ڀي ٽُوٽتي نهين!‘ مون اُن کي ٻيءَ ڪيفيت ۾ سمجهيو ۽ کيس جواب ڏنو ته: ’مين تو ريزه ريزه هو چُڪا هون‘.هن اِها ڳالهه اِن مقصد سان چئي ته ’ڳالهه تان نٿو هٽين!‘ ۽ مون اُن کي مارئيءَ واري ڪيفيت ۾ ورتو هو ته ’پنهنجن دوستن، يارن جي فراق ۾ مان ذرو ذرو ٿي چُڪو آهيان.‘ ٻي ڳالهه ته: ڪراچيءَ ۾ مون کي سموري رات [پيرن ڀر] بيهاري، صبح جو گُهرائي چيو هئائون ته: ’هم مانتي هين ڪه آپ سياسي آدمي هين، همين مجبور نه ڪرين ڪه هم آپ پر تشدد ڪرين‘. مون کين چيو ته: ’مين بهت ڪمزور هون اور مجهي يقين هي ڪه ميري اوپر تشدد هوگا، اِس ليئي ڪه جو ڀي عدم تشدد ڪا پيروڪار رها هي، اُس پر تشدد هوا هي. مثلاً: يسوع مسيح، مارٽر لوٿر ڪنگ، گانڌي اور غفار خان‘. جيتوڻيڪ غفار خان تشدد ذريعي نه مئو هو، پر هن جي لاش تي بم ڦاڙيو ويو هو. سو مون کين چيو ته ’آپ ڀلي تشدد ڪرين، ليڪن ميري نزديڪ تشدد وحشيانه اور حيواني عمل هي. مين ني آج تڪ ڪسي بچي ڪو ڀي طماچه نهين مارا‘.
    اعجاز: توهان شروع کان وٺي عدم تشدد جا قائل رهيا آهيو، يا فڪرِ جي. ايم سيد کان پوءِ...؟
    آريسر: نه، شروع کان.
    اعجاز: ڇا توهان جي طبيعت ۾ ئي اها ڳالهه سمايل آهي؟
    آريسر: ها.
    اعجاز: توهان جي طبيعت ۾ اها ڳالهه ڪٿان آئي؟
    آريسر: در اصل انسان کي جيڪي رهنمايون ملنديون آهن، مذهبي ٻوليءَ ۾ جنهن کي اسان ’هدايت‘ چوندا آهيون، اُن جا مختلف درجا آهن. اُن ۾ هڪڙي جيڪا فِطري رهنمائي هوندي آهي، اُن لاءِ ڪو به دليل نه ٿو ڏئي سگهجي، اها فطرت ۾ سمايل آهي. اُن جو مثال توهان اهو وٺو ته جهرڪيءَ جي ٻچي کي ڪهڙي پيغمبر، پير يا دانشور اها تعليم ڏَني ته تنهنجي رزق جو ذريعو ماءُ جو ٿڻ نه آهي، پر جڏهن تنهنجي ماءُ آکيري ۾ اچي ’چُون چُون‘ ڪري، تڏهن اُن جي چُهنب ۾ تنهنجي روزي رکيل آهي. يا ماڻهوءَ جي ٻارَ کي ڪهڙي پيغمبر يا پير سيکاريو ته تون پنهنجي ماءُ جي بُبي ۾ وات وجهي، ٿورو زور ڏيندين ته اُن مان کير نڪرندو. اُن فطري هدايت يا رهنمائيءَ لاءِ ڪو دليل نه ٿو ڏئي سگهجي.
    اعجاز: يعني توهان اِهو ٿا سمجهو ته عدم تشدد جو نظريو هڪ فطري نظريو آهي؟
    آريسر: ها، آءٌ اهو ٿو سمجهان ته اُهو بيحد فطري نظريو آهي.
    اعجاز: ته پوءِ دنيا جي فاشسٽ قوتن کي ڪيئن شڪست ڏئي سگهبي؟
    آريسر: اصل مسئلو اهو آهي ته ڪنهن بگهڙ جا ڏند ڪيئن ڪمزور ٿا ڪري سگهجن؟ اصل سوال اهو آهي، سو هاڻي به منهنجو اِن ڳالهه تي يقين آهي ته تشدد ذريعي هڪ بگهڙ جي ڏندن کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي.اِن سلسلي ۾ مون هڪ جاءِ تي چيو هو ته اڳ جن ملڪن تشدد ذريعي آزادي حاصل ڪئي آهي، خاص ڪري آفريڪا يا ايشيا ۽ ويٽنام وغيره، اتي معاشي حالتون ڏاڍيون خراب آهن. مون اهو به چيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان اِهو سوچيندو آهيان ته اسان جا هيرا، جن بندوق هٿ ۾ کنئي هئي، اُهي غلط ته نه هئا؟اڄ صوماليا ۾ ڇا آهي؟ اسان ويٽنام کي سلام ته ڪريون ٿا، پر سلام ڪري پُڇون به ٿا ته اڄ ويٽنام پنهنجي جدوجهد ڪندڙن جي خوابن جي تعبيرن جهڙو ڪٿي آهي!
    اعجاز: پوءِ توهان جي نظر ۾ دنيا اندر ڪهڙو انقلاب آئيڊيل آهي؟
    آريسر: منهنجيءَ نظر ۾ هاڻي ڪو به انقلاب آئيڊيل نه رهيو آهي، اڳي هئا.
    اعجاز: ٽارچر سيل ۾ توهان ٻڌايو ته توهان جي اکين تي پٽي ٻڌل رهي. صوفي چون ٿا ته ٻاهرين اکين ٻُوٽڻ سان اندريون اکيون کُلن ٿيون. سو توهان کي قيد تنهائيءَ ۾ ڪي روحاني تجربا ٿيا؟
    آريسر: (سوچيندي) نه ٻيو ته ڪو خاص تجربو نه ٿيو، باقي جيترو به وقت مان اُتي رهيس ۽ اُتي جيترا به مون خواب ڏٺا، اُنهن ۾ ڪنهن به خواب ۾ [ ’آءٌ زنجيرپائي به آزاد هان، تون ته ظالم سدا آنهه زندان ۾] مون پاڻ کي قيديءَ واري حالت ۾ نه ڏٺو. مون هميشه ڏٺو ته مان آزاد آهيان!
    اعجاز: اتي رهي توهان ڇا ڇا سوچيو؟
    آريسر: گهڻو ڪجهه سوچيو، پر مون اُتي هڪ آزاد نظم [نثري نظم] به سوچيو هو، جنهن جو عنوان هو:پوءِ به مان پنهنجا ڳوڙها روڪيان ٿوڇا ڇا ٿيو آهي،ڇا نه وهيو واپريو آهي!پر مان ڳوڙها روڪيان ٿو!ڇا لاءِ ؟ ته ڪٿي منهنجي ڳوڙهن جي ڪري سنڌي ماڻهوءَ جو شهپر هيٺ نه ٿي پوي، يا اُن جو ڪنڌ شرم کان جُهڪي نه پوي ۽ اُن سنڌي ماڻهوءَ جي حالت ڇاهي؟ پوءِ به مان پنهنجا ڳوڙها روڪيان ٿو.
    اعجاز: توهان کي اُتي روئڻ آيو؟
    آريسر: آءٌ روئندو هئس، پر ماڻهن جي اڳيان نه، پر آءٌ روئندو ضرور هئس.
    اعجاز: توهان کي ڪهڙي ڪيفيت روئاريندي هئي؟
    آريسر: ٻاهر جو سوچي روئڻ ايندو هو، نوجوانن جي اندر جيڪا حالت هئي، اُها ڏسي روئندو هئس.
    اعجاز: ڇا توهان پنهنجي اُن ڪيفيت تي ڪجهه لکندا؟
    آريسر: آءٌ لکندس، ضرور لکندس، پر ڪڏهن لکندس ۽ ڪيئن لکندس، اها الڳ ڳالهه آهي، پر لکندس ضرور!
    اعجاز: ڇا توهان هاڻي پنهنجي سياست ۾ ڪي تبديليون آڻيندؤ؟
    آريسر: مون اُن تي تمام گهڻو سوچيو آهي، في الحال ٻڌائيندس نه، ته مون کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي!
    اعجاز: توهان کي قيد خاني ۾ رهندي، دل جي دريءَ مان ڏسندي، پنهنجي ماڻهن جي ڪهڙي غلطي نظر آئي؟
    آريسر: اسان آزاديءَ جي ڳالهه ته ڪريون ٿا، پر اُن جي ضرورت کي شدت سان محسوس نٿا ڪريون، ايئن جيئن بُک ۾ مرندڙ ماڻهو مانيءَ جي طلب کي شدت سان محسوس ڪري، يا جيئن هڪ سالن جو قيدي عورت جي طلب شدت سان محسوس ڪري؛ تيئن اسان آزاديءَ جي طلب کي شدت سان محسوس نه ٿا ڪريون ۽ اِهو نٿا سمجهون ته غلامي ماڻهن تي ڪهڙا ڪهڙا اثرات وجهي ٿي! رچرڊ برٽن لکيو آهي ته سنڌ جو ماڻهو، خاص طور’لوئر سنڌ‘ جو ماڻهو، ٻٻرَ جي ڇانوَ، ٻاجهر جي ماني ۽ وَٽو لسيءَ جو حاصل ڪري، هر شيءِ کان بي خبر هوندوآهي.اسان کي اُن شيءِ يعني آزاديءَ جي اهميت جي خبر ناهي. اسان اِهو سمجهون ئي نه ٿا ته آزاد ماڻهوءَ جو مانُ ڇا ٿيندو آهي، ۽ غلام ماڻهوءَ جو مانُ ڇا ٿيندو آهي! اسان سڀني کي اُن جي تڙپ، تانگهه، تات ۽ طلب، اُن شدت سان محسوس نه ٿي ٿئي. دراصل اسان کي اها شدت ايتري محسوس ڪرڻ کپي، جيتري شدت ماڻهو محبوب کي چُمي ڏيڻ لاءِ محسوس ڪندوآهي.
    اعجاز: توهان کي اُتي رهندي، قومي ڪارڪنن جون ڪهڙيون ڪچايون محسوس ٿيون؟
    آريسر: هونئن ڪنهن قومي ڪارڪن کي، ڪنهن به مرحلي تي، ڪنهن به قسم جي ڪمزوريءَ جو مظاهرو نه ڪرڻ کپي، پر حقيقت اها آهي ته آءٌ جيڪي ڪُجهه اُتي رهي، ڏِسي ۽ ڀوڳي آيو آهيان، اُن مطابق آءٌ هاڻي سوچيان ٿو ته اسان وٽ اُهو قومي ڪارڪن اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي، جيڪو آزاديءَ جي تانگهه ايئن محسوس ڪري.
    اعجاز: توهان پنهنجي آئيڊيل قومي ڪارڪن ۾ ڪهڙا رنگ ڏسڻ چاهيو ٿا؟
    آريسر: آئيڊيل قومي ڪارڪن ۾ آءٌ ٻه خصوصيتون ڏسڻ چاهيان ٿو: آسمان ۽ زمين واريون- يعني آزاديءَ ۾ هو آسمان هجي ۽ طبيعت ۾ هو ڄاڙي باز نه، پر ڏاڍو نهٺو ۽ سادو هجي. ۽ ماڻهن سان اُن جو رويو زمين جهڙو هجي، ڀلي پيو لتاڙجي، پر پوءِ به هو صبر ۾ هجي ۽ گهرو هُجي. [اوچتو ڪجهه ياد ڪندي آريسر چوي ٿو] اُتي مون کان گهڻو ڪجهه وسري ويو هو، حيدرآباد ۾ ته لطيفُ ياد ايندو هو، پر ڪراچيءَ ۾ رُڳو اياز ياد ايندو هو، سو به رُڳو ان جا ٻه شعر: بي موت مُئا تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رُڳو،هن دنيا ۾ اي ديس هُيا، نادان هزارين، مان نه رُڳو!اِهو شعر جهونگاري مون کي سگهه ملندي هئي، پر جڏهن هي شعر جهونگاريندو هئس: رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي، ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ روئندي رهي. ته پوءِ ڏاڍو روئندو هئس.
    اعجاز: ’تون نه آئين ڪهي‘، ڪنهن جي نه ڪَهي اچڻ جو ڏُک هوندو هو؟
    آريسر: مون اڳ به چيو هو ته منهنجا ٽي جنم آهن: پهريون جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان ڄائس، ٻيو جڏهن مون سليٽ تي پهريون اکر پڙهڻ سکيو، ۽ منهنجوٽيون جنم تڏهن ٿيو، جڏهن مون سنڌ سُڃاڻڻ شروع ڪئي. پهرئين جنم جا والدين، منهنجا والدين آهن. ٻئي جنم جا والدين منهنجا استاد آهن، ۽ ٽئين جنم جو والد سائين جي. ايم سيد آهي.
    اعجاز: ڇا ٽارچر سيل مان واپسي توهان جو چوٿون جنم ناهي؟
    آريسر: هي اڃا ٽيون جنم هلي رهيو آهي، ۽ آءٌ توهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ته شايد ڪو منهنجي ستارن ۾ لکيل آهي ته منهنجو هر قيد پهرئين قيد کان سخت رهيو آهي. پهريون دفعو آءٌ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ گرفتار ٿيس، ته ٻه سال قيد رهيس. ٻيو دفعو آءٌ ضيا جي دور ۾ قيد ٿيس ته مون کي ڦٽڪا لڳا ۽ سزا ملي ۽ ٽيون دفعو هاڻي قيد ٿيو آهيان، اُن ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، اُهو اوهان جي آڏو آهي. سو مون سوچيو هو ته جيڪڏهن مون کي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ مون کان ڪورٽ پُڇيوته ’تو تي تشدد ٿيو آهي يا نه؟‘ ته آءٌ چوندس ته: ’پهرين ڪورٽ مون کي تحفظ ڏئي ٿي يا نه؟‘جي نه ته ٻي حالت ۾ : جو هم په گُذري، سو گُذري، مگر شبِ هجران!اي اشک! تيري عاقبت سنوار چلي. سو چوٿئين ڀيري ٿي سگهي ٿو ته ڦاسي ڏين، ڇو ته مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجي هر گرفتاري، پهرينءَ گرفتاريءَ کان سخت رهي آهي.
    اعجاز: ڇا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ واري سموري عرصي ۾ توهان جي ذهني ڪيفيت ساڳي رهي؟
    آريسر: نه، حيدرآباد وارو عرصو تمام گهڻو سخت رهيو، ۽ اُن پوري عرصي دوران ڪڏهن به منهنجي اک مان ڳوڙهو نه وهيو، جيتوڻيڪ اُتي سختي هئي ۽ سڀ ڪُجهه ٿيو- ۽ ڪراچيءَ ۾ جتي حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ نرمي هئي، آفيسرن جو رويو مهذبانه هو، اُتي آءٌ روئندو به هئس.
    اعجاز: جڏهن هُنن توهان کي هتان [ڳوٺان] کنيو هو، تڏهن توهان جي ڪيفيت ڪهڙي هئي؟
    آريسر: جڏهن هنن مون کي ٻڌو هو ته پهرين مون سمجهيو ته، هي جيڪا اسان ’بِهاري روڪيو ڪميٽيءَ‘ پاران جدوجهد شروع ڪئي آهي، اُن جي سلسلي ۾ آيا آهن، پر هنن جڏهن منهنجي زال جو رَئو کڻي، منهنجون اکيون ٻڌيون، ته پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته هاڻي مرحلو ٻيو آهي. منهنجي ذهن ۾ ڪا به خوش فهمي نه هئي.
    اعجاز: ڇا توهان کي اِن ڳالهه جو افسوس آهي، ته توهان جي تنظيم، توهان لاءِ ايئن احتجاج نه ڪيو،جيئن ڪرڻ کپندو هو؟
    آريسر: نه، دراصل مون کي پنهنجي تنظيم جي طاقت جي خبر هئي. آپريشن جي صورتحال هئي ۽ مون کي يقين هو ته اِنهن حالتن ۾ ڪُجهه ٿي نه پئي سگهيو.
    اعجاز: توهان جي لاءِ اِهو مشهور ٿيو آهي ته توهان اندر نمازون وغيره پڙهندا هئا؟
    آريسر: يقيناً مون نمازون پڙهيون ۽ آءٌ واضح ڪري ڇڏيان ته آءٌ ڪڏهن به نماز جو منڪر نه رهيو آهيان. نه رُڳو اُتي، پر نمازون مون هتي اچي به پڙهيون آهن.
    اعجاز: اهو به چيو وڃي ٿو ته توهان جي آزادي، ڪمپرومائيز جو نتيجو آهي؟
    آريسر: ڪمپرومائيز ڪهڙو؟ آخري بيان، جيڪو مون رڪارڊ ڪرايو آهي، اُن ۾ مون چيو آهي ته: ’آءٌ پاڻ کي غلام محسوس ٿو ڪريان‘. هنن چيو ته ’اب ڀي؟‘ ته مون چيو ته: ’اس وقت غلام سي ڀي ايڪ درجا بدتر، ايڪ ذليل قيدي‘. باقي مون ڇا تي ڪمپرومائيز ڪيو آهي؟
    اعجاز: باقي توهان جي آزادي ڪهڙن سببن جو نتيجو آهي؟
    آريسر: آزاديءَ کان وڌيڪ توهان پُڇو ته منهنجي گرفتاري ڪهڙن سببن جو نتيجو آهي؟ مون کان هنن اهي به سوال ڪيا ته ’آپ ڪي پارٽي ڪي چيئرمئن آزاد هين، اور بهت سي ليڊر هين، وه بهي آزاد گهوم رهي هين، آپ يهان ڪيون هين؟‘مون هنن کي جواب ڏنو هو ته: ’ايڪ تو مين تمام ليڊران سي زياده غريب آدمي هون، مسڪين هون،. دوسري بات يه هي ڪه مين بارڊر ڪي نزديڪ رهني والا هون، بالا طاقتين نهين چاهتي ڪه اِس علاقي ۾ ڪوئي سياسي قُوت ڪي طور پر اُڀري. بالا طاقتين يه نهين چاهتي، اِس ليئي جام ساقي ڀي سب ڪُچهه ڇوڙ ڪر حيدرآباد ۾ آ گيا هي. اور تيسرا يه ڪه ميري ليئي [نام نهاد] قومي پريس ني يه تاثر پيدا ڪيا هي ڪه يه ڀارت نواز هي.هنن مون کي چيو ته ’پهريان ٻه سبب غلط آهن ۽ پويون صحيح آهي‘- ۽ مون کين چيو ته ’آءٌ ڀارت نواز نه آهيان، پر مُحبِ سنڌ آهيان‘. اِن سلسلي ۾ واضح ڪريان ته جڏهن ڀارت جي وزير خارجه بيان ڏنو هو ته ’جيڪڏهن پاڪستان پنجاب ۽ڪشمير ۾ مداخلت بند نه ڪئي، ته اسان سنڌ ۾ مداخلت ڪنداسون‘- ته اُن وقت سموري پاڪستان ۾ آءٌ واحد سياسي ڪارڪن هئس، جنهن پريس ڪانفرنس ڪري، ڀارت جي وزير خارجه کي جواب ڏنو هو ته: ’توهان کي، سنڌ کي غريب جي زال سمجهي،ڀاڄائي چوڻ نه گهرجي‘.
    اعجاز: توهان جي گرفتاريءَ کان اڳ، سنڌ ۾ ڏوهن جي خلاف جيڪو آپريشن هلي رهيو هو، اُن ۾...؟
    آريسر: [سوال کي ڪٽيندي چوي ٿو ته] سائين مون اڳ به هڪ جاءِ تي تقرير ڪندي چيو هو، ته سنڌي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي، اهو سوچڻ گهرجي ته ڏاهر جي وقت ۾ عربن جون فوجون ڌاڙيلن جو بهانو وٺي آيون هيون. اُن سلسلي ۾ عرب حاڪم، ڏاهر کي خط لکيو هو ته: ’تون ڌاڙيلن کي ڪنٽرول ڪر‘. چچ نامي مطابق ڏاهر کين جواب ڏنو هو ته: ’اُهي ڌاڙيل منهنجي ڪنٽرول ۾ نه آهن‘. اُن تي مسلمان تاريخ نويسن لکيو هو ته: ’ڏاهر اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي‘. جيتوڻيڪ اُن وقت سنڌ حڪومت جي ايراضي وڏي هئي، پنجاب اُن ۾ هو، ڪشمير به هو، پر ڏاهر وٽ ڇا هو؟ نه هيليڪاپٽر، نه جديد هٿيار، نه دُوربينيون ۽ ڪئميرائون. اُنهن حالتن ۾ به ڏاهر تي تهمت لڳي هئي ته، ڏاهر ڪوڙو آهي. اڄ سنڌ جي حڪومت وٽ جديد اوزارن سان ليس هيتري ساري پوليس آهي ۽ ايراضي به ننڍي آهي، پوءِ به ڌاڙيل پوليس جي ڪنٽرول ۾ نه پيا اچن، اُن ڪري فوج کي استعمال ڪيو پيو وڃي. سو اسان ڇا سمجهون؟ ڏاهر ڪوڙو هو يا عرب ڪوڙا هئا؟ سو ڌاڙيلن کي مخاطب ٿيندي مون چيو هو ته: ’ڌاڙيلو! توهان هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکو، ماضيءَ ۾ عربن توهان جو بهانو وٺي حملو ڪيو هو ۽ اڄ توهان جو بهانو وٺي پنجاب اسان وٽ ايندو‘.
    اعجاز: توهان جي نگاهَه ۾ سنڌ کي تاريخ جي هن دور ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ کپي؟
    آريسر: سنڌ پنهنجي مجموعي ڪردار ۾ ٻن محاذن تي پاڻ کي پُختو ڪري:’هڪ سياسي سوچ ۽ سياسي شعور، ٻيو ڪلچرل محاذ‘. سنڌ ثقافتي طرح سان پنهنجي سطح ايتري اوچي ڪري، جو سمورو برِصغير اُن لاءِ سندس محتاج ٿي پوي. اُن ۾ ماڻهن جا ماڻهن سان رويا به اچي ٿا وڃن. هن وقت پوري انساني رويي جي تبديلي ۽ تعمير جي ضرورت آهي.اسان ڏٺو آهي ته اِتهاس ۾ تلوارن جي فتحن کي، ثقافتن شڪستن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هڪ دور هو جڏهن فوجي ميدان ۾ يونان، روم کي فتح ڪيو هو، پر پوزيشن اِها هئي ته، اُهي فاتح رومي جرنيل جڏهن سمهندا هئا، تڏهن سندن وهاڻن هيٺيان يوناني دانشورن جا ڪتاب رکيل هوندا هئا.اسان وٽ ته هڪ عجيب مسخري لڳي پئي آهي، جو اسان پنهنجي وڏي ۾ وڏي شاعر کي به اُها اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون، اسان پنهنجي مصور کي اُها اهميت نه پيا ڏيون. هو اُن ڪري وڏو ناهي، جو هُو منهنجي سوچ جي حمايت نٿو ڪري، يا مون سان گڏجي پمفليٽ نٿو ورهائي ۽ پوسٽر نه ٿو پيو هڻي، اُن ڪري وڏو دانشور ناهي، وڏو مُصور ۽ وڏو شاعر ناهي! مون کي انڊيا جي هڪ عورت چيو هو ته:’اوهان اِهو ته چئو ٿا ته سوچن کي محدود نه ڪريو، پر آءٌ چوان ٿي ته اوهان محبت کي به محدود نه ڪريو‘.گورڪيءَ لکيو آهي ته ’استقامت ۽ ضد ۾ فرق آهي. ضد پاڻيءَ تي ڄميل سينور جيان آهي، جڏهن ته استقامت هماليه جيان اڏول چيز آهي‘. سو اسان شين جي فرقن کي نٿا سمجهون، اسان ڀُليل آهيون، اسان اهو به نه سمجهيو آهي ته ثقافتي طرح سان سنڌ مهاجر کي فتح ڪري چُڪي آهي.
    اعجاز: ڇا ايئن آهي؟
    آريسر: ها، ايئن آهي. اُن جو مثال اهو آهي ته، الطاف حسين مهاجرن کي اپيل ڪئي هئي ته ’توهان چوڙيدار پاجامو ۽ واسڪوٽي پايو‘. پر توهان کي گهڻا مرد ۽ گهڻيون عورتون چُوڙيدار پاجامن ۾ نظر آيا آهن؟ سواءِ هن جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي، باقي ڪنهن به هن جي اپيل کي کنگهيو ناهي. [ڪيترا مهاجر ته اجرڪ لباس طور پائين ٿا] سو سنڌ کي ثقافتي مورچي تي مضبوط ٿيڻو آهي.
    اعجاز: توهان قيد جي گهڙين ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ،ڇا مارڪسزم تي به سوچيو؟
    آريسر: بلڪل، بلڪل!
    اعجاز: توهان ڪهڙي نتيجي تي پهتا؟
    آريسر: مارڪسزم هڪ فڪر جي حيثيت سان ناڪام نه ٿيو آهي. هڪ رياستي ڍانچي اندر پاور power جي حيثيت ۾ ناڪام ٿيو آهي، پر فلسفي طور نه. هي دانشور ڇا به چون... جيتوڻيڪ آءٌ’اصلي تي وڊو‘ مارڪسٽ نه آهيان رهيو ۽ نه وري مون ڪڏهن اهڙي دعويٰ ڪئي آهي، پر قيد جي آخري ڏهاڙن ۾ مون مودوديءَ جو لکيل تفسير ’تفهيم القرآن‘ سمورو پڙهيو هو، ليڪن ڪائنات جي باري ۾ جيڪو مارڪس جو تصور آهي، اُن تصور کي اڄ تائين ڪوئي رد ڪري ئي نه سگهيو آهي.
    اعجاز: قيد ۾ توهان جا پُڇا ڳاڇا ڪرڻ وارن سان بحث مباحثا ٿيندا هئا؟
    آريسر: ها، مثال: هنن پُڇيو ته ’آزادي چاهتي هو؟‘ مون چيو ’بلڪل‘. چيائون: ’پاڪستان سي؟‘ مون چيو: ’نه، پاڪستان کان نه، پر پنجاب کان، ان ڪري جو پاڪستان جا خالق اسان آهيون. سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي مڌر اسيمبلي آهي، پاڪستان ڪونه هو، تڏهن به سنڌ هئي. توهان پاڪستان کي يرغمال بڻايو آهي ۽ اسين اُن کي آزاد ڪرڻ ٿا چاهيون. مون کين چيو ته ’اسين ڪمزور ماڻهو آهيون، ٺيڪ آهي، اسان کي دٻائي ڇڏيو، پر ’اندرا ۽ آدرش‘ کي توهان نه دٻائي سگهندؤ؟•. اسان سان توهان هڪ ماڻهوءَ واري مانَ سان ڳالهايو، توهان اسان سان پيار سان ڳالهايو، توهان سنڌ جي باري ۾ جڏهن اهو چئو ٿا ته ’بنگال اسان کان هڪ هزار ميل پري هو ۽ سنڌ نزديڪ آهي.‘ ته اَن مهل توهان جنگي حڪمت عمليءَ تي سوچيو ٿا، توهان دلين واري حڪمت عمليءَ تي ڇو نه ٿا سوچيو؟ اهو توهان جو دليل بلڪل ڪمزور آهي ته بنگال هڪ هزار ميل پري هو ۽ اسان ويجها آهيون. ڪيوبا، آمريڪا جي هنج ۾ ويٺو آهي، پر اڏول ٿيو ويٺو آهي. اسان سان اهي ڳالهيون نه ڪريو، اسان جي دلين ۾ جهاتي پائي ڏسو. اسان سان پيار سان ڳالهايو!مطلب ته جڏهن اُهي سياسي مسئلا آيا پئي ته مون ڪٿي به، ڪڏهن به هنن سان رعايت نه ڪئي.
    اعجاز: ڇا توهان به قيد ۽ تشدد دوران احتجاج وارو طريقو ايجاد ڪيو؟
    آريسر: نه، منهنجو پروگرام هو.
    اعجاز: توهان پڇا ڳاڇا کانسواءِ ته خاموش رهندا هوندا، سو اُن خاموشيءَ ۾ ماڻهوءَ کي مختلف ۽ عجيب و غريب خيال ايندا رهن ٿا. ڇا توهان جو خيال ڪڏهن’محبت‘ واري لفظ تي اُلجهي پيو؟ ڇا توهان انساني دل جي اُن عجيب احساس تي ويچاريو ته محبت ڇا آهي؟
    آريسر: ڪي ڪي شيون [۽ ڪيفيتون] هونديون آهن، جن جي ڪائي وضاحت نه هوندي آهي. ڪري ئي نه ٿي سگهجي. اُنهن کي رُڳو محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. مون محبت تي سوچيو. آءٌ محبت تي سدائين سوچيندو ئي رهندو آهيان. مون اُتي به سوچيو، پر ڪُجهه شيون لفظن جي پڪڙ کان پري رهنديون آهن. اُن تشدد جي مرحلن ۾، مون تي سنڌ جي محبتَ ڏاڍي مهرباني ڪئي. سچ پچ آءٌ سنڌ جي اُن ساٿَ جو ٿورائتو آهيان، نه ته مون جهڙو ڪمزور ماڻهو ايتري عذاب مان نه گُذري سگهي ها، پر سنڌ جي محبت هئي، سو اُن اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. بقول اياز:آئي تنهنجي سارَ ته سُپرين،سوريءَ کي آسان ڪري وئي!آءٌ توهان کي هڪ عجيب واقعو ٿو ٻُڌايان: [ٽارچر سيل ۾] چار پنج ڏينهن گُذري ويا، جو مون کي سگريٽ نه مليو، مون کي ڏاڍي ٻاڙ لڳي ۽ ڏاڍو پريشان هجان. پُڇا ڳاڇا به هلي پئي، سو اچي ويهي رهيس. سنڌ جا بُزرگ ۽ درويش ذهن ۾ اچي ويٺا ۽ دل ۾ چيم: ’وتايا فقير! ڪٿان سگريٽ ته پيار!‘ وري فوري طور ذهن ۾ آيو ته وتايو چرچائي آهي، سو دل ۾ چيم: ’وتايا فقير! مون بس ڪئي، ڪهڙي خبر تون سگريٽ سال کان پوءِ کڻي اچين!‘
    اعجاز: جيڪڏهن توهان کي اُتي پيشڪش ٿئي ها ته ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو نالو کڻو، جنهن سان اوهان جي ملاقات ڪرايون ته توهان ڪنهن جو نالو کڻو ها؟
    آريسر: آءٌ پنهنجي ڌيءَ اندرا جو نالو کڻان ها.
    اعجاز: اندرا توهان جي طاقت آهي يا ڪمزوري؟
    آريسر: مون هاڻي محسوس ڪيو آهي ته ’اندرا‘ منهنجي ڪمزوري آهي. مون کي اُتي سندس ساروڻيون پئي آيون، جڏهن سيپٽمبر ۾ آءٌ اندرا کي ڪارونجهر تي وٺي ويو هئس. مون حضرت شيخ الهند جو [جيڪو اسان جوديني رهبر آهي] تفسير پڙهيو هو، جنهن ۾ لکيل آهي ته: ’توهان جي ملڪيت ۽ توهان جو اولاد توهان لاءِ آزمائش آهن‘. پوءِ اها ڳالهه ياد ڪري، مون اندرا کي ياد ڪرڻ ۽ هُن لاءِ روئڻ بند ڪري ڇڏيو. مون کان پُڇيو هئائون ته: ’آپ ڪو ايڪ بيٽي ڀي هي نا؟‘ مون چيو ’ها‘. پُڇيو هئائون ته: ’اس ڪو ڪوئي عارضه ڀي ٿا ڪيا؟‘ مون چيو ته: ’ها، هن جي دل جي ڌڙڪن تيز هئي‘. اُن تي نموني سان چيائون ته: ’بس يه خدا ڪي قدرت هي‘. اُتي مون سمجهيو ته هي به ڪا بدمعاشي آهي، سو مون به چيو ’ها خدا ڪي قدرت هي!‘
    اعجاز: توهان سان هُنن جون ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون ٻولهيون ٿيون؟
    آريسر: مون کان 26 ڊسمبر [1992ع] تي دودي مهيري جو پڇيائون، مون کي رات جو دودي جي باري ۾ پنج ڪلاڪ ويهاري ويٺا هئا.[اُن وقت] مون کي دودي جي گرفتاريءَ جي ڪا خبر نه هئي. مون کان پڇيائون ته:’دودي ڪي باري ۾ ڪيا جانتي هو؟‘ مون چيو ته:’ترقي پسند پارٽي، جنهن ۾ دودو آهي، اُن سموري پارٽيءَ ۾’شريف ترين ماڻهو دودو آهي، جنهن جي دامن تي ڪنهن به جُرم جو داغ نه آهي! پُڇيائون، ’پوءِ به؟‘ مون چيو ’دودو، دودو آهي‘.پوءِ پُڇيائون ته:’ آريسر صاحب! اگر يه بات هي توآپ ڪو ڇوڙ ڪر وهان ڪيون گيا؟‘مون چيو ته: ’بات يه هي ڪه هم مين جو سياسي ڪارڪن اور عورتين هين، ان ڪي ايڪ ڪمزوري هي، وه هي گاڙي‘. هنن چيو ته: ’يه ڪهو ڪه سياستدان ڪي ڪمزوري عورت اور گاڙي هي!‘ مون چيو:’سياستدان ڪي ڪمزوري عورت اور گاڙي نهين هي‘. اُن تي پڇيائون’ڪيون؟‘ مون هنن کان پُڇيو: ’ڪيا جناح صاحب، گانڌي اور غفار خان ڪي ڪمزوري عورت اور گاڙي ٿي؟‘. پوءِ يڪو لڳا رهيا: ’دودو ڪا ڪوئي ايڪ واقعا؟‘ مون چيو ته: ’ گهٽ ۾ گهٽ دودو مون کان وڌيڪ شريف ماڻهو آهي!‘ اُن وقت مون کي دودي جي گرفتاريءَ جو پتو نه هو. آءٌ 18 آڪٽوبر 1992ع تي ٻڌو ويو هئس ۽ دودو مون سان ’فٽاز هوٽل‘ حيدرآباد ۾، پليجي واري ميٽنگ ۾ 16 آڪٽوبر 1992ع تي مليو هو.
    اعجاز: چڱو ڀلا پليجي جو ذڪر آيو آهي، ته ٻڌايو ته پليجي ۽ ممتاز ڀُٽي مان توهان کي ڪير ويجهو آهي؟
    آريسر: اِهو سوال ايئن آهي ته پُڇا ڪجي ته آصف بالادي ۽ اعجاز منگي مان ڪير توکي ويجهو آهي؟ آءٌ ڪهڙو فيصلو ڪري سگهان ٿو؟ باقي پليجو منهنجو دوست آهي، سنڌ جو دانشور آهي. ممتاز صاحب ڪرم فرما ٿي سگهي ٿو. هن جي مهرباني آهي، جو قومپرست سياست ۾ آيو آهي. پليجو مون کي ڇا به چوي، منهنجي لاءِ يا سائين جي. ايم سيد لاءِ هن جا ڪهڙا به ريمارڪس هجن، پر پليجو، پليجو آهي. هڪ مسڪين ماڻهو، جيڪو هاڻي پجيرو ۾ چڙهي ٿو. اسين ته اُن وقت ۾ به گڏ هئاسين، جڏهن سندس ڪارِ کي ڌڪو ڏيندا هئاسين ۽ سنڌ ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن، بلڪ ٻن ماڻهن پنهنجي شخصيت، ذهن جي زور تي مڃائي آهي، اُنهن ۾ پهريون نمبر پليجو آهي.
    اعجاز: ٻيو نمبر؟
    آريسر: ٻيو نمبر ڪير به هجي، اُها الڳ ڳالهه آهي. باقي پليجي ۾ اَنا واري ڪمزوري آهي. مولانا آزاد لکيوآهي ته ’ايگو (انا) استعمال ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن‘. پليجي کي ايگو استعمال ڪرڻ جو طريقو نه ٿو اچي. اِها ساڳي بيماري مولانا آزاد ۾ به هئي. پر پليجي جيڪا مار کاڌي آهي، اُها ’مان‘ جي ڪري کاڌي آهي. سنڌ اياز جهڙو ماڻهو پيدا ئي نه ڪري سگهي آهي، پر سنڌ رسول بخش پليجي جهڙا ماڻهو به گهٽ پيدا ڪري سگهي آهي. پير حسام الدين راشديءَ چواڻي: ’اُهي مائرون ئي مري ويون، جيڪي دريا خان کان پوءِ جي. ايم سيد جهڙو پُٽ ڄڻين‘. پر آءٌ سمجهان ٿو ته اُهي مائرون به مري ويون، جيڪي پليجي جهڙو پُٽ ڄڻين (اختلاف پنهنجي جاءِ تي).
    اعجاز: توهان کي جن ڪُجهه ڪردارن سان محبت رهي آهي، نذير عباسي به اُنهن مان هڪ آهي، ڇا توهان کي اُتي نذير عباسي ياد آيو؟
    آريسر: حيدرآباد ۾ نه، پر جڏهن مون کي ڪراچيءَ وٺي ويا ۽ جڏهن اُتي آءٌ سيل ۾ اندر ٿيس ته اُتي پٽ تي تڏو وڇايل هو، جڏهن دروازو بند ٿيو ته هڪ آواز آيو’پٽي کولو!‘ مون پٽي کولي. مون کي چيائين ته’سلوار کولو!‘ مون چيو ’ڪيون؟‘ ته هڪدم ٻي سُٿڻ اُڇلي ڏنائين، جنهن ۾ رٻڙ وارو اڳٺ پيل هو. پوءِ آءٌ سمجهي ويس ته هتي هي سُٽ وارو اڳٺ ڏيڻ ڪو نه ٿا چاهن، ته متان قيدي خودڪشي ڪري. سو اُتي نذير عباسي مون کي شدت سان ياد آيو، پوءِ مون سيل جون سموريون ديوارون ڳوليون ته ڪٿي متان نذير عباسيءَ پنهنجو نالو لکيو هجي. مون اُتي سوچيوته اسان جيڪي مسڪين ڪارڪن آهيون، اُنهن جو حشر هڪ جهڙو ئي ٿيڻو آهي. مون کي انهن حالتن ۾ نذير تمام گهڻو ياد آيو... جڏهن مون کي اکيون ٻڌي قلعي ۾ ويهاريو ويٺا هئا ته ڪو آفيسر ٻئي کي چئي رهيو هو ته: ’ايسي باتين اگر ڪل بينظير ڀُٽو ڪري، تو ڪيا آپ اُس ڪي ڀي آنکين بانده ڪر لي آئين گي؟ آپ ممتاز ڀُٽو سي يه حشر ڪيون نهين ڪرتي؟‘يعني اُن آفيسر منهنجي غريبيءَ واري حوالي سان ڳالهه پئي ڪئي. بهرحال نذير عباسي مون کي هونئن ئي ياد هوندو آهي، پر انهيءَ عرصي ۾ هو مون کي ڏاڍوياد آيو.[هُو ڪجهه وقت اُونهي خيال ۾ ٻُڏي وڃي ٿو ۽ ڪُجههوقت کان پوءِ پاڻ مرادو ڳالهائڻ ٿو لڳي ته] باقي اعجاز صاحب! هتي ٻاهر اچي سوچيون ٿا ته اُهي سڀ شيون طئه ڪري آياسين، ٽپي آياسين، اِها جيڪا ذهن جي، حالت ٿي، اها توهان تصور نه ٿا ڪري سگهو. الائي ڇا هو؟ الائي ڇا هو؟ يعني ويهين صديءَ جي پُڄاڻيءَ تي به انسان سان ايئن ٿئي ٿو! توهان کي هڪ واقعو ٻڌايان: اسان حيدرآباد ۾ هئاسين، اُتي ٽائيم کان سواءِ پيشاب نه ڪبو هو، حيدرآباد جي هڪ نوجوان کي پيشاب لڳو، هنن کيس چيو: ’ڊبي مين ڪرو‘. نوجوان جون اکيون ٻڌل، ڏينهن جو ٽائيم هجي، وڏو مسئلو ٿي ويو، هڪ هال ۾ ٽي ڄڻا هجون. هن پيشاب ڪيو، جيڪو ڪجهه پٽ تي هيڏانهن هوڏانهن هارجي پيو. اُن تي کيس چيائون ته: ’اِهو زبانُ سان چٽ!‘ سنڌ جو نوجوان، ڀلي اُهو’الذوالفقار‘ ۾ ڇو نه آيو هجي، اُن کي اهو چوڻ ته فرش تي ڪِريل پيشاب زبان سان چٽ، مون سوچيو ته:’آءٌ هاءِ ڪورٽ ۾ اِهي شيون ضرور پيش ڪندس.‘
    اعجاز: توهان سنڌ جي نوجوانن کي ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟
    آريسر: سنڌ جو ڪهڙو نوجوان؟ سنڌ جو نوجوان رُڳو اُهو ته ناهي، جيڪو يونيورسٽيءَ يا ڪاليج ۾ پڙهي ٿو. سنڌ جو نوجوان اُهو به آهي، جيڪو پورهيو ٿوڪري. اُن کي اها به خبر ناهي ته سنڌ ڪا شيءِ به آهي. اسان سان وڏي ويڌن اها به آهي ته اسان پنهنجن ماڻهن جي ذهنن ۾ سنڌ مڪمل طور ويهاري ئي نه سگهيا آهيون.
    اعجاز: اڄ عام شاگرد، سياست کان چِڙي رهيو آهي. هو سمجهي ٿو ته سياست فراڊ آهي..
    آريسر: هو صحيح آهي، جيڪو سياست کان متنفر ٿي چُڪو آهي، اُهو صحيح آهي، پر اُن نوجوان کي آءٌ اهو چوندس ته سنڌ اڄ جنهن پوزيشن ۾ آهي، اُن ۾ جيستائين هُو صرف قلم کڻندو، تيستائين اُن جي مقدر۾ ذلت ئي رهندي، جڏهن هو سياست به ڪندو، تڏهن سندس مقدر ۾ عزت به ايندي. صحيح آهي ته سياست جي نالي ۾ سنڌ جي نوجوان سان وڏا دوکا ٿيا آهن، وڏا فراڊ ٿيا آهن، هن کي پِيڙيو ويو آهي، ماريو ويو آهي، پر جيڪڏهن صحيح سياست هجي ها ته سنڌ جو نوجوان مري ئي نه ها، [پر آءٌ چوندس ته] سنڌ جي نوجوان کي سياست ڪرڻ ڏني ئي نه وئي آهي! مون کي ته هاڻي سمجهه ۾ ٿو اچي ته سنڌ جي پوزيشن ڇا آهي؟

    پيش ڪندڙ : زاهد قمر مِسڻائي
     
    انيس احمد جوڻيجو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو