ديوارِ سنڌ رني ڪوٽ (نيرون ڪوٽ)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سارنگ جويو طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2015۔

  1. سارنگ جويو

    سارنگ جويو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.
    رني ڪوٽ (نيرون ڪوٽ) فوجي انجينيئرنگ جوهڪ شاهڪار قلعو آهي، جيڪو سمورو پٿرن جو ٺهيل آهي. هي قلعو ضلعي ڄامشوري ۾ سن شهر کان ڏکڻ اولهه طرف 32 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي، هي قلعو کير ٿر سلسلي جي آخري جابلو قطار لڪي جابلو قطار تي ٺهيل آهي. لڪي جابلو قطار ٽن حصن ۾ ورهائجي رني ڪوٽ تائين پهڄي ٿي، رني ڪوٽ انهن ٽن قطارن تي ٺهيل آهي، انهن ٽن جابلو قطارن يا سلسلن کجا نالا هي آهن، لُنڊي جبل، ڪارو جبل ۽ پوڙي جبل، هن قلعي جو مُڪمل گھيرو سَوا 20 ميل يعني 32 ڪلوميٽر آهي. هي قلعو دفاعي حوالي سان تمام اهم قلعو آهي، هي قلعو قسمن جي ديوارن سان محفوظ ٿيل آهي، هڪ انساني هٿن جي ٺهيل ديوار ۽ ٻي قدرتي ديوار يعني جبلن جي اوچي چوٽين ۽ کاهين تي مُشتمل آهي، ۽ ٻي اُها ديوار جيڪا انساني هٿن جي ٺهيل آهي، اها ديوار صرف ان جڳهه تي ٺاهي وئي آهي، جتان ماڻهن ۽ جانورن جا قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ جا رستا آهن، انهن رستن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ حفاظتي طور تي ان ديوارن تي ڪيترائي حفاظتي بُرج ٺاهيا ويا آهن، بلڪه سموري ديوار اهڙي طرح جُڙيل آهي، جو ان ۾ تيرن هڻڻ لاءِ مارا ٺاهيا ويا آهن،بعد ۾ ان ۾ اضافو ڪري بندوقن ۽ توپن هلائڻ لاءِ ان ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.رني ڪوٽ جي قلعي اندر داخل ٿيڻ جا ٻه دروازا آهن هڪ سن گيٽ ۽ ٻيو موهن گيٽ،جن ٻنهي گيٽن تي اسان کي اوائلي قسم جي پُل جا نشان نظر اچن ٿا، ۽ انهن دروازن جي حفاظت لاءِ ٻنهي پاسي مورچا يعني بُرج ڏنل آهن. پر ڪُجهه محققن رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ جا چار رستا به ٻڌايا آهن، جن ۾ آمري گيٽ ۽ شاهه پير گيٽ به ٻڌايا ويا آهن، پر مُنهنجي خيال ۾ ته اهي ڪنهن به صورت ۾ دروازا ناهن. آمري گيٽ، جنهن کي مقامي ماڻهو ٻڌاي موري پڻ چون ٿا، اها دراصل پاڻيءَ جي گُذر گاهه آهي نه ڪي گيٽ يا دروازو، اهرِءَ ريت شاهه پير گيٽ به مون کي دروازو نه ٿو لڳي، بعد ۾ جانورن يا ڌنارن پنهنجي صهولت لاءِ اها ديوار ٽوڙي ان کي رستو بڻايو ويو آهي. سنڌ جو بهترين مُحقق بدر ابڙي جي به اها ساڳي راءِ آهي، جنهن سان آئون مُتفق آهيان، محترم بدر ابڙي رني ڪوٽ متعلق لکيل پنهنجي ڪتاب ”ـديوارِسنڌ رني ڪوٽ“ ۾ ان شيءِ جو واضح ۽ چٽو اظهارڪيو آهي. رني ڪوٽ اندر ٽي ننڍا ڪوٽ پڻ آهن هڪ ميري ڪوٽ، ٻيو شير ھڙهه ۽ ٽيون موهن ڪوٽ. شير ڳڙهه قلعو اولهه ۾ ڪاري جبل جي چوٽيءَ تي اندازي مُطابق 1750 فُٽن جي بُلنديءَ تي ٺهيل آهي، هن قلعي تان رني ڪوٽ جي اندر توڙي ٻاهر ٿيندڙ چُرپُر تي نظر رکي سگهجي ٿي. شير ڳڙهه پنهنجي جوهر ۾ هڪ مڪمل قلعو آهي، جنهن ۾ پنج بُرج يا حفاّظتي مورچا آهن. ٻيو قلعو ميري آهي جيڪو به هڪ مڪمل قلعو آهي ، ميري ۽ شير ڳڙهه قلعي ۾ هڪجهڙائي آهي، ميري ۾ به پنج حفاظتي مورچا آهن،پر ميري شير ڳڙهه کان سائيز ۾ ٿورو وڏو آهي، ميري ڪوٽ سمنڊ جي سطح کان 500 فُٽن جي اوچائي تي آهي، هن قلعي ۾ ڪُجهه رهائش لاءِ ڪوٺيون به ٺهيل آهن، جن ما ايئن محسوس ٿو ٿئي ته شاهي گھراڻي يا سپهه سالار جي رهڻ جي جڳهه به ٿي سگھي ٿي، هن قلعي ۾ پاڻيءَ جي بندوبست لاءِ هڪ وڏو انهو کوهه به پڻ موجود آهي. ان کان علاوا هن قلعي جي دروازن ۾ ڪُجهه شاندار قس جا نقشَ به چِٽيل نظر اچن ٿا، جيڪي پڻ قديم دور جي نشاندهي ڪن ٿا. ٽيون ڪوٽ بلڪل اولهه ۾ قدرتي چشمي ، جنهن کي مقامي ماڻهو ”پَرين جو تَڙ“ به چون ٿا، ان کان مٿان موهن دروازي کان اندازي مُطابق 1650 فُٽن جي بُلندي تي آهي، هي ڪوٽ هڪ قلعي بجاءِ هڪ وڏو چوڪور بُرج يا مورچو آهي، ڇو ته هن ۾ هڪ به بُرج ناهي هي رني ڪوٽ اندر وڏي ۾ وڏو مستطيل بُرج يا مورچو آهي. رني ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، ڪنهن ٺاهيو، ان جو اڃا تائين مُحقق ڪو پتو لڳائي نه سگھيا آهن،پر اسان جي عالمن ان تي طبع آزمائي ضرور ڪئي آهي، جيڪا اندازن ۽ رِوايتن تي جُڙيل آهي، البته ڪُجهه محققن سنڌ جي تاريخ جي مُطالعي مان ڪُجهه ڪڙيون ملائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پر اهي به ڪا حتمي راءِ نه ڏئي سگھيا آهن ته هي قلعو ڪنهن ٺهرايو يا ڪڏهن ٺهيو. ڪن ليکڪن جو رايو آهي ته هي قلعو سنڌ جي ٽالپر حُڪمرانن ٺهرايو آهي، تي ڪي وري عرب کي کي هن قلعي جو ٺاهيندڙ چون ٿا، ته ڪي وري سٿين ۽ پارٿين ڏانهن منسوب ڪن ٿا، ته ڪي وري ايرانين ۽ يونانين ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته اشوڪ يا راڻي دهشلا لاءِ ٿا چون ته ان ٺهرايو آهي. پر اڃا تائين ڪا به حتمي ۽ مدلل ڳالهه تحقيقي طور تي سامهون اچي نه سگهي آهي. مُنهنجي ريسرچ مُطابق هي قلعو قبل مسيح جي دور جو ٺهيل آهي، ان جي طرزِ تعمير ۽ ڪُجهه تاريخي ڪتابن ۾ ان قلعي جا حوالا ملن ٿا. نيرون ڪوٽ جي نالي سان تاريخي ڪتابن ۾ جيڪو ذڪر ٿيل آهي اهو، حيدرآباد واري قلعي جو نه بلڪه رني ڪوٽ وارو قلعي جو ذڪر آهي، محترم رشيد ڀٽي، بدر ابڙي جي ان را سان آئون متفق آهيان ته رني ڪوٽ ئي نيرون ڪوٽ آهي نه ڪي حيدرآباد وارو قلعو. مان تاريخي ڪتابن چچ نامي، ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن جي مُطالعي ۽ رني ڪوٽ مُطعلق لکيل مقالن ۽ بدر ابڙي صاحب جي رني ڪوٽ مُطعلق لکيل ڪتاب جي مُطالعي ۽ تقريبن 16 دفعا هي قلعو مڪمل گهُمي ڏسڻ کان پو اهو چوان ٿو ته هي قلعو نيرون ڪوٽ ئي آهي ، جنهن جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ آهي.
    نوٽ: رني ڪوٽ جي اصل نالي مطعلق وڌيڪ ٻي قسط ۾ حوالن سان ذڪر ڪندس، اميد آهي ته دوستن کي هي لکڻي پسند ايندي .
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻي قسط جو انتظار آ

    پاڻ به رني ڪوٽ گهمي آيا آهيون، ڇا ته ڪمال جي گهمڻ جي جاء آ ..... پر سهوليتون آهن ئي ڪونه

    اسان جو ليک هتان پڙهي سگهو ٿا
     
  3. سارنگ جويو

    سارنگ جويو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.
    پيارا سُليمان وساڻ صاحب مون اوهان جو رني ڪوٽ متعلق آرٽيڪل پڙهيو آهي، ۽ تصويرون به ڏٺيون هيون. بلڪل صحيح ٿا چئو هي دُنيا جو هڪ عجوبو آهي ، جيڪو دُنيا جي سَياحن لاءِ ۽ تاريخ ۽ آرڪيالاجيءَ سان چاهه رکندڙ دوستن لاءِ هڪ اهم ريسرچ جي سائيٽ آهي، پر افسوس ته رني ڪوٽ ۾ ڪا به سهولت موجود ناهي، نه ميوزيم آهي، نه ڪو پاڻيءَ جو جوڳو بندوبست آهي، نه رهڻ جو ڪو بندوبست آهي، ۽ نه ئي ڪي سُٺا روڊ رستا آهن.
     
    جو يو امين، Anwar Gambhir، سليمان وساڻ ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو