شاهه لطيف ڪانفرنس، ڊگها سيشن ۽ اڻپوريون سهوليتون

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه لطيف ڪانفرنس، ڊگها سيشن ۽ اڻپوريون سهوليتون

    شاهه لطيف هڪ اهڙو شاعر ۽ فلسفي آهي جنهن جي شاعري صرف سکڻ، سمجهڻ ۽ پڙهڻ سان شايد ئي هڙ حاصل ٿئي جيسين اوهان سندس پيغام کي هئين سان هنڊائي ان تي عمل نه ٿا ڪيو. شاهه لطيف جي عرس جي مناسبت سان ثقافت کاتي پاران ڪالهه هڪ بهترين عالمي ڪانفرنس نيشنل ميوزيم ڪراچي ۾منعقد ڪئي وئي. گهڻي ڀاڱي اهڙا مقرر هيا جن کي ٻڌو آهي ۽ پڙهيو آهي پر پوء به لطيف جي شاعريء جي اڻ کُٽ پاسن مان هڪ نئون پاسو نڪري نروار پئي ٿيو. ڪراچي جهڙي بين الاقوامي شهر ۾ اهڙيون ڪانفرنس ڪوٺائڻ نه صرف شاعرن کي ياد ڪرڻ آهي پر ان سان هن شهر ۾ سنڌيت جي موجودگي جو احساس نروار ٿئي ٿو.
    مون نوٽ ڪيو آهي ته اڪثر جيڪي ڪانفرنسون ٿين ٿيون انهن جا سيشن ڏاڍا ڊگها ۽ ٿڪائيندڙ ٿين ٿا. جنهن ڪري نه صرف ٻڌندڙ پر اڪثراسٽيج تي ويٺل به اوٻاسيون ڏيندا يا ننڊ ڪندا رهن ٿا. جڏهن ڳالهائيندڙ يا مقرر گهڻا هجن ته ڪانفرنس ڪوٺائيندڙ کي گهرجي ته هر هڪ مقرر کي الڳ موضوع سان گڏ ان کي پابنند ڪري ته هڪ مقرر وقت ۾ پنهنجي ڳالهه کي سهيڙي پيش ڪري. جيتوڻيڪ ميزبان ماهين الطاف يا مقررن شاهه جي اهڙن شعرن جي چونڊ پئي ڪئي جو ماڻهو جذبن ۽ احساسن جي پاتال ۾ پاڻ کي مگن پئي سمجهيو.
    نيشنل ميوزيم جو آڊيٽوريم ننڍو آهي ۽ مشڪل سان 250 ماڻهن جي سيٽ ارينجمينٽ ٿي سگهندي آهي، ان حساب سان ڪراچي ۾ ٿيندڙ هن ڪانفرنس لاء هي هال بلڪل ننڍو لڳو. اهوئي سبب هيو جو اڌ کان وڌيڪ ماڻهو ٻاهر گهمندا رهيا. هال ۾ موجود ڪرسين مان ڪيتريون ئي ڀڳل هيون ۽ ويهندڙ مجبوري سبب پر ڏکيا ويٺا. خبر ناهي هن هال جي مالڪي ڪير ڪندو ؟؟؟ ٻاهر نه ته چانهه جا ڪي اسٽال هيا نه ئي پاڻي يا هلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ جو ڪو بندوبست هيو، ان حساب سان آرٽس ڪائونسل جا هال بهتر لڳندا آهن.
    پروگرام جي خاص مهمان ته ثقافت کاتي جي وزير شرميله فاروقي صاحبه هئي ۽ بينر تيبه اهوئي لکيل هو پر پاڻ الائي ڪٿي مصروف هيون جو پروگرام ۾ نظر ئي ڪونه آيون. مونکي ٻئي ڏينهن آفيس جي ڪنهن خاص پروجيڪٽ تي ميٽنگ هئي ۽ ان جي تياري ڪرڻي هئي تنهنڪري چاهيندي به صنم ماروي جي موسيقي واري سيشن کان اڳ ئي گهر لاء روانو ٿيڻو پيو.


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو