جواب: هڪ صلاح؛ ادا مست معاف ڪجو فورم تي وقت ڪڍ ڏيڻ ڪري توهان جي هي بهترين صلاح نظر مان نه گذري ۔۔۔ بحرحال ڪجهه دير سان ئي سهي توهان جي صلاح تي عمل ڪيو اٿم ۔۔۔ هاڻي ڏسي ٻڌايوته هي تازي خبرن واري پٽي ڪيئن لڳي۔۔۔ خبرن جي پٽي لڳڻ کان پوءِ هاڻي تحريرن واري پٽي ڪجهه بهتر نه لڳندي هوئن به مرڪزي پني جي هيٺ 10 تحريرن جي اپڊيٽ موجود آهي ۔۔۔ وڌيڪ جيڪا توهان جي صلاح۔۔۔ پر مون ته اڪثر وزني عربي فورم ڏٺا آهن۔۔۔ تنهن هوندي به پنهنجي فورم کي هلڪو رکڻ لاءِ جستجو جاري آهي۔۔۔ باقي جاوا کان هن دور ۾ جان ڇڏائڻ ڏکي ڳالهه آهي۔۔۔ جيتري قدرن رنگن جي ڳالهه آهي ته ڪجهه دوستن جو خيال شايد توهان سان اتفاق نه ڪري جو رنگ خوبصورتي ۾ اضافو ڪندا آهن۔۔
جواب: هڪ صلاح؛ رشيد سائين اوهان جي مهرباني۔۔۔ خيال مطابق پَٽي تمام خوبصورت لڳي پئي ۔۔ پر جيڪڏهن ان جي اسپيڊ ڪجهه گهٽ ڪجي ته اڃان به ڀلو ٿيندو