ڪاپي ڪلچر ۽ سنڌي قوم جو مستقبل

'مختلف موضوع' فورم ۾ مظهر علي ڏوتيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2016۔

  1. مظهر علي ڏوتيو

    مظهر علي ڏوتيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي
    مختلف دورن ۾ قومن جي بقا ۽ سڌاري جا معيار به مختلف رهيا آهن. ڪنهن دور ۾ قوم جي بقا لاءِ جنگيون ڪيون وينديون هيون ۽ کين سڌاري لاءِ سخت قانون ٺاهيا ويندا هئا ته ڪنهن دور ۾ محبت، اخلاق ۽ تعليم کي ئي سماجي سڌاري ۽ بقا جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. مقصد ساڳيو رهيو ته جنهن معاشري ۾ اسان رهون پيا اهو معاشرو محفوظ معاشرو هجي، اها محفوظ ڌرتي هجي، اها محفوظ قوم هجي، پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري سان رهون ۽ ترقي ڪندا رهون.

    جيئن جيئن ٽيڪنولوجي ۾ ترقي آئي تيئن تيئن سماجي جوڙجڪ جا به نوان طريقا نافظ ٿيڻ لڳا. ماڻهو جنگين کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ محبت، خلوص، سچائي ۽ انسانيت جي قدر واري سماج کي پسند ڪرڻ لڳا.

    هي دور تعليم جو دور آهي. تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جيڪو پوري قوم ۽ خطي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. تعليم ئي انسان کي انسان بڻائي ٿي ۽ کين شعور ۽ بيداري پيدا ڪري ٿي ته معاشري ۾ زندگي ڪيئن گذارجي. اهڙي طرح انسانيت جا پوري جا پوري آداب تعليم ئي سيکاري ٿي. تعليم ئي ظلم کان نفرت ۽ حق جي حمايت ڪرائي ٿي، تعليم ئي قومن کي بقا ڏيئي ٿي. جنهن قوم تعليم کي نظر انداز ڪيو ڄڻ ته ان قوم پنهنجي تباهيءَ جو دروازو پاڻ کوليو.

    سنڌي قوم جٿي جنگجو قوم رهي آهي اتي تعليم يافته ۽ محبت ڪرڻ واري قوم پڻ رهي آهي بلڪه هي ئي قوم آهي جنهن جنگين کان نفرت ۽ امن سان محبت ڪئي آهي. پوري انسانيت جو احترام ڪيو آهي. هر ايندڙ جي محبت سان آجيان ڪئي آهي ۽ هر ويندڙ کي خلوص سان الوداع ڪيو آهي. سنڌي قوم ۾ اهي اخلاق صرف تعليم جي ڪري ئي رهيا آهن.

    جيسيتائين سنڌ ۾ تعليم جو عروج هيو ته سنڌ به ترقي ڪري پئي پر جڏهن تعليم تباه ٿيڻ لڳي ته ڄڻ ته سنڌ به تباه ٿيڻ لڳي.

    سنڌ جي تعليم سامراجي قوتن کان برداشت نه ٿي ڇاڪاڻ ته بهتر تعليم جي ڪري سنڌ جا ماڻهو بهترين عهدن تي اچي رهيا هئا، هر شعبي ۾ اڳڀرا هئا ۽ اهو ئي سبب رهيو ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي کي برداشت نه ڪندي سامراجي قوتن سنڌ جي تعليم کي تباه ڪرڻ شروع ڪيو.

    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ڪنهن به قوم کي تباه ڪرڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته ان قوم جي تعليم جي نظام کي تباه ڪيو وڃي. اها قوم پنهنجو پاڻ تباه ٿي ويندي. ان قوم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به جنگ جي ضرورت نه آهي.

    اڄ اسان سان اهوئي ڪجھ ٿي رهيو آهي. سنڌ، جنهن پاڪستان کي جنم ڏنو، اڄ اها سنڌ ٻه اکيائي جو شڪار آهي. ڌارين جي سازشن ۽ پنهنجن جي غداري جي ڪري سنڌ جو تعليمي سرشتو تباه ٿي رهيو آهي. ڪاپي اسان جي نصاب جو حصو بڻجي چڪي آهي. شاگرد، والدين، استاد، سياسي پارٽيون ۽ انتظاميه سڀ جو سڀ ڪاپي کي وڌائڻ ۾ مشغول آهن. ڪاپي جا ڪيترا نقصان آهن ڪوبه نه پيو سوچي.

    والدين پنهنجي اولاد کي نام نهاد ڊگري ڏيارڻ لاءِ ڪاپي ڪرائين پيا، استاد پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ ڪاپي ڪرائين پيا، انتظاميه سامراجي سازش ۾ اچي ڪري سنڌي قوم جي تباهي لاءِ شاگردن ڪاپي ڪرائڻ ۾ مدد ڪري پئي. اهڙي سياسي ڪارڪن پنهنجا ميمبر وڌائڻ ۽ دوستي نڀائڻ لاءِ ڪاپي ڪرائين پيا ۽ شاگرد معصوم بڻجي ڪاپي ڪن پيا. اهڙي طرح پنهنجو ۽ قوم جو مستقبل تباه ڪن پيا.

    ايئن لڳي پيو سنڌي قوم ٿر جي ان وڻ جي مثال آهي جيڪو سڄو ڏينهن اُس ۾ سڙي پيو. ڪو به ان کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪو بادل ان کي ڇانو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هرڪو ان وڻ جو فائدو وٺي پيو. پر ان وڻ جي لاءِ ڪوئي به نه پيو سوچي. جيڪڏهن اهو عمل ايئن جاري رهيو ته نارائڻ شيام جون سٽون ڪٿي صحيح نه ٿين ته:

    الا! ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!

    اسان جي گورنمنيٽ اسڪولس ۾ ته پنجين ڪلاس کان ئي ڪاپي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ اهو سلسلو يونيورسٽي تائين هلي پيو. هر سطح تي ڪاپي ڪرائڻ ۾ اهي چارئي پنجئي عنصر شامل آهن. اسان جا مانوارا استاد صاحبان پنهنجي ذاتي مسئلن، پگھارن وغيره لاءِ ته آئي ڏينهن پيا هڙتالون ڪن پر ڪڏهن انهن محترم استاد صاحبان ڪاپي کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪاري پٽي به ڪون ٻڌي اٿن. استاد ئي قوم کي جياپو ڏيندا آهن، قومن کي ترقي ڏياريندا آهن، پر اسان جا استاد ڪاپي ڪرائڻ ۾ مشغول هوندا آهن. سندن پنهنجا شاگرد سامهون ڪاپي ڪندا آهن پر خاموش ويٺا هوندا آهن. ان قوم جو ڇا ٿيندو جنهن جا استاد هڪ معاشرتي برائي ۾ شامل هجن؟

    شاگردن جا والدين ۽ دوست ادارن ٻاهران سوالن جا جواب تيار ڪرڻ ۾ مشغول هوندا آهن. تاڪه ڪاپي ڪرڻ وقت انهن شاگردن کي سوال ڳولهڻ جي به تڪليف نه ٿئي. انتظاميه اهو سڀ ڪجھ ڏسندي آهي. ڪجھ پئسن ڪمائڻ خاطر والدين ۽ ٻين ڪاپي ڪرائيندڙ ماڻهن کي ڪجھ به نه چوندا آهن. اهڙي طرح ڄڻ انتظاميه ڪجھ پئسن خاطر پنهنجي قوم کي پاڻ ماري ۽ تباه ڪري رهيا آهن.

    سياسي تنظيمون سنڌ جي ٻين مسئلن لا۽ ته ڪجھ نه ڪجھ جدوجھد ڪن پيون پر جيڪو اهم ۽ بيادي مسئلو آهي ان کي نظرانداز ڪن ٿيون. شاگرد تنظيمون ڪاپي ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون. ظاهري طور سنڌ جي ترقي ۽ بقا جي ڳالھ ڪندڙ سياسي جماعتون اندروني طور ڄڻ سنڌ کي تباه و برباد ڪري رهيون آهن. ڪڏهن به ڪنهن سياسي جماعت ڪاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ، بهتر تعليمي نظام لاءِ جدوجھد نه ڪئي آهي پر ٻين مسئلن يا ذاتي مقصدن جي پورائي لاءِ ائي ڏينهن سياسي جماعتن جا جلوس نڪرن ٿا يا هڙتالون ڪن ٿا. ڏک جي ڳالھ ته اها آهي ته سنڌ جو وڏو وزير هميشه سنڌي ماڻهو ئي رهيو آهي پر ڪنهن به وڏي وزير ڪاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي ٺوس قدم نه کنيا آهن.

    جنهن قوم جا اڳواڻ، سماج سڌارڪ، والدين ان قوم جي بنياد کي تباه ڪن ته اها قوم ڪيئن ترقي ڪندي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪندي. حقيقت ۾ سنڌي قوم ڪاپي ڪري يا ڪاپي ڪرائي ڄڻ ته خودڪشي ڪري رهيا آهن، اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهيون، پنهنجي روشن مستقبل کي اونداهي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون.

    اچوته سڀ گڏجي هن موذي مرض کي هميشه لاءِ ختم ڪريون ته جيئن اسان جي تعليم هميشه لاءِ صحت مند رهي ۽ صحت مند تعليم ئي صحت مند معاشرو پيدا ڪندي آهي.

    هڪ ڳالھ اسان سڀني کي ياد رکڻ گھرجي سنڌ کان سواءِ اسان ڪجھ به نه آهيون ڀلي دنيا جي ڪهڙي به خطي ۾ رهون. سنڌ اسان جي سڃاڻپ، سنڌ اسان جو وسيلو ۽ سنڌ اسان جي ماءَ آهي اهڙي طرح سنڌ جي بقا ۾ ئي اسان جي بقا آهي ۽ سنڌ جي بقا لاءِ بهتر، صاف شفاف ۽ بغير ڪاپي طبقاتي نظام واري تعليم نظام جي ضرورت آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاپي کي روڪڻ جو منهنجي نظر ۾ هڪ ئي حل آهي ... اهو آهي اسڪولن جي نصاب ۽ سرشتي کي تبديل ڪرڻ جو. مان سمجهان ٿو ته مئٽرڪ کان سيمسٽر سسٽم لاڳو ڪيو وڃي. ان کان اڳ پرائمري ۽ مڊل ليول جي استادن جي تربيت ڪئي وڃي ۽ اسڪولن ۾ سيشنل ٽيسٽ ورتي وڃي، سرپرائيز وزٽ هجن ... سرشتو درست ٿي سگهي ٿو پر جڏهن ڪو ان کي روح سان لاڳو ڪري ۽ هر ڳالهه ۾ پئسو نه ڳولهي.
     
    ياسين خان شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو