تمام دوستن خاص ڪري وڪيلن ۽ اقليتي( غيرمسلم) دوستن کي هڪ دفعو ٻيهر دست بسته عرض.

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ فقير بخت شر طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2016۔

  1. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    جيئن ته آءُ ، اقليتن جا حقوق خاص ڪري احوال شخصيه ( شادي طلاق، ميراث ، وصيت، ) يعني پرسنل لا ، جي اسلامي ۽ پاڪستان جي قانون جي نقطه نگاه سان تحقيق ڪري رهيو آهيان ( ايم فل ٿيسزز) سو ان متعلق مون اسلامي نقطه نگاه سان ڪم مڪمل ڪرڻ وارو آهيان پر پاڪستان جي قانون متعلق معلومات کپي جنهن ۾ هنن سوالن جا جواب کپن ته:
    (1) ڇا پاڪستان جي قانون ۾ اقليتن جي احوال شخصيه ڪو خاص قانون بنايو ويو آهي يا نه بلڪه انهن کي صرف اها اجازت ڏني وئي آهي ته اهي پنهنجي دين ڌرم مطابق پنهنجون رسمون انجام ڏيندا؟ جيڪو به هجي حوالو ڏنو وڃي.
    (2) پاڪستان ۾ اقليتن مان ڇا مراد آهي قانوني ماده سان بيان ڪندا؟
    (3) ڇا اقليتون اهو حق رکيون ٿيون ته اهي پنهنجي دين مطابق قانون ٺاهي پنهنجي ئي عالمن ڪنهن کي قاضي طور رکن پو حڪومت ان جي فيصلن کي قانوني حيثيت سان عمل ڪري ؟ يانه جي ها ته ڪهڙي قانون مطابق ، جي نه ته ڇو؟
    (4) پاڪستان ڪهڙن بين الاقوامي انساني حقوق معاهدن جو پابند آهي يعني ڪهڙن معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن؟
    نوٽ :
    اقليت دوستن کي گذارش آهي:
    ته انهن ويب سائيٽن جي رهنمائي ڪن جيڪي ان متعلق ڪم ڪري رهيا آهن يا اهي ادارا جيڪي ان متعلق ڪم ڪن ٿا يا اهي دوست جيڪي ان ڪم ۾ مصروف آهن يا تحقيقون ڪري چڪي آهن .
    سنڌ سلامت جي مهرباني آهي جو ٿورو گھڻوڪاشي ملي ٿي ته هٿان ئي ملي ٿي پواسان ڦري گري هتي ئي اچون ٿا
    ٻيو ته ڇا سنڌ حڪومت جي ڪا اهڙي ويب سائٽ آهي جنهن تان اها معلومات ڪري سگھي
    ڇا سنڌ بار وڪيلن جي ڪا اهڙي ويب سائيٽ آهي جنهن ۾ پنهنجا قانون متعلق تحقيقي مواد گڏ ڪندا هجن؟
    يا اهي اهڙو ڪم نه ڪنڌا آهن!!!!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو