زندگي جا لاها چاڙها

'تعارف' فورم ۾ محمد عيسي ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2016۔

  1. محمد عيسي ڀٽو

    محمد عيسي ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آءُ سنڌ سلامت جو 2012 کان رڪن آهيان، ان وقت آءُ روزانو اۡخبارن ۾ مضمون نگاري ڪندو هوس ۽ جيڪو مضمون اخبار کي ڏيندو هوس اهو ساڳيوئي مضمون سنڌ سلامت جي فورم تي به موڪليندو هوس، آءُ سنڌ سلامت فورم جي سموري سٿ جو انتهائي ٿورائتو آهيان جن منهنجي تمام گهڻي حوصله افزائي ڪئي ۽ منهنجي تحريرن کي بهتر انداز ۾ پڙهي جواب به ڏيندا رهيا، ان وقت آءُ حالاتن کان مجبور ٿي لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ هڪ پرائيويٽ انشورنس ڪمپني ۾ ملازمت ڪئي، اهڙي طرح آءُ جون 2012 کان سنڌ سلامت فورم کان پري رهيس، ان دوران منهنجي مهربان دوست سنڌ سلامت جي روحي روان محمد سليمان وساڻ جنهن سان مون هڪ ڀيرو به روبرو ملاقات ڪري نه سگهيو آهيان جيڪا منهنجي بدقسمتي چئجي يا ناهلي فون تي رابطو ڪري پڇيو ته ڇا ڳالهه اهي جو توهان جي تحريرن وارو سلسلو رڪجي ويو آهي تنهن تي مو سائين کي بي وسي منجهان جواب ڏيندي چيو ته بيروزگاري جي عالم ۾ دماغ ڪم نه پيو ڪري ته ڇا ڪجي، ڪراچي جهڙي شهر۾ آمدني محدود ۽ اخراجات لامحدود، ٻارن جو مستقبل پڙهائي متاثر پئي ٿي ان ڪري جيسيتائين نوڪري نه ڪبي تيسياتئين صرف واه سائين واه مان زندگي جو گاڏو نه پيو ڌڪجي سگهجي ۽ پرائيويٽ نوڪري ڪرڻ جو مطلب ته 24 ئي ڪلاڪ ان ڪمپني جي رحم و ڪرم تي ته يقينن مونکان لکڻ پڙهڻ جو ڏانءُ ئي ڄڻ کسجي ويو، زبانن کي تالا تخيل تي پهرا، لکڻ کان به وياسين ته ڪڇڻ کان به ويا سين، اهڙي طرح ٻين سياسي سماجي ڪمن سان گڏ تحرير ۽ تخليق کان به پري رهيا سين، هاڻي الله پاڪ جي مهراني سان جڏهن حالتن بهتري طرف رخ ڪيو آهي ته پاڻ به لکڻ پڙهڻ ڏي توجه ڏني آهي، هاڻي ٿورو گهڻو لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو آهي، ڇند ڏينهن اڳ ڪجهه مضمون اخبارن کي به ڏياري موڪليا ته ساڳيون ئي تحريرون سنڌ سلامت فورم ڏانهن به ارسال ڪيون، اميد آهي ته جيڪو ٻن ٽن سالن جو گيپ رهيو آهي ان لاءِ سنڌ سلامت جي سموري سٿ کان معزرت ٿو ڪيان ۽ وچن ٿو ڪيان ته آئينده اهڙي ڪوتاهي نه ٿيندي.

    اڄ آءُ پنهنجي زندگي متعلق جيڪو تعارف پيش ڪندس جيڪو سئو فيصد حقيقت تي مبني هوندو ۽ ٻين انهن ماڻهن لاءِ سبق هوندو جيڪي تعليم کي اهميت نٿا ڏين، 1974 ۾ پنجون درجو پاس ڪري 1975 ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس، پڙهائي ۾ انتهائي جڏو، خاص ڪري ميٿ منهنجي لاءِ مٿي جو سور بڻيل رهي، سڄو سال پورو ٿي ويو پر منهنجي ذهن ۾ ڪا به شئي نه ويهي سگهي، امتحان جا ڏينهن آيا ته ڪجهه پيپر ڏئي سگهيم ته ڪجهه ۾ ويهي به نه سگهيم، ظاهر آهي ته ان جو نتيجو به اهو ئي نڪرڻو هيو ۽ نئين سال دوران مونکي وري به ساڳئي ئي ڇهين ڪلاس ۾ ويهاريو ويو پر منهنجي لاءِ ساڳيائي لاٽون ساڳيائي چگهه، منهنجي ذهن ۾ صرف اهو ئي هيو ته والدين مون سان ذيادتي پيا ڪن، جڏهن ته مونکي پڙهڻوئي ناهي ته مونتي ايترو زور ڇو پيو ڏنو وڃي، ان سال دوران اسان سڀ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا سين، هڪ گهر مان ست گهر بڻجي ويا سڀئي ڀائر ۽ سئوٽ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويا ۽ منهنجي والد کي به حصي ۾ 40 ايڪڙ زمين، هڪ ڏاند، 4 ڳئون، 2 مينهون ۽ 13 عدد ٻڪريون آيون، منهنجي والد چيو ته نٿو پڙهين ته وڃي هاڻ ٻڪريون چار، ٻه سال 1976 ۽ 1977 تائين ٻڪريون چاريندو رهيس، ان کان بعد ٻڪريون کپائي پنهنجي مامن کان هڪ عدد ٻيو ڏاند خريد ڪري کيتي باڙي ۾ جمبجي رهيس، ڪڙمي جو ڪهڙو ڪم هوندو آهي اها ته هر ٻاهراڙي جي ماڻهو کي خبر هوندي، گرمي هجي يا سردي، رات جو پاڻي ڏينهن جو ڪڻڪ جا لابارا، ڳاه هجي يا جوئر تي پيها جوڙي اگسٽ ۽ سيپٽمبر جهڙي گرم مهينن دوران ان مٿان ويهي جهارکي تڙڻ، واهن ۽ اڏن جي کاٽي کڻڻ جهڙن ڏکين مراحلن مان گذرندو رهيس، جڏهن انهن تڪليفن کي سامهون نظر ۾ رکندي احساس پيدا ٿيو ته ان کان بهتر هو ته اسڪول مان نه نڪران ها، اهڙي قسم جو اظهار وقتن فوتن پنهنجي والده سان ڪندو رهيس، آخر منهنجي والده کي منهنجي مٿان ترس آيو ۽ هن پنهنجي ڀائرن کان مدد طلب ڪئي جيڪي ان وقت واپڊا جا ملازم هئا جيڪي هاڻي رٽائر ٿي چڪا آهن انهن کي چيو ته منهنجي پٽ کي داخلا وٺي ڏيو هي ٻيهر پڙهڻ چاهي ٿو، اهڙي طرح 1980ع ۾ آءُ ٻيهر ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ان وقت مونکي چٽي ڏاڙهي ظاهر ٿي چڪي هئي، ڳوٺ جي ماڻهن کان علاوه اوڙي پاڙي جي ماڻهن ڪافي منهنجي مٿان مذاق اڏايو پر مون ڪنهن ڏي ڪن ئي نه ڌريو ۽ پنهنجي پڙهائي طرف ڌيان ڏنو، ڇوته آءُ پهريون ئي ڌڪ لکائي چڪو هوس ان ڪري مونکي وڏي محنت ڪرڻي پئي ۽ هر ڪلاس ۾ پهريون ۽ ٻيو نمبر ايندو رهيس، پر ميٿ جي ڪمزوري سبب منهنجا ڪافي نمبر ڪٽجي ويندا هئا، اهڙي طرح 1985 ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي، ان دوران والدين کي به کيتي باڙي ۾ هٿ ونڊرائيندو رهيس، 1986 ۾ يارهين پاس ڪري ويٺس ۽ انٽر ۾ داخلا وٺي چڪو هوس ته 1987 جي اپريل مهيني دوران جوڻيجوصاحب جي دور ۾ ڪراچي ۾ لٽريسي اينڊ ماس ايڊيوڪيشن ڪميشن (ليمڪ يعني نئين روشني اسڪول) ۾ ماستري ملي وئي، ٻن مهينن کان پوءِ انٽر جا امتحان شروع ٿي ويا، اداري جي هيڊ کان موڪل گهريم پر ان اهو چئي انڪار ڪيو ته تنهنجي سروس ڪل ٻه مهينا رهي آهي ان ڪري سرڪاري قانون مطابق تنهنجي موڪل ٺهي ئي نٿي ته توکي ڪٿان ڏيندا سين، مايوس ٿي خالي هٿين موٽي آيس، پوءِ اٽڪل ڪري انٽر جي امتحان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، نئين روشني جا ڪلاس ڏينهن جو ٻي وڳي کان شام جو پنجين وڳي تائين هلايا ويندا هئا، صبح جو ڏهين وڳي کان هڪ وڳي تائين ملير جي علائقي ۾ ٽائيپ ۽ شارٽ هينڊ سکڻ لاءِ نڪري ويندا هئا سين، شام جو ڪلاس وٺي رات جو گهر پهچي ماني کائي رات جو 12 وڳي سکر ايڪسپريس ۾ ويهي صبح جو راڻيپور پهچي پيپر ڏئي وري اتان واپس ڏينهن جو 12 وڳي تيزرو ايڪسپريس جيڪا بعد ۾ ذوالفقار ايڪسپريس سان سڃاتي ويندي هئي ان ۾ ويهي شام جو ڪراچي پهچندو هوس، ان دوران پيپرن ڏيڻ ۾ ٻه چار ڏينهن وقفو به ٿيندو هو، وچ ۾ جيڪڏهن هڪ ڏينهن جي اسڪول کان غيرحاضر رهي ته به انتظاميا کي خبر نه پئجي سگهي، اهڙي طرح سال بچائيندي انٽر جو امتحان پورو ڪري ويس، ان دوران نوڪري به ڪندو رهيس ته وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ هرسال امتحان به ڏيندو رهيس، ان دوران 1989 ۾ پ پ جي پهرئين دوري حڪومت ۾ پورٽ قاسم ۾ ملازمت لاءِ اپلاءِ ڪيم ڪنهن مهربان دوست جي مدد سان پورٽ قاسم ۾ ڊيلي ويجز تي نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيس، ۽ مئي 1990 ۾ پڪي ملازمت جو ليٽر به مليو، ان دوران سنڌ ۾ ٻه عدد نئين اخبارن جو اضافيو ٿيو جنهن ۾ هڪ ڪاوش ۽ ٻي عوامي آواز، آءُ روزانو عوامي آواز اخبار گهر تي گهرائيندو هوس، ان وقت چينل ته ڪون هئا صرف اخبارن جو سهارو هوندو هو، آءُ خاص ڪري انهن اخبارن جا ايڊيٽوريل گهڻا پڙهندو هوس، ان دوران منهنجي پاڙي ۾ منهنجو استاد بيدار جعفري جيڪو هن وقت ڪنهن ڪاليج ۾ اردو ڊيپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي رهندو هو جيڪو 15 سال جنگ جو رپورٽر ٿي رهيو هيو ۽ ان به ڪراچي ۾ ليڪچرار لاءِ ڪميشن پاس ڪئي هئي ان سان رابطو ڪيو ۽ ان کان اخبارن ۾ آرٽيڪل لکڻ جو ڍنگ سکيو، ان کان پوءِ منهنجي اخبارن ۾ لکڻ لاءِ رواني ٿي ۽ هر هفتي ڪونه ڪو مضمون ڇپبو رهندو هو، ان دوران آءُ پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ آخر ايم اي ڊگري حاصل ڪري ارادو ڪيم ته ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيان پر وقت ساٿ نه ڏنو ۽ نوڪري ڪرڻ سبب ٽائيم به نه ملي سگهيو، 12 سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ آخر هڪ اهڙو منحوس ڏينهن آيو جو ملڪ ۾ مارشل لا جو نفاظ ٿي ويو، ادارن ۾ آئي ڏينهن مختلف ايجسيون تنگ ڪنديون رهيون ۽ انتظاميا به پنهنجا تيور بدليا، جيڪي يونين دوران اسان سان ڀرپور تعاون ڪندا هئا اهي اکيون ڦيرائي بيهي رهيا، 2001 ۾ اداري هڪ اسڪيم متعارف ڪرائي جنهن جا انتهائي ڀيانڪ نتيجا نڪتا، اسان يونين جي ڪري اڳيئي انتظاميا جي نظرن ۾ هئا سين انهن دير ئي نه ڪئي هڻي ليٽائي رکيو، ٽپڙ کڻي ڳوٺ پهتس ته اتي به مزو نا آيو، وڃي خيرپور لا ڪاليج ۾ داخلا ورتم ٻئي سال جو اڃا امتحان نه ڏنو هو ته ڪراچي ۾ ڪنهن دوست سان رابطو ٿيو جنهن ٻڌايو ته گلشن حديد ۾ گهر ڏاڍا سستا وڪامجن پيا جي ارادو آهي ته هليو اچ، گهروارن سان مشرو ڪيو ۽ والده به اجازت ڏني، گلشن حديد ۾ گهر خريد ڪيو ۽ سارو سامان جيڪو پورٽ قاسم ۾ نوڪري دوران خريد ڪيو هيو وري اهو ساڳيوئي سامان موٽائي آندو، ڪراچي ۾ رهڻ لاءِ پيسو کپي ان دوران ڪي ٽي اين به نئون چينل متعارف ٿيو ۽ ڪنهن دوست جي مدد سان اتي لئبرري انچارج جي حيثيت سان نوڪري ۾ لڳي ويس، ٻٽي مهينا نوڪري ڪئي پوءِ وري اتان به نڪري آيس پر ڏک اهو رهجي ويو ته ايل ايل بي ڊگري حاصل ڪرڻ وارو منهنجو خواب پورو نٿي سگهيو، اهڙي طرح وري ٻيهر ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا سين، سنڌ ٽي وي تي ڪنهن دوست جي اسرار تي ٽن ڊرامن ۾ به حصو ورتو جنهن ۾ هڪ سيريل (توکي چاهيو سي) ۽ ٻه عدد سولو پلي هڪ لالي ٻيو، .......... اهڙي طرح حالاتن سان جنگ ڪندي اچي هن جاءِ تي پهتا آهيون، پر لکڻ پڙهڻ وارا جراسيم ويهڻ ڪون پيا ڏين ان ڪري تحرير ۽ تخليق جو سلسلو جاري رهندو. اهڙي طرح اهي ڏينهن اڄ تائين بيروزگاري جي عالم ۾ زماني جا تلخ تجربا کڻي اوهان جي آڏو هي تحرير پيش ڪري رهيو آهيان، جي پسند اچي ته ٺيڪ آهي ورنه موٽائي منهنجي منهن تي هڻجو. هي تحرير منهنجي زندگي جي رڪارڊ جو حصو آهي، ۽ ٻين لاءِ مثال آهي ته هڪ ته پڙهائي نه ڇڏجي ۽ ٻيو نوڪري نه ڇڏجي، هاڻي ان ڪري منهنجي زندگي جا حالات بهتر ٿيڻ لڳا آهن ته منهنجو هڪ پٽ امجد پورٽ قاسم ۾ پڪي نوڪري تي لڳل آهي، ان کان ننڍو شفقت دوائن جي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي، ننڍو ڀاءُ ايبٽ ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي ٻي اولاد به پڙهي رهي آهي ان جي اخراجاتن لاءِ هاڻي رستا کلي پيا آهن، ڏکيائيون آهن پر انهن کي عبور ڪرڻ لاءِ حالاتن سان جنگ جوٽيل آهي جيسيتائين زندگي آهي حالاتن سان مقابلو جاري رهندو، وڌيڪ دوستن کي گذارش آهي دعا ڪن. اوهان جي دعائن جو طلبگار.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    توهانجي ڪهاڻي تنهنجي زباني . پيرائتي ڳالھ . سدا سلامت هجو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو