ميرپور ماٿيلو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ bewas ali hassan طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2016۔

  1. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    مير پور ماٿيلو شهر ضلع گھوٽڪي جو تعلقو آهي پر هي شهر به ضلعي جي حيصيت رکي ٿو ضلعي گھوٽڪي جي سڀني شهرن جي وچ تي آهي هن ڪري هن شهر کي ضلع گھوٽڪي جي دل به چيو وڃي ٿو هي شهر وچ تي هئڻ جي ڪري ضلع جون تقريبن آفيسون هتي آهن ڊي سي آفيس. ايس ايس پي آفيس. اڪونٽس آفيس اي ڊي او هيلٿ آفيس تقريبن اي ڊي اوز آفيسون ميرپور ماٿيلو شهر يا آس پاس ۾ آهن ڊسٽرڪٽ هائيڊ ڪواٽر اسپتال به ميرپور ماٿيلو ۾ آهي ۽ هڪ وڏي کاڌ جي فيڪٽري ايف ايف سي به هن شهر ۾ آهي جيڪا پهرين گورنمنٽ جي ملڪيت هئي جنهن کي پرويز مشرف جي دور ۾ پرائيوٽ ڪيو ويو جنهن جو پهرين نالو پاڪ سعودي هيو هن کي تبديل ڪري ايف ايف سي رکيو ويو جنهن سان تر وارن کان هنن جو حق کسيو ويو
    هي شهر سياسي يا ڪاروباري لحاظ کان به ڪنهن کان گھٽ به ناهي هتي ڪئي سياسي پارٽيون آهن پر پوءِ به هي شهر نظر انداز رهيو هر پاسي هي شهر ڪنهن ڪٻاري جي دڪان جو ڏيک ڏيندو هيو پر ها ڻي جنوري 2016 کان ڪجھ ڪم ٿئي پيو پهرين ڪابه هتي تفريح لاءِ پارڪ ڪون هيو پر هاڻي ٺهي پيو ڪجھ روڊن تي به ڪم ٿئي پيو گزريل ڪئي سالن کان هي ريڪارڊ ڪم آهن درينيج سسٽم سولر سسٽم ۽ ڪجھ روڊن تي به ڪم هلي پيو هي شهر وچ تي هئڻ ڪري هن شهر ۾ ڪاروبار به سٺو ٿئي ٿو تعليم جي حوالي سان به هي شهر ڪجھ نه ڪجھ سٺو آهي ڇو جو هتي پرائيوٽ اسڪولن جي گھڻائي آهي پر افسوس اهو آهي ته هنن ۾ سنڌي ئي صرف سبجيڪٽ طور رکيو ويو آهي صرف هو انگريزي تي توجه ڏين ٿا هتي هاءَ اسڪول ۽ ڪالج به آهي
    هن شهر ۾ گھڻيون ئي قومون رهن ٿيون جنهن ۾ شاه چڍڙ سومرا چنا ڪنڀر بوزدار لاشاري مهر ڪولاچي منگسي ميراڻي ۽ ٻيون گھڻيون قومون رهن ٿيون ۽ هتي هندن جون ڪئي قومون رهن ٿيون اڪثر ڪاروبار به هتي هندن جو آهي جنهن ۾ واڻيا سري فهرست آهن
    منگسي ڳوٺ شهر جي اوڀر ۽اتر طرف آهي هي ڳوٺ آهي ته شهر پر ڳوٺ جي نالي سان مشهور آهي هي سيول ڪورٽ جي اتر اوڀر واري پاسي ۾ آهي هن ڳوٺ ۾ به گھڻيون ئي قومون رهن ٿيون هي قديمي ڳوٺ آهي پر هي ڳوٺ هر لحاظ کان نطر انداز ڪيو ويندو هن شهر ۾ ڪا به سهولت ميسر ناهي ڊرنيج سسٽم بلڪل ناڪاره آهي هر ٽائم گھٽين ۾ پاڻي بيٺل هوندو آهي هي هڪ ڌتڙيل آبادي آهي
    سيول ڪورٽ جي ڏکڻ واري پاسي کان چڍڙ ڪالوني آهي هي ڪالوني 2001 ۾ ٺهي چڍڙ اصل ڳڙهي چاڪر واري پاسي جا آهن هتي هنن جو وڏو ڳوٺ حاجي چڀڙ چڍڙ جي نالي سان مشهور هيو هن ڳوٺ ۾ چڍڙن کان سواءِ ٻئي ڪائي به قوم ڪون هئي چڍڙ قوم جو واسطو اڪٿر ميرپور ماٿيلو سان هيو جڏهن هتان جو ماحول خراب ٿيو ڌاڙا ڦر عام ٿي وئي ته هو اڪثر ميرپور لڏي آيا مان به هن ڳوٺ جو آهان هتي هن ڪالوني جو پهرين بنياد وڪيل محمد نواز چڍڙ وڌو پوءِ هو سڀني کي هتي وٺي آيو هاڻي گھڻا هتي ئي پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا
    هن شهر جو هزاره شاه محله مشهور آهي هي شهر جي وچ ۾ آهي هتان جا سيد وڏا ڪامل وليه ٿي گزريا آهن ۽ رهن ٿا گھڻا هتا دعا جي لاء ايندا آهن
    اوله ۾ چنه محلا ڪوثر ڪالوني آهي ڏکڻ ۾ سومرا ماستر وسير ڪالوني مشهور آهن هتي ڪئي وڏيون درگاهون آهن جليل شاه جي درٻار بچل شاه جي درٻآر دين شاه جي مزار ۽ هزاره شاه قبرستان ۾ وڏين ڪامل وليهن جون درٻارون آهن
    هي شهر ادبي لحاظ کان به ڪنهن کان گھٽ ناهي هتي شاعر ڪالم نگار ۽ اديبن به گھڻا آهن سائين سخاوت علي شاه جهانپور وارو به هتي رهي ٿو موسيقي جي باري ۾ سائين کي قدرتي ايڏي ڏات آهي جو هن ننڌڙي عمر ۾ وڏين ڳائڻن جهڙو ڳائيندو آهي سائين ڪلاسڪ ڳائي ٿو سائين مهدي حسن کان متاثر ٿيو سائين جي آواز ۾ به ساڳيو مهدي حسن وارو جادو آهي
    هتي وڏا وڏا محقق آهن هڪ وڏو ناءَ سائين پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو صاحب محقق ۽ نقاد جهن شاه جي رسالي کي پرکيو ۽ هن تي تحقيقي جائزو ورتو هڪ وڏو ڪالم نگار جنهنجو تقريبن هر اخبار ۾ ڪالم شايع ٿيل آهي سائين جا ڪئي مجموعا چپل آهن جنهن ۾ ڪتاب اندر جو آواز.عشق حسين.حضرت احمد سائين جي سوانح شاعري.قاضي قاضن جي سوانح شاعري. شاه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو جلد نمبر 1.شاه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو جلد نمبر 2.شاه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو جلد 3 به جلد ڇپجي ويندو. شاه لطيف مضمون ۽ مقالا. ۽ سومرن جو اصل ۽ نصل مشهور ڪتاب آهن
    سائين ڪريم بخش چنه صاحب ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو ناءَ سائين وڏو تاريخدان ۽ محقق مترجم آهي هن گھڻن ئي ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن سائين اڪرم سومرو صاحب ۽ ڪئي محقق ڪريم بخش صاحب کان مهاڳ لکرائيندي فخر محسوس ڪندا آهن هڪ بهترين طبيعت جو مالڪ آهي مونسان ته هن جو ادبي لحاظ سان وڏو پيار آهي مونسان سائين اڪرم سومرو صاحب جو به وڏو چاه آهي تقريبن هر ڪتاب مونکي ڏيندا آهن سائين ڪريم بخش جا چپايل ڪتاب
    سنڌ تي عظيم ڪاهون.تذڪرهءِجيلاني سادات.شاه جي شاعري ۾ سيرت مصطفيٰ جو مطالعو همايون نام سنڌي ترجمو ۽ هاشيه. سنڏي ادب جون صنفون ابات باهو سنڌي ۾ ترجمو. سنڌي جي فهرست. وايون وڻجان. جهاد ڪربلاجو عظيم فاتح. تاريخ ميرپور ماٿيلو ۽ ٻيو کوڙ سارو اڻ ڇيل مواد
    شاعر نور احمد چڍڙ. سائين پيشي جي لحاظ سان وڪيل آهي هن جي شاعري گھڻن ئي فنڪارن ڳائي آهي اڻ ڇپل مواد تقريبن هڪ ڪتاب جيترو آهي
    غلام شبير پيراهين. هي سائين شاه لطيف تي وڏي ڄاڻ رکي ٿو هن جي لائبرري ۾ ڪيترائي شاه جا رسالا ۽ شاه لطيف تي لکيل ڪتاب موجود آهن هن شاه لطيف تي ٻه 2 ڪتاب لکيا آهن جيڪي سوالن جوابن ۾ آهن هنن ڪتابن مان شاه لطيف جي زندگي تي وڏي ڄاڻ ملي ٿي. ڪتاب شاه لطيف تاريخ جي آئيني ۾.شاه عبدالطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون سندس مشهور ڪتاب آهن سائين هڪ پياري طبيعت جو مالڪ يارن جو يار آهي
    علي حسن احسن چڍڙ. منهنجو تعلق تقريبن شاعري سان گڏو گڏ نثر سان به وڏو رهيو آهي منهنجي ڪتاب هاءِ ڙي سنڌ ۾ شاعري سان گڏوگڏ اڪثر نثر ۾ آهي جنهن ۾ سنڌ جو درد لکيل آهي منهنجا ڪالم ۽ شاعري گھڻن اخبارن ۾ ڇپيل آهن پر جيجل اخبار ۽ وفاءِ سنڌ اجبار منهنجا ڪالم ۽ شاعري گھڻو ڇاپيندا آهن منهنجو تعلق سنڌي ادبي سنگت ڏهرڪي سان آهي منهنجي شاعري اڻ چپيل ڪتاب جيترو مواد آهي منهنجي سليڪشن ۾ فنڪار ساگر عباسي جا ٻه2 البم ٿيل آهن هن سان گڏوگڏ منهنجو تعلق ڳائڻ سان به رهيو ۽ اداڪاري سان به منهنجو واسطو آهي ڪئي سنڌي فلمن ۾ به مون ڪم ڪيو آهي هاڻي منهنجو ٻيون ڪتاب آمدِ مصطفى به ڇپجي پڌرو ٿيو آهي
    قاضي منير احمد. هن سائين کي شاعري جي وڏي ڄاڻ آهي هي هڪ وڏو شاعرآهي هن جو ڪتاب نورءِ مجسم مولودن جو ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي
    پريم پتافي. ڪتاب روشني جون اکيون هي هڪ لاجواب شاعري جو ڪتاب آهي
    مفتون ڪورائي. هي سائين پوري هنڌ سنڌ ۾ نالي واري سخصيت آهي هن سائين جي شاعري گڏيل مجموعن ۾ ته گھڻي چپي آهي پرهن جو چپايل ڪتاب آسمان ۾ ڪهڪشائون به هڪ مشهور ڪتاب آهي
    امر کهاوڙ. شاعري جو وڏو ڄاڻو آهي هن جي شاعري اخبار رسالن ۽ کڏيل مجموعن ۾ گھڻي ڇپي آهي هن جو ڪتاب به جلدي چبجي ويندو
    دوست سومرو. سائين جو هڪ ڪتاب مونکي رنگ لڳي ويو شاعري جو آهي سائين جي پنهنجي اڪيڊمي آهي جنهن جو نالو صوفي اڪيڊمي آهي هن ۾ ڪئي ڪتاب ڇپيا آهن ڪتاب. پره جي پار ڏي هلجي. اچو ته خواب ڏسون.ويندي ويندي.
    تعبير سومرو. هي هڪ ناليوارو شاعر آهي هن جا ڪئي شاگرد آهي
    شفقت سومرو. سائين به ڀلوڙ شاعر آهي جيڪو ڊرامن ۾ اداڪاري ۽ ڊائريڪشن ڪندو آهي ۽ ڪهاڻي ڪار به آهي
    عبدالحق لنڊ. سائين به هڪ وڏو ليکڪ آهي جنهن سنڌ ڌرتي کي ڪئي ڪتاب ڏنا آهن جنهن گھوٽڪي جا گھوٽ. لنڊ قبيلي جي تاريخ ۽ گھوٽڪي ضلع جي تاريخ مشهور ڪتاب آهن
    عرفان لنڊ.هن سائين کي نثري نظمن تي وڏو عبور آهي ۽ هي شاعري به ڪندو آهي سائين جو ڪتاب پره جي پار ڏي هلجي هڪ مشهور ڪتاب آهي
    مشتاق گبول. هي سائين به هڪ شاعر آهي هن جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن .چوڙين جو سڏڪو. خوابن جا رنگ
    مخمور ميراڻي.سائين جو هڪ شاندار شاعري جو مجموعو بهارن لڙڪ هاريا هڪ لاجواب ڪتاب آهي ۽ ڪئي ٻيا ليکڪ آهن جن جي جيئن تفصيل ملندي وئي اها ڄاڻ اوهان تائين پهچائيندو رهندس
    علي حسن ”احسن“ چڍڙ
     
    آخري ترميم: ‏25 جون 2022
    Arif Mohyal، خدابخش مشاخ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو