آدرش نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -3

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -3


    آدرش

    سائو وڻ ڏسي اکيون ڪنهن بزرگ جي مزار تي رکيل مٽ ۾ ٿڌي پاڻيءَ وانگر ٿڌيون ٿي وينديون آهن. روح کي راحت اچي ويندي آهي.
    چين جي مانائتي اڳواڻ مائوزي تنگ هڪ شانائتو فرمان جاري ڪيو هو ته ” جنهن گهر ۾ ٻار ڄمي، ان جو گهر ڌڻي هڪ وڻُ پوکي.“ اسان جي روح ۾ رهنڊان پائيندڙ، اسان جو حڪمران وري حڪم ڪندو آهي“ جنهن گهر ۾ ٻارُ ڄمي ان جو گهر ڌڻي وڃي ٻه وڻ وڍي اچي“. حسن درس چواڻي: ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ اسان وڻ وڍي ڇڏياسي، هاڻي ساري سنڌ نٽهڻ اُس ۾ آهي، جنهن ۾ ماڻهو ته ڇا پرينءَ جو پاڇو به سڙي رهيو آهي.

    ***

    اٽلي جي شهر فلورينس ۾ روڊ ويڪرو پيا ڪن. روڊ جي ويڪر ۾ هڪ تمام قديم وڻ پئي آيو. ظاهر آهي روڊ ٺاهڻ ڪارڻ ان کي وڍڻو ٿي پيو. ميونسپل ڪارپوريشن روڊ جي ٺهڻ جي مجبوريءَ ڪري، وڻ وڍڻ جو حڪم جاري ڪيو.
    اٽلي جو سيبتو ليکڪ البرٽو موراويا جنهن جا ٻه ناول (Two Women) ” ٻه زائفان“ ۽ ”روم جي مائي(Woman of Rome) ڏاڍا سهڻا ناول آهن. هن جو ناول” ٻه زائفان“ اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌيءَ ۾ سرت ڀرئي سنڌيڪار ولي رام ولڀ صاحب، هن جون ٻه ٽي ڪهاڻيون پاڻ ترجمو ڪري ۽ ٻه ٽي ٻين ليکڪن جون ترجمو ٿيل سهيڙي، هڪ ڪتاب ”ٿڪل سُريت“ جي نالي سان ترتيب ڏنو، جنهن کي نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد ويهارو سال اڳ ڇپايو هو.
    البرٽو موراويا صاحب پنهنجي هڪ ڪهاڻي ” سمنڊ ڏانهن واپسي“(Back to the Sea) لکي رهيو هو ته کيس وڻ وڍجڻ جي سُڌ پئي. اڻ پوري ڪهاڻيءَ جي پنن مٿان پيپر ويٽ رکي، گهران نڪري، سڌو ڪورٽ سڳوريءَ ويو. ڪيس داخل ڪيائين. جنهن ۾ هن لکيو ته : ”وڻ اسانجي شهر جو جهونو شهري (Senior Citizen) آهي. ان کي وڍڻ هڪ قتل هوندو. مان نه ٿو چاهيان ته حڪومت پنهنجا هٿ رت ۾ ٻوڙي، قاتل بڻجي، سو مهرباني ڪري وڻ نه وڍيو وڃي.“
    ڪورٽ سڳوري جي محترم جج مرڪندي فيصلو لکيو ” وڻ کي پاڻي ڏنو وڃي.“

    ***

    منهنجي شهر جي ڀڪ واري ڪوٽ قلعن جي شهر جي تپيدار ست خون ڪيا، ڌاڙا هنيا، ڪيس داخل ٿيا. سالن جا سال ڀڄي لڪي پيو. شهر جو ڌاڙيل سياستدان اسيمبلي ۾ ميمبر ٿي آيو ته تپيدار اُن جي حڪم تي پاڻ پيش ڪيو ۽ هٿ ڏنو. ناٽڪي انداز ۾ پوليس کيس گرفتار ڪيو. نيو فوجداري ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ کيس اڪيلو رکيو ويو. هر طعام، هر آسائش اهڙي مليس جو چڱي ڀلي کي گهر ۾ به نه ملندي آهي. رات جو پوليس جي گاڏي ڳوٺ ڏانهن گهر وڃي ڇڏي اچيس. ڪڪڙن جي ٻانگ مهل وري گهران جيل کڻي اچيس. ڄڻ ڊي.ايس.پي(D.S.P) مقرر ٿيو هجي.
    ٻن ٽن مهينن اندر باعزت بري ٿيو. ڊيوٽي به ملي ويس. ويهن پنجويهن سالن جون رهتو پگهارون به ملي ويس ڄڻ وي.سي. وڌي هيائين. خير سان پروموشن به مليس. سپروائيزنگ تپيدار جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. عمر ڌڪ ڏنس نه ته مختيارڪار بڻجي، ڌاڙيل مئجسٽريٽ بڻجي فيصلا ڪري ها ته گهڻائي ڪاٽڪُو باعزت بري ٿي وڃن ها.
    هاڻي به شڪارپور ايندو آهي. ڪلهي ۾ بندوق هوندي اٿس. سوين سلام ڪندا اٿس. مان به ڀوَ مان سلام ڪندو آهيانس ته متان سلام نه ڪرڻ تي ڪارتوس نه هڻي وجهي.
    اٽلي ۽ سنڌ ۾ صرفَ جي پائوڊر وانگر فرق صاف ظاهر آهي.

    ***

    اسان جو شهر سڄو وڻن سان اهڙو جهنجهل هوندو هو جو اونهاري جي اُس ۾ ڇٽي کڻڻ جي ضرورت ئي نه پوندي هئي.
    اسان جي شيخن جو پاڙو جيڪو هڪ دلي جيترو ننڍڙو آهي. پنج ڇهه نم جا گهاٽا وڻ هوندا هيا. مهان شاعر شيخ اياز جي گهر جي ڀرسان برک وڪيل ۽ مسلم ليگي اڳواڻ شِخ واجد عليءَ جي اوطاق وٽئون نم جو وڻ هوندو هو. پڌر ۾ اچبو ته اُستاد محترم ماهتاب علي شيخ جي اوطاق ڀرسان نم جو وڻ هوندو. اوطاق جي اوڀر ۽ اولهه پاسن وارين مسجدن وٽ نم جا وڻ هوندا هيا. اڄ نه وڻ آهن، نه اوطاقي مڙس آهن نه ئي اوطاقون آهن. وسنديون ڪنهن ناڪام عاشق جيئڙي جي من وانگر ويران آهن. سنڌ جي شاعر نثار بزميءَ چواڻي ” ڀڳا ڏارَ، ڳيرا اُڏاڻا هليا ويا.“

    ***

    اسيءَ جو ڏهاڪو هجي. مان گريجوئيٽ بڻجي، نوڪريءَ لاءِ ڀڄ ڊڪ شروع ڪيم. اسان جي دلدار ديس ۾ ڇوڪري ملڻ سؤلي ۽ نوڪري ملڻ ڏکي آهي.
    سياري جي وڻندڙ اُس ڪبوتر وانگر لڳندي آهي. مان سکر مان هڪ انٽرويو ڏئي موٽيم. لکي در تي بس لاٿو، پاڙي ۾ آيم. ٽي کن ٿيا هيا. صندل تي ٻه ٽي رٽائرڊ ڪامورا، ڀٽي صاحب جو لاٿل هڪ آفيسر ۽ ٻه کن منهنجا هڪ جيڏا، نرم پشم جهڙي اُس جي تڙڪي تي ويٺي حوالَ ڪري رهيا هيا. مان صندل وٽئون لنگهندي کين سلامُ ڪيو ته ڀٽي صاحب جي عتاب هيٺ آيل آفيسر شڪيل سلام ورائيندي پڇيو : ” پٽ! ڪاڏهون پيون موٽين؟“
    ”سائين! سکر ويم هيم.“
    ”ڇو؟“
    ”لئبر کاتي ۾ انٽرويو هو. انسپيڪٽر لاءِ.“
    ”ويهه، ويهه ته ٻه ٽي منٽ. او ! هوءَ ٿنڀي ڀرسان پيل ڪرسي سوري اچ“
    ”مان ڪرسي کڻي صندل ڀرسان رکي ويٺم ته چاچا شڪيل پڇيو ” انٽرويو ۾ ڪير آيل هو؟“
    ”جاويد اشرف صاحب جو نالو پيا کڻن. ڊائريڪٽر آهي. ڪراچيءَ کان آيل هو.“
    ”اڙي! ها! ها! اهو مهاجر ٻچو آهي، لاهور اڪيڊميءَ ۾ مون سان گڏ ٽريننگ ڪئي اٿائين.“
    ”چاچا! پوءِ ڪا ڳڻ ڪريو، ڪا چٺي چپاٽي ته لکي ڏيو“
    ”اڙي من! ڪرسيءَ لٿي کانپوءِ گهر ۾ ئي نه ٿي هلي.“
    ”ته به. من ڪم ٿي پئي.“
    ”چڱو. مان لکي ڏيندو مانءِ. پر اَٿي اهو بي-شناس. بهرحال. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو ڀاڳ آهي. ٿي سگهي ٿو چٺيءَ تي تنهنجو ڪم ٿي وڃي.“
    ”شڪيل! معنيٰ ته ڪرسيءَ کي سلامُ آني! “ رٽائرڊ ڪاموري چاچا وسيم چيو.
    ”بالڪل چاچا! ماڻهوءَ جي عزت ڪرسيءَ جي ڪري ٻيڻي آهي. مان ايس.ڊي.ايم هيم ته سوين سلامي هيا. ائين لڳندو هو ڄڻ ڀرسان لنگهدڙ ڳئون به سلام ٿي ڪري. هاڻي ته ڏسي ڪري گهٽي ئي ٻي ٿا وٺي وڃن.“
    رٽائرڊ ڪاموري چاچا اوڪاش، ٽرپل فائيوِ 555 جو سگريٽ دکائي،. ڪش هڻي، اسٽائيل سان دونهون ڪڍي پڇڻ لڳو: ”شڪيلَ! توتي به مقصود صاحب وانگر ڀُٽو ڏمريو هيوني؟ ڀٽي لاٿو هيُئهَ نه؟“
    ”ها چاچا! توهان کي ڄڻ خبر ئي ناهي!“
    ”ها من! خبر اٿم پر اها سڌ نه اٿم ته ڇاجي ڪري لاٿو هيائين.“
    ”سائين! مان لاڙڪاڻي ۾ ايس ڊي ايم هيم. پرموشن ٿيڻ وارو هو. ٻن ٽن مهينن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي وڃان ها. ڀٽي جي بادشاهي هئي. پيپلن جي موج هئي. ٽڪي جي جمعدار پڃيل کي ايس پي بڻائي، سڄي لاڙڪاڻي جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو هيائين.“
    ”پڃلُ؟“
    ”اهو پڃلُ. ڀٽي جو ٻڌو ٻانهو هو. مان وري ان جي ابتڙ ڪميشنڊ آفيسر، مان وري ڪنهن جي ڪاڻ ئي نه ڪڍان. ڇو ڪڍان؟ مان ڪنهن جي………غلامي ڇو ڪيان؟ رشوت کان به پري ته قانونَ جي پوئواري ڪرڻ وارو.
    سپاف جي ڇورن جي ٻيگهي متل هجي. سڄو ڏينهن ڦيريون ڪن. بسين وارن کي ڀاڙو نه ڏين. ڪو گهرين ته کيس ڪٽڪو ڏئي رتوڇاڻ ڪن. گرلس ڪاليج ٻاهران بيهي ڪري ويچارين شاگردياڻين کي تنگ ڪن. هاءِ اسڪول جي مئٽرڪ جي سهڻن ڇوڪرن کي کڻي وڃي، زوريءَ پنهنجو منهن ڪارو ڪن.“
    ”حرامين جو وڏو من وڌيل هو.“
    ”تڏي“
    ”ڪو چوڻ وارو ئي نه؟“
    ”ڪير چوي؟ خير چاچا! قصو ڪوتاھ، هڪ ڏينهن اهي باسٽرڊس ڪاليج ويندي هڪ شيخياڻي ڇوڪريءَ کي کنڀي کنيو ويا. مان پوليس وٺي، کين هڪ بنگلي تان ٻڌي آيم. شڪر آهي جو نياڻيءَ کي ڪا رُهنڊ نه آئي هئي. هڪ ڪپڙي واري جي ڌيءَ هئي. پوءِ سائين! باقراڻي ٿاڻي تي اچي، هنن کي ڪاٺ ۾ وڌم. سولنگي صوبيدار هجي. اهو به نر هجي. غيرتي جوان هو. ڇورن کي اگهاڙو ڪري. اهڙي ته ڌمال ڏنائين جو مرڻ تائين نه وساريندن.
    پڃل کي خبر پئي. هڪ سپاف جو ڇوڪرا، ٻيو ڀٽو شيخن جو مخالف، ڇو ته لاڙڪاڻي جي شيخن ڀٽي کي ووٽ ئي ڪونه ڏنا هئا. پڃل مارڪون وڌائڻ لاءِ، داداگيري ڪري، ٿاڻي تان ڇوڪرا ڇڏائي ويو.“
    ”ڇو؟ ايف آءِ آر داخل نه ڪيوَ ڇا؟“
    ”ڇا تي ڪيون؟“
    ”ڇو؟“
    ”ڇوڪريءَ جو پيءُ شريف ماڻهو، حاجي سڳورو ۽ وري ايماندار ماڻهو. هن کي بدناميءَ جو خوف پئي ٿيو ته سڄي شهر ۾ ڳالهه هُلي ويندي. عزت ٻڏي ويندي. ڪير وري ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي. سو هٿ ٻڌي بيهي رهيو ته سائين! عزت بچي آهي. الله جا لک شڪرانا آهن. وڌيڪ کوٽيندئو ته گند ٿيندو. ڀٽو صاحب اُوئين ئي اسان جو مٺ گهرو آهي سو وڌيڪ نه ڪو نقصان رسائي. مون کي هن جي اڇي ڏاڙهيءَ تي ۽ سندس ڳالهين تي ترس اچي ويو سو وڌيڪ ڳالهه جي پچار ئي نه ڪيم.“
    ”اڇا! پو؟“
    ”پوءِ سائين! ڏاڍي ڪاوڙ هجي. اندر ۾ باھ هجي. پڃل کي فون ڪري ست سريون ٻڌايم. هن به گاريون ڏنيون. مان به کيس گاريون ڏئي اندر جي باھ کي ٿڌو ڪيم.“
    ”پوءِ شڪيل؟“
    ”پوءِ سائين! پڃيل وٿي ئي نه وڌي. ان گهڙي ڀٽي صاحب کي فون ڪري سڄي ڳالهه ٻڌايائين. ڀٽو صاحب ته هن جي ئي ٻڌنڌو هو. مان به شيخ، ڀٽي ان مهل ڪو ڪرپٽ آفيسرن جي لسٽ پئي ٺهرائي. اهو الزام هڻي تيرنهن سئو آفيسرن کي هڪ ئي ڌڪ هڻي لاهي ڇڏيو. شڪارپور مئون مان ۽ مقصود شيخ صاحب اچي گهر ويٺاسون.“
    ”جيئي ڀٽو. دفتر ئي ڇٽو.“
    ”الزام ڪرپشن جو ؟“
    ”ها! اهو ته سئولو آني! جيئن اسان جا جاهل ماڻهو، زال کوڳ ٿي وڃين يا سُڃا ٿين ته چٽي وٺڻ ڪاڻ جوءِ کي ڪارو ڪندي دير نه ڪن، تيئن حڪمرانن وٽ ڪرپشن جو الزامُ ٺهيو ٺڪيو رکيو آهي. هل پنهل ! يارهين واري گاڏيءَ ۾ چاڙهيندي دير ئي نه ڪن.“ ”تيرهن سون ۾ ڪرپٽ به ته هوندا ني؟“
    ”سائين! ڳالهه ٻڌو ني! پاڪ پوتر ته ڪوئي ناهي. الله جي ذات ئي پاڪ آهي. ڪرپٽ به هوندا. بالڪل هوندا پر اڪثريت اهڙن جي آهي جن ڀٽي کي سائين ميان نه ڪيو يا هن جي چوڻ تي ڪو غلط ڪم نه ڪيو. هاڻي مون کي ڏسو يا مقصود صاحب کي ڏسو. اسان ڪجهه ٺاهيو آهي؟ هر شئي توهان جي اکين اڳيان آهي. جاءِ به ڏاڍي مرحوم واري آهي. ان ئي حالت ۾ آهي جنهن ۾ پاڻ اسي سال گذاري ويو. ڪو چوني جو رنگ به ڪرايو اٿم؟ ٻڌايو؟“
    ”برابر. اڙي ادا! هلو تون ۽ مقصود صاحب ته ڀلا سٺن کاتن ۾ هيئو ني؟ شڪ ڪري سگهجي ٿو نه؟ هاڻي هي ادا عبدالقيوم شيخ به ڪرپٽ ٿي ويو. جنهن کي لوڪل باڊيز جهڙي سُڃي کاتي مان لاٿائين جو کين اٺ اٺ مهينا پگهار نه ملي.“
    ”بس سائين! شينهن کي ڪير چئي ته وات ۾ ڌپ اٿئي.“
    ”شڪيلَ! اهو به چڱو ٿيو جو هي چڙهيو ته مان رٽائرڊ ٿيم نه ته مان به خواري کڻان ها. يارَ! ڳالهه ٻڌ! مان ايوب ۽ يحيا جهڙن سان گذاريم. ڇا ٻڌايانءِ؟ ڪنهن کي تنگ نه ڪيائون. ايوب ته ڏاڍو ديرينو هو. يحيي! به اهڙو ويلُ نه هو. شرابي ڪبابي برابر هو، پر تنگ ڪرڻ وارو نه هو. ايوب خان جي هڪ مزيدار ڳالهه ياد آئي. واھ واھ.
    ايوب جي ڪا زمين بدين پاسي هئي. تپيدار به ڪو ايماندار ۽ قانوني مڙس هو. ايوب خان ڏانهن ٻه ٽن سالن جي ڪا ڍل رهتو هئي. تپيدار نوٽيس موڪليس ته فلاڻي تاريخ اندر ڍل پيئار نه ته گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويندا. تپيدار جو نالو به چڱو هو. ياد نه ٿو اچي. واھ ڙي واھ تپيدار صاحب! سو ادا منهنجي کي چوان! شڪيلَ! ايوب خان هڪدم ڍل پيئاري. ڇا ٿو سمجهين! ايوب جو ڪيڏو ڏَرُ هو.“
    ”بالڪل! وڏي ڳالهه هو.“
    ”سائين! پوءِ ڪو ستت ئي ايوب جو حيدرآباد وڃڻ ٿيو. مان سڌسماءَ کاتي ۾ هجان. قدرت الله شهاب مون کي به ساڻ کنيو. حيدرآباد اچي، ايوب خان بدين واري تپيدار کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو. اسان سڀ دهلجي وياسون ته هاڻ تپيدار جي نوڪري به تيل ڪندو ته کيس ڪاٺ ۾ به وجهندو. تپيدار صاحب آيو ته ايوب خان پڇيس ته : ”نوٽِيس تو موڪليو هو؟“ تپيدار وراڻيس: ” جي سرڪار! مون ئي موڪليو هو.“ ” تون تپيدار ٿي ڪري ملڪ جي صدر ڏانهن نوٽيس موڪليو. تو کي ڀئو نه ٿيو؟“
    تپي دار به ڏاهو هو. چيائينس ؛ سائين! اوهان ملڪ جا برابر صدر آهيو. منهنجي دل ۾ عزت ۽ احترام اٿم پر زمين جي کاتي ۾ اوهان صدر ناهيو. اوهان کاتيدار آهيو. اوهان ڏانهن يڪو ٽن سالن کي ڍل رهيل هئي. ڍل نه پيئارڻ قانوني طور ڏوھ آهي، سو مون نوٽِيس ملڪ جي صدر ڏانهن نه پر زمين جي کاتيدار ڏانهن موڪليو هيم. مون قانوني ڪم ڪيو آهي. اوهان جي نظر ۾ اهو ڏوھ جو ڪم آهي ته مان سزا لاءِ حاضر آهيان.“
    ايوب خان هن جو اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. خوشيءَ مئون ڀاڪر پائي شاباس ڏنائينس ۽ پرموشن جو به آرڊر ڏنائين.“
    ”واھ ڙي واھ ايوب خان!“
    ” ۽…جيڪڏهن ڪو تپيدار ڀٽي ڏانهن نوٽيس موڪلي ها ته؟“
    ”آڪهه مارائيس ها.“
    ”چاچا! قدرت الله شهاب ڪيئن هو؟“
    ”ٺيڪ هو . سنڌي ڀانءِ نه پوندا هيس. اصل نه وڻندا هيس. ڪم سان ڪم رکڻ وارو هو. ٻه ٽي اردو اديب کيس مرشد ڪري ليکندا هيا. جيئن هي ڊرامو ”طوطا ڪهاني“ لکڻ وارو اشفاق احمد ۽ جوڻس بانو قدسيه پير ڪري پوڄيندا هيس، پر اهڙا ڪڻا ڪونه هيس.“
    ”ممتاز مفتي به مريد هيس ني؟“
    ”اُهو ته وري سڀني کان گوءِ کٽڻ وارو. پير ڌوئي پيئندو هيس. ٻه ٽي ڏينهن اڳ ڪنهن اخبار ۾، ها ” نواءِ وقت“ جي مئگزين ۾ ممتاز مفتيءَ جو انٽرويو پڙهيو. ان ۾ ته صفا (Over) ٿي ويو آهي. ايڏي تعريف شهاب جي ڪئي اٿائين جو مون کي پڙهندي شرم پئي آيو. هن کي چوندي نه آيو. بهرحال ڀٽي لاءِ هڪ ڳالهه ڪئي اٿائين. مون کي ڏاڍي وڻي. ممتاز مفتي انٽرويوءَ ۾ ٻڌائي ٿو ته ” مون هڪ ڏينهن قدرت الله شهاب کي ڀٽي صاحب لاءِ چيو : ” شهاب صاحب! ڀٽي مزدور کي پڳ پارائي آهي.“ شهاب صاحب وراڻيو: ”ها! قميص لاٿي اٿائينس.“
    ”زبردست.“
    ”چاچا! يحيي! خان نورجهان لاءِ پويون ڏينهن هيوني؟“
    ”اصل ۾ ڇا هو ته نورجهان به وڏي شوقين هئي. ڳائڻ کانپوءِ هن کي سمهڻ وڻندو هو. يحيي! به آڙيڪاپ ماڻهو هو. پوءِ ته هوڏي جنگ جا نغارا وڄن، ريڊئي تي نورجهان جا ترانا ”اي وطن ڪي سجيلي جوانو! ميري نغمي تمهاري لي هين“ وڄن ته اندر محل ۾ هڪ بستري تي يحيي! سان سمهي ڳائي“ آ! سيني نال لگ جا ٺا ڪرڪي.“
    ”ها..ها…ها..ها.“
    ”هونئن به ڏٺو وڃي ته ايوب ۽ يحيي! کي بڇڙو ڪرائڻ وارو ٻيو ڪو ٿورئي هو. ڀٽو ئي هيو.“
    ”اهو ڪيئن؟“
    ”ابا ڏسُ ني! ايوب خان ڀٽي صاحب جي ذهانت ٻڌي کيس گهرائي مان ڏنو. ڪرسي به ڏنائيس. ڀٽو کيس ڊئڊي(Daddy) ڪري سڏيندو هو. اڳتي هلي طوطي وانگر اکيون ڦيرائي ويس. ”ايوب ڪتو“ جا لقب ڏنائينس. هو نفس وارو هو. هوا جي رخ کي سمجهي ويو. ٻڙڪ نه ڪڇيائين. هڪ دم ڪرسي يحيي! جي حوالي ڪري ويو.“
    ”يحيي! اچي وري ملڪ جا ٻه ٽڪرا ڪري، بنگلاديش ٺهرايو.“
    ”نه ..نه…..نه.. ڀُليو آن.“
    ”ڇو؟“
    ”دادا! يحيي! ته بوتل ۽ نورجهان جي بدن ۾ ويڙهيل هو. دنيا جهان ۾ ڇا ٿو وهي واپري، ان جي ته کيس سڌ ئي نه هئي. اهو ملڪ ٽڪرا تنهنجي ڀُٽي ڪرايو.“
    ”اڇا!“
    ”نه ته ڇا!“
    ”هلو اڳتي.“
    ”ٿيو ڇا جو، ستر واري اليڪشن ۾ شيخ مجيب عوامي ليگ ۽ ڀٽي جي پيپلز پارٽيءَ اڪثريت سان کٽيو. شيخ مجيب جو سيٽون سڀ کان وڌيڪ هيون. پاڪستان ۾ حڪومت ان جي پئي ٺهي. وزيراعظم شيخ صاحب پيو بڻجي.
    بنگالي مولاين سان اسان مئون ڪنهن جي محبت به ڪونه. اسان ويٺا ” بکيو بنگالي“ جهڙا کين لقب عطا ڪياسون. مجيب وري ڀٽي لاءِ اک جو ڪنڊو بڻجي ويو. ڀٽي جون هوسَ ناڪ اکيون اقتدار جي ڪرسيءَ ۾. اسان جا بااثر ماڻهو به بنگالين کي اقتدار ڏيڻ ۾ ارها هيا. مٿن کي هٿ ڏنيون ويٺا هيا. ڀٽو وري ذهين ۽ شاطر. مجيب صاحب جي الڳ ملڪ جا ڪا ايجنڊا ئي نه هئي. بنگالي نفرتن جي نگاھ جو مرڪز بڻيل هيا. ڀٽو ته چاهي پيو ته اقتدار مون کي ملي همراھ کي سنگل مليو. آشيرواد حاصل ٿيس. دير ئي نه ڪيائين. ڳالهيون ناڪام بڻائي جنگ ڇيڙي ڇڏيائين. بنگال ۾ فوجي ڪاهي پئي. کين ڪچليو ويو. جماعت اسلاميءَ جي دهشت گرد تنظيمن ”الشمس“ ۽ ”البدر“ به ڪيس ڪيا. انهن حرامين ته وري اهڙا ڏاڍ ڪيا جو الامان! الله معافي ڏي. ٻڌائيندي جسم ۾ ڏڪڻي وٺي وڃي. هوڏانهن مائي اندرا گانڌي به ڪُڏي آئي. هڻندي ماريندي بنگلاديش ٺهي ويو.
    ”ڀٽو صاحب وزيراعظم ٿي ويو.“
    ”ها. همراھ جا جاوا ٿي ويا. پاڻ وزيراعظم بڻجي، چوڌري فضل الاهي جهڙي شريف ماڻهوءَ کي صدر ڪري، جپاني گڏو بڻائي ويهاري ڇڏيائين. اُهو مولائي جڏهن اکيون ڇنڀيندو هو ته خبر پوندي هئي ته همراھ ۾ ساھ ذري به ڪا آهي.“
    ”هلون ادا. ڪافي ٽائيم ٿي ويو آهي. رات وري ڪچهري ڪبي.“
    سياري جي اُس صندل جي پائي وٽان کسڪي وئي ته اسان به سڀ اُٿي ڪري گهر هليا وياسون. صندل ائين خالي ٿي ويو جيئن ڪڪر وڃڻ کانپوءِ آسمان خالي ٿي ويندو آهي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 21 فيبروري 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو