پاڪستان جو قانون،قتل ۽ سزا

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ حرا طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2016۔

  1. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    پاڪستان پينل ڪوڊ، پاڪستا ن جو حقيقي يا بنيادي قانون آهي.يعني ڪوبه جرم ٿئي ٿو ته ان جي وضاحت توڙي سزا پڻ ان ۾ ٻڌايل آهي.هونئن ته ڪيتريون سزائون ٻڌايل آهن پر روزمرهه جي ڏوهن يا جرمن متعلق ڳالهائينداسين.
    هن ڪوڊ جي سيڪشن 300 ۾ قتل امد جي وضاحت ڪئي وئي آهي جنهن مطابق هڪ شخص ٻئي کي ان پوري مارڻ جي ارادي سان ڪنهن اوزار سان ان جي جسم کي زخم رسائي جنهن سان ان ماڻهو جي موت واقع ٿئي اهو قتل امد ۾ اچي ٿو.
    سزا
    جيڪو ماڻهو قتل امد جهڙو ڏوهه ڪري ٿو اهو موت قصاص جي طور سزاوار هوندو.(پاڪستان ۾ قصاص جي سزا ناهي ڏني ويندي اها اسلامڪ سزا آهي)
    سزا موت يا عمر قيد جي سزا ڏني ويندس.يا
    25 سالن تائين جي عمر قيد سزا پر 10 سالن کان گهٽ نه هوندي.اِها سزا 25 سالن کان وڌيڪ به نه هوندي.
    قتل بسبب
    قتل بسبب اِهو ڏوهه آهي جنهن ۾ مڪ ماڻهو ڄاڻي واڻي ڪنهن ٻئي کي خطرناڪ اوزارن سان زخم پهچائي جنهن جي ڪري موت واقع ٿي پوي اهو قتلِ بسبب آهي.
    سزا
    هن عمل جي سزا ديت وٺي سگهجي ٿي ۽ جي ديت نه ته 25 سال قيد جي سزا اچي سگهي ٿي.
     
    ashfaq ali، فقير بخت شر، محمد ع سومرو ۽ 4 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڀيڻ حرا کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار....
    سنڌ سلامت جو روحِ روان محترم سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جن پڻ سنڌ سلامت تي ملڪي قانون بابت آگاهيون ڏيندا رهندا آهن.. توهان ۽ سندن جا لک لائق .. جو اهڙي معلومات اڪثر ڳوليو پڻ نه ملندي آهي..
    توهان جي هن ليک مان هڪ ڳالهه ضرور معلوم ٿي ته قتل ٿيڻ کان پوءِ ان جي سزا واردات جي طريقي ۽ قاتل جي نيت کي سامهون رکڻ سان گڏو گڏ قتل جي سبب کي پڻ سمجهندي ڏني ويندي آهي.. جنهن کي عام ماڻهون قانون جي اهڙي لچڪ سمجهندو آهي جنهن مطابق هڪ قاتل ڦاهي چڙهيو وڃي ته ٻيو قاتل ڪجهه ئي وقت ۾ ٻاهر ٻئي قتل ڪرڻ لاءِ گهمندو نظر ايندو آهي..
    خير هتي ڪجه سوال ذهن ۾ به اڀرن پيا...
    • ڇا گهر ۾ گهڙي ايندڙ چور کي اهڙو ڌڪ هڻجي جو هُو مري پوي به قتل آهي ۽ ان جي سزا به آهي...؟
    • قتل جو بدلو وٺندي ڪو قتل ڪري ٿو ته ان جي ڪهڙي سزا آهي؟
    • هڪ ماڻهون ٻئي ماڻهون کي قتل ڪندي ڏسي پيو ۽ قاتل کي قتل ٿو ڪري ته ان جي سزا ڇا هوندي؟
    • غيرت جي نالي تي ڪيل قتل جي سزا ڇا آهي؟
    • ڪو ماڻهون مذهبي جذبات ۾ مخالف فرقي جي ماڻهون کي قتل ٿو ڪري ته ان جي سزا ڇا هوندي..؟

    اميد ته مختصر پر واضح جواب عنايت ڪندا...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڪنهن به شهري کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي.چور گهر ۾ گهڙي ا چي ته پوليس کي اطلاع ڏجي.پر موقع تي چور طرفان مارڻ جو خطرو هجي ته اهو قتل نه پر پنهنجي بچاو آهي جيڪو قتل جي دائري ۾ نه ٿو اچي.
    قتل جو بدلو وٺڻ جو اختيار ڪنهن کي نه آهي پر قانون طرف رجوع ڪيو ويندو.
    قاتل کي قتل ڪرڻ جو به،ڪنهن کي اختيار ناهي پر ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو.
    غيرت ۾ قتل به قتل آهي ۽ ست سال آهي ان کان علاوه هن ڪيس ۾ حد به لاڳو ٿيندو آهي.
    ۽ ڪنهن به ماڻهو کي فرقي جي بنياد تي قتل نه ٿو ڪري سگهجي.پر جيڪڏهن ڪير ٻئي ڪنهن جي فرقي يعني ڪنهن جي مذهبي عقيدي کي ڇيهو رسائي ان جي هڪ سال جي سزا ڏيندي ويندي ۽ فائن سان گڏ.
    نوٽ: حد اها سزا آهي جيڪا قرآن و سنت مطابق ڏني ويندي........
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    سٺي ڄاڻ ڏنو ايئن واري ڦيري سان ٻين معاملن تي به قانوني ڄاڻ ڏيندا رهو ته مھرباني ٿيندي
     
  6. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ادي طرفان سٺي معلومات ونڊ ٿي آهي اسان به ادي کي سنڌ سلامت اچڻ تي ڀلي ڪار چئون ٿا .
    ان سان گڏ هڪ عرض به آهي ته اسان جي سوالن جا به جواب ڏنا وڃن ته مهرباني . اهي ٻئي صفحه تي لکيل آهن . مهرباني
     
  7. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    حرا سٺي ڄاڻ ڏنو ايئن واري ڦيري سان ٻين معاملن تي به قانوني ڄاڻ ڏيندا رهو ته مھرباني ٿيندي، خاص ڪري اھي معاملا جيڪي عام طور هر ماڻھوء کي پيش اچن ٿا۰
     
  8. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    هڪ سوال مان به ضرور ڪندس ته ڪو سرڪاري ملازمت وارو ماڻهو (پاڪستان جي آئين ۽ دستور موجب) ميڊيا رپورٽر ٿي سگهي ٿو...؟ يا نه....؟ ڇو جو ميڊيا سان رليٽڊ اڪثر شخص سرڪاري ادارن ۾ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن...؟
     
  9. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڪنهن به سرڪاري عهديدار کي،ٻن آفيسن ۾ ڪم جي اجازت قانون ۾ نه آهي.پر هتي پاڪستان ۾ عوام پڻ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آهي......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو