1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

رات به منهنجي روح ستي سانگي ساريا

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ علي وقاص سنديلو طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2016۔

  1. علي وقاص سنديلو

    علي وقاص سنديلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    دنيا جو ارڙهون نمبر ريگستان رڻ ڪڇ ۽ 22000 چورس ڪلو ميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي پاسي پنهنجي منفرد حيثيت ۽ معدنيات سان مالا مال ٿرپارڪر جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ صدين کان وساريل ڏڪار جي ور چڙهندو رهيو آهي، هن ڌرتي جي گولي تي ڪيترائي وڏا ريگستان موجود آهن پر هڪ وڏي ايراضي تي پکڙيل سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي موجود رڻ پٽ ٿر جي هڪ پنهنجي سڃاڻ آهي، لفظ ”ٿر“ سنسڪرت جي لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خشڪ ملڪ، جتي ڪوبه درياهه نه هجي، سٿل کانپوءِ ان کي ٿل ۽ ٿل کانپوءِ وڃي ٿر نالو پيو. مختلف ثقافتي رنگن سان رڱيل هن ريگستان جي سونهن جو به ڪو مٽ ڪونهي پوءِ کڻي اها رات جو چنڊ جي چانڊوڪي جي سونهن هجي يا اسر ويل چمڪندڙ ريتي جو سمنڊ يا مورن جو بڻ ۾ گهمڻ، هن وارياسي علائقي جي رهواسين جا ڳوٺ وستيون تمام سهڻا ۽ پري پري جهوپڙيون ٺهيل آهن جن کي ”چنئورو“ سڏيو وڃي ٿو، هڪ گول ڪچي ڀت جي مٿان چوٽيارو ڪکائون ڇاپرو ڏنل هجي ٿو، چنئوري جي ڀت کي هوا جي گذر لاءِ ننڍڙيون دريون ٺاهيون وڃن ٿيون، نظر ڦيرائجي ته جيستائين نظر پوي ٿي اهي گهرڙا ڪوهه ڪوهه پري پري ٺهيل آهن، جيڪي پري کان ڏسجندي تمام سهڻا لڳن ٿا، انهن جو ڳوٺ ۾ ئي شمار ڪيو وڃي ٿو. هتان جي ماڻهن ۾ محبت جا ڏيک اوهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا، ٿر جا مور ٿر جي سونهن کي ٻيڻو ڪري ڇڏين ٿا.

    گهڻي وقت کان دل ۾ اها خواهش هئي ته ٿرپارڪر وڃي ٿر جي امن ۽ محبت پسند ماڻهن ثقافت سان ڀريل آثارن طرف وڃجي ۽ اتان جي نظارن، ڏڪارين ماروئڙن جي گهرن ۽ سندن حال کي ڏسجي، سندن ڏکن سورن ۽ سهولتن بابت ڄاڻ وٺجي، آخرڪار اهو موقعو مليو، ٿرپارڪر ڏانهن اهو سفر ڪراچي پريس ڪلب کان شروع ٿيو، جيڪو پاڪستان ڪائونسل آف ميڊيا وومين جي صدر حميرا موٽالا طرفان آرگينائز ڪيو ويو هيو. پهريان ئي اسين مٺي ۾ موجود آر او پلانٽ Reverse osmosis پهتاسين، اهو پلانٽ pak oasis ڪمپني طرفان اتي لڳايو ويو آهي، هن پلانٽ جو ڪم هتان جي زمين مان نڪرندڙ کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ آهي، پاڻي هڪ طرف کان ان پلانٽ ۾ کاري حالت ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف کان اهو مٺي حالت ۾ نڪري اچي ٿو. ان طريقيڪار کي reverse osmosis چون ٿا، اهو پلانٽ سولر سسٽم ذريعي هلايو وڃي ٿو، سولر پليٽن مان حاصل ٿيندڙ بجلي سڌي ريت آر او پلانٽ کي فراهم ڪئي وڃي ٿي جيڪا بنا ڪنهن بيٽري جي سڌي ريت پلانٽ کي هلائيندي رهي ٿي. اهو پلانٽ اتان جي هڪ وڏي علائقي کي پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي، RO پلانٽ تي موجود عملدارن مطابق هتي جي انتظاميا کي جيتري گهرج هجي ٿي ان مطابق اسين کين پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيون.پلانٽ ٻاهران پاڻي جون نلڪيون لڳايون ويون آهن جتان علائقي جا ماڻهو بالٽين، وڏين گگهين، بوتلن ۽ ننڍين ٽانڪين ۾ پاڻي پنهنجي گهرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. پاڻي کڻي وڃڻ لاءِ گڏهه گاڏا استعمال ڪيا وڃن ٿا، گڏهن سان ٻڌل گاڏن تي بوتلون رکي انهن کي کنيو وڃي ٿو. اسان کي مختلف هنڌن تي لڳايل آر او پلانٽس ڏيکاريا ويا، جتي پاڻي هجڻ سبب ڳوٺاڻن ۾ سرهائي نظر آئي.

    ٻئي صبح تي اسين مٺي کان ڪجهه پري گوٺ گوديال پهتاسين، جتي ساڳي ئي ڪمپني جو ٻيو آر او پلانٽ لڳل هيو، گاڏي مان لهندي ئي پهريان ئي نظر اتي موجود اٺن تي پئي جيڪي پلانٽ ٻاهران لڳل حوض مان پاڻي پي رهيا هئا، پلانٽ جي ڀر ۾ هڪ پرائمري اسڪول موجود هو، ڪجهه ٻارڙا اسڪول ٻاهران موجود هئا ۽ عورتون دلا مٿي تي کڻي پلانٽ ٻاهران لڳل وڏي نلڪي مان پاڻي ڀري رهيون هيون.اهو خوبصورت منظر ڏسي مونکي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جو عڪس نظر ٿي آيو، جيئن شاهه صاحب انهن مارن کي پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي، هوبهو اهي ائين ئي منهنجي اکين اڳيان اهو منظر هيو. ڪشاديون گهٽيون، ويڪرا گهر ”چنئورا“ عورتون ڇپر جي ڇانو ۾ ويٺل هيون، چوڌاري واري جو سمنڊ ۽ ننڍا ننڍا جبل ۽ ٽڪريون موجود هيون، اتان جي ماڻهن پاران پنهنجي استعمال جي لاءِ گهر ويجهو سيمنٽ جي هڪ ٽانڪي ٺاهي وئي هئي جنهن هو پاڻي جمع ڪري اتا ضرورت موجب استعمال ڪري رهيا هئا. عورتن جي ٻانهن ۾ پهريل اڇي رنگ جون چوڙيون ان ڳالهه جي نشاني هجن ٿيون ته اهي پرڻيل آهن، جيڪي ڪنواريون هجن ٿيون اهي چوڙيون نه پائين. هن ڳوٺ گوديال جي رهواسين جو گذر سفر جو ذريعو ڍور آهن، وٽن ٻڪريون ۽ رڍون اٺ آهن ڪجهه وٽ ڳئون به آهن، هي ٻڪرين جو کير، ڳئون جو کير، ديسي گيهه، ماکي ۽ لسي واپرائين ٿا، پاڻي ملي ته هتي مڱ، تر ۽ ٻيون داليون ٿين، جوار يا ڪڻڪ جي ماني کائن ٿا، هڪ جهوپڙي ۾ عورت منجهند جي ماني پچائي، ڪڻڪ جي مکيل ماني ۽ لسي جيڪا مان به ان ئي جهوپڙي ۾ ويهي کاڌي ۽ لسي جو وٽو به پيتو. عورتن کان نياڻين جي شادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سندن چوڻ هو ته اهي پنهنجي نياڻين کي 15 کان 16 سالن جي عمر ۾ پرڻائي ڇڏين ٿيون، هڪ پيرسن عورت ٻڌايو ته کيس گوڏن ۾ سور آهي ۽ هتان کان اسپتال گهڻي پري آهي، هتان جا ماڻهو پهريان ئي جڙي ٻوٽين ذريعي مريض جو علاج ڪن ٿا، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ بگڙي وڃي ٿي ته مريض کي اسپتال ڏانهن نيو وڃي ٿو. هتي گيس ۽ بجلي جو ڪوبه نظام موجود ناهي، پاڻي ته آر او پلانٽ کان ملي وڃي ٿو پر ان مان رڳو ويجهن ڪجهه ڳوٺن جا ماڻهو فائدو وٺي سگهن ٿا جڏهن ته ڏورانهن ڳوٺن جا ماڻهو ساڳيو پاڻي جي کوٽ واري تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن ريگستاني علائقن ۾ موبائل فون جا سگنل پڻ نٿا اچن، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورتحال کين رابطي جا لاءِ ڪوبه ذريعو موجود ناهي. هتي مسلمان توڙي هندو وڏي محبت ۽ امن سان رهن ٿا هڪ ئي هنڌان پاڻي ڀرن ٿا، عورتون دلا ۽ مرد گهگهيون ڀري کڻي وڃن ٿا، ڳوٺ ۾ مسجد پڻ موجود آهي جتي مسلمان نماز ادا ڪن ٿا، هڪ ڳوٺاڻي ٻڌايو ته آر او پلانٽ 4 سال اڳ لڳايو ويو آهي، آر او پلانٽ لڳڻ کان اول هتي جانور توڙي انسانن جون حياتيون خطري ۾ هيون، مور به مرندا هئا ته ٻارڙا به، پاڻي نه هجڻ سبب کاڌ خوراڪ جي تمام گهڻي کوٽ هئي، برسات پوندي هئي ته جانورن کي چارو به ملندو هيو، جي برسات نه پوي ته جانور به مرن ته، تازا ڄاول ٻار توڙي عورتون به ڏڪار سبب حياتيون وڃائينديون هيون، جڏهن کان آر آو پلانٽ لڳو آهي ته پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن سبب جانورن جو مرڻ بند ٿيو آهي ۽ بيماريون پڻ گهٽجي ويون آهن، ڇو ته کارو پاڻي واپرائڻ سان ڳوٺاڻن ڦڦڙن جي بيماري ٿيڻ عام ڳالهه هئي. ڳوٺاڻي اقبال چيو ته هتي مڊل ۽ هاير اسڪول به ٺهرائي ڏنو وڃي جڏهن ته هتي عورت استاد جي پڻ سخت ضرورت آهي نياڻيون اسڪول ڏانهن عورت استاد نه هجڻ جي ڪري ناهن وينديون، اسان وٽ بجلي، گيس ته ڪونه آهي پر اسپتالون به تمام گهڻو پري آهن، ننڍيون ڊسپنسريون موجود آهن جن ۾ علاج جون سموريون سهولتون موجود ناهن، ڊاڪٽر پڻ گهٽ آهن جنهن سبب علاج لاءِ مريضن کي وڏي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسپتالن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڊسپنسريون وڏيون بڻايون وڃن جتي دوائن جي کوٽ کي به ختم ڪيو وڃي.

    ڳوٺ گوديال کان پوءِ اسلام ڪوٽ ۾ موجود سرڪاري اسپتال جو رخ ڪيوسين، جمعي جو اڌ ڏينهن موڪل هجڻ سبب ساڍي ٻارهين وڳي تائين او پي ڊي بند ٿي چڪي هئي، ڊاڪٽرن جي ڪمرن کي تالا لڳي چڪا هئا، اڪثر عملدار موجود نه هئا، اتي ڪم ڪندڙ اين جي او جو عملو موجود هيو، نرسون موجود هيون اسان جي پهچڻ کانپوءِ هڪ اڌ ڊاڪٽر به ڪٿان ظاهر ٿي پيا، جن صحافين کي اسپتال ۾ علاج جي سهولتن سميت مريضن جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ شروع ڪئي، اتي موجود نرس ٻڌايو ته هتان جون عورتون ٻار ڪمزور ڄڻين ٿيون، پهريان ئي اهي بيمار ٻار جو علاج پنهنجي طور تي ڪن ٿيون، جڏهن ٻار جي حالت گهڻي خراب ٿئي ٿي ته کيس اسپتال وٺي اچن ٿيون ۽ ٻار گهڻا ڪمزور هجڻ سبب اهي فوت ٿين ٿا، خوراڪ جي کوٽ به بجا آهي، پاڻي کارو هجڻ سبب ويجهن ڳوٺن ۾ بيماريون به جام آهن، اسپتال جي گيٽ ٻاهران ويٺل مريضن سان ڳالهائيندي هڪ مريض بچل ٻڌايو ته هو ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري اندازي مطابق چار هزار رپيا ڀاڙو ڀري هتي پهتا آهن، هن چيو ته ڊاڪٽرن علاج ڏنو آهي پر فائدو ٽڪي جو ڪونهي، ويٺا آهيون الله جي آسري، مريض سان ڳالهائي ئي رهيو هيس ته هڪ ڳورهاري عورت کي اسپتال آندو ويو، جنهن کي ٻه عورتون سهارو ڏئي وٺي اچي رهيون هيون، ايمرجنسي جي صورتحال ۾ اسپتال ۾ اسٽريچر موجود هوندو آهي جنهن تي مريض کي ليٽائي ايمرجنسي روم ۾ نيو ويندو آهي پر هتي اسٽريچر موجود نه هيو، عورت کي ساڻس گڏ ٻن عورتن جي سهاري سان اسپتال اندر آندو ويو، اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي ته موجود هئي ڪونه، سو عملي مان ڪنهن ڊاڪٽرياڻي کي فون ڪري گهرائي ورتو، ڊاڪٽرياڻي به ٿوري دير ۾ پهتي، عورت جو حال ڏسي ڊاڪٽرياڻي ڳورهاري عورت کي ٻي اسپتال (سول اسپتال مٺي) ريفر ڪرڻ جو چئي ڇڏيو، عورت کي وري سندس وارث ٻئي هنڌ کڻي نڪري هليا ويا.

    اسلام ڪوٽ اسپتال کانپوءِ اسلام ڪوٽ ۾ موجود سنت نيڻورام آشرم ۽ مندر طرف وياسين، آشرم تائين پهچندي شام ٿي چڪي هئي، سج لهي چڪو هو، هن مندر ۾ سموري ٿر سميت پري پري کان هندو مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهو اچن ٿا، جيڪي هن مندر ۾ ٿيندڙ پوڄا ۾ حصو وٺن ٿا ۽ آنند ماڻين ٿا، سنت نيڻو رام کي هندو برادري سندن مرشد مڃي ٿي، هن مندر ۾ ٻين ڀڳوانن (مورتين) سميت سنت نيڻو رام جي مورتي پڻ موجود آهي، جتي سندس مريد اچي پوجا ڪن ٿا، هندو مذهب جون ناريون ان پوڄا ۾ حصو وٺن ٿيون، چوويهه ئي ڪلاڪ هتي لنگر هلندو رهي ٿو، خدمتڪار جن شيوڪ شيواڪاري چون ٿا، اهي هن مندر سميت آيل پانڌيئڙن جو به خيال رکن ٿا، آشرم ۾ سنت نيڻو رام جو ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ هندو برادري شريڪ ٿيندي آهي، هتي موجود مورتين مان ڪجهه مورتيون چاندي جون آهن، ڌار ڌار ڪوٺڙيون ٺهيل آهن جن ۾ مختلف ڀڳوان (مورتيون) رکيل آهن جن جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، مندر جي صحن جي پويان هڪ کوهه موجود آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو کوهه سنت نيڻو رام کوٽيو هيو. هن مندر ۾ ڪجهه جوڙا شاديون پڻ ڪرڻ اچن ٿا.هتان جي شيوڪن اسان کي مندر گهمايو، آخر ۾ هڪ شيوڪ مونسان گاڏي ۾ اچي مليو ۽ چانهه جي طلب ظاهر ڪرڻ تي هو اسان پنج ڄڻن جي لاءِ چانهه ٺهرائي کڻي آيو. چانهه جو ذائقو نمڪين هيو ڇو ته اها کاري پاڻي جي ٺهيل چانهه هئي. مندر ۾ موجود ٻار مونکي سنڌي ڳالهائيندي ڏسي ۽ سندن مندر گهمندي ڏسي خوش ٿي رهيا هئا ۽ مونکا پري نه ٿي ويا، هڪ ڀوري رنگ جو ٻارڙو سنجي ته آخر ۾ مونکا ٻيهر موڪلائڻ به آيو.

    ٿرپارڪر جي دوري جي آخري ڏينهن اسين هڪ تاريخي مندر ۽ هڪ قديمي مسجد ڏانهن وياسين، ننگر پارڪر ۾ موجود گوڙي مندر پهتاسين، جين ڌرم جو اهو مندر اهڙي زبون حالت ۾ هيو ڄيئن کنڊر هجي، مندر جا ڪيترائي پٿر مندر جي احاطي ۾ ڪريل هئا، مندر کي ٻاهران ڏسجي ته مندر مٿان چار پنج قبا ٺهيل آهن، سڄي پاسي اندر داخل ٿيڻ جو گيٽ آهي، اندر اچڻ سان مٿان واري قبي تي ٿيل چٽسالي فن تعمير جو هڪ شاندار نمونو آهي، جنهن تي بادشاهه، گهوڙا، ۽ ٺهيل عورتون ڏسي ائين لڳي رهيو آهي ته اهي راڻيون ڏيکاريون ويون آهن، ان مندر تي ڪير به سار سنڀال لاءِ موجود ڪونه هيو جڏهن اهو مندر گهڻو قديم هجڻ جي باوجود ان جي زبون حالي جو ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو. اهو گوڙي جو مندر گهمڻ بعد اسين ننگرپارڪر جي مشهور ماڳ ڳوٺ ڀوڏيسر پهتاسين، ڳوٺ ڀوڏيسر ۾ هڪ قديمي مسجد موجود آهي، اتان جا آثار اهڙو ڏيک ڏئي رهيا هئا ڄڻ هتي ڪو وقت اڳ وڏي خوشحالي هوندي هئي، آثارن مان خبر پوي ٿي ته هتان جا ماڻهو تمام خوشحال هئا. ڀوڏيسر جي مسجد تلاءَ جي ڪناري تي ٺهيل آهي، هن مسجد کي ”ڀوڏيسر جي مسجد“ سڏيو وڃي ٿو، چيو وڃي ٿو ته هيءَ مسجد اڳ ۾ جين ڌرم جو مندر هيو، هن جي تعمير 1505ع ۾ ٿي. اها تاريخي مسجد پڻ زبون حالي جو شڪار آهي، ڀوڏيسر مسجد جي پٺيان ڀوڏيسر تلاءَ موجود آهي، تلاءَ جي پويان جبل آهن ۽ اتان ٿورو اڳتي جين ڌرم جو هڪ ٻيو مندر موجود آهي. جنهن جي حالت به خسته حاصل آهي. ڀوڏيسر ڳوٺ جي آثارن، مسجد ۽ مندر گهمڻ بعد اسان ڳوٺ ڀالوا پهتاسين، ڳوٺ ڀالوا ۾ ماروي جو کوهه موجود آهي، ماروي جي کوهه واري هنڌ تي صوفي فنڪار ڪلام ”جيڪر هيس ڌاري“ چئي رهيا هئا، وٽن دهل ۽ باجو هيو، ان کان اندر هڪ جهور پوڙهو بين وڄائي رهيو هو، اندر ميوزيم نموني پراڻا ٿانو، حقو، پليٽون ۽ ٻن عورتن ۽ هڪ مرد جو مجسمو پيل آهي.

    مٺي، ٿرپارڪار، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ڀالوا ۽ ڀوڏيسر جا علائقا گهمڻ کانپوءِ اها خبر پوي ٿي ته هتان جي رهواسين وٽ پنهنجو مال متاع جيڪو سندن گذر سفر جو ذريعو آهي، اهو موجود آهي، جيئن ته هي کارو پاڻي واپرائن ٿا جنهن سبب بيماريون به جنم وٺن ٿيون ۽ جن علائقن ۾ آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن، اهي علائقا خوشحالي ۽ ترقي طرف وڌي رهيا آهن، آر او پلانٽ لڳايل علائقن ۾ ٿر جي زمين تي ڪدو، وانڱڻ، مرچ ۽ ٻيون ڀاڄيون پڻ ڦٽي رهيون هيون، جيڪڏهن آر آو پلانٽن جو تعداد وڌائي هر ڳوٺ جي ويجهو آر او پلانٽ موجود هجي ته ٿر جي طاقتور زمين به ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل پيدا ڪري سگهي ٿي. آر او پلانٽ هجڻ سان نه رڳو ڳوٺاڻن کي مٺو پاڻي فراهم ٿيندو پر بيماريون پڻ ختم ٿينديون ۽ جهنگلي جيوت کي آيل خطرو پڻ ٽري ويندو، جڏهن ته رهيل ڳوٺن ۾ ڏڪار واري صورتحال به ختم ٿي ويندي. ٻئي پاسي مختلف هنڌن تي موجود ڊسپينسرين ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي، اسپتالن جو انگ وڌايو وڃي ۽ اسپتالن ۾ علاج سان لاڳاپيل سموريون سهولتون توڙي دوائون مهيا ڪيون وڃن، جڏهن ته ڳوٺاڻن جي مطالبي مطابق سندن ڳوٺن ۾ رڳو پرائمري نه پر مڊل اسڪول به ٺهرائي ڏنا وڃن، حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ٿر واسين لاءِ وڌيڪ آر او پلانٽس ٺهرائي ڏنا وڃن جيئن ٿر واسين جي مشڪلاتن جو تدارڪ ٿي سگهي ۽ ٿر به ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو