خداآباد ثاني

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين شبير احمد قريشي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل:

    خداآباد ثاني:

    ڪجه ڏينهن اڳ اسان جي پياري دوست مير الطاف حسين ٽالپر پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هالا جي ڀر موجود پنهنجن وڏڙن جي مزارن ۽ خداآباد جو ذڪر ڪيو ته مان به هيڪر ڀلجي ويس ته خداآباد ته هڪ ئي آھي دادو جي ڀر ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت جو تخت گاه هي خداآباد ڪهڙي آھي تجسس رهيو. هن دفعي هالا وڃڻ ٿيو سائين بوزدار مصطفي گڏ هئو. سائين شبير ڪيرئي جي ڳوٺ ويندي واٽ تي مقبرن تي نظر پئي. سائين غلام شبير ڪيرئي جي آگاهي ۽ اتساهي ڏيارڻ تي اسان کي زيارت جو شوق ٿيو .سائين گاڏي جو رخ اوڏانهن موڙيو. پڪو روڊ ٺھيل هئو سنڌو ڪناري ڏھ منٽن اندر اتي هئاسين .سڀ کان اڳ بزرگن حڪمرانن جي پرشڪوه قبرن جي زيارت ڪري فاتحه پيش ڪيوسين پوء ڳولا معلومات ۽تجسس هيٺ بحث، فوٽوگرافي ۽ مقامي رهاڪن سان ڳاله ٻوله جو سلسلو هليو.انهيءسلسلي ۾ هڪ ڳاله عرض ڪندو هلان خداآباد ثاني جو بنياد وجهندڙ ميان سرفراز ڪلهوڙو آهي جن جي ڏينهن ۾ئي ڪلهوڙن وچ ۾ نااتفاقي شروع ٿي ڪلهوڙن حڪومت وڃائي ۽ٽالپور حڪمران ٿيا. بعد ۾ هي خداآباد ڪو وقت ٽالپورن جو محفوظ قلعو ۽ پناه گاه رهي. خدا آباد ثاني ڇو تباه ٿي.؟ پر آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي به هڪ عاليشان وسندي رهي آھي. قابل ذڪر آثارن ۾ هڪ مسجد ٻه ٽي مکيه مقبرا وسيع ايراضي تي مشتمل صحن پکڙيل قبرون ۽ هڪ سهڻو باغ آھي. باغ ۽آثارن جي سنڀال لاء ميرن طرفان هڪ خادم مقرر آهي بقول خادم ته مون کي وارثن طرفان وظيفو به ملي ٿو. مڪليء جا آثار هجن يا چوڪنڊي جا قبرستان . يار محمد ڪلهوڙي جا مقبرا هجن يا پڪي قلعي جون قبرون سڀني جو طرز تعمير هڪ جهڙي. قبرون پٿرن جون، آيتون اُڪريل اڃا به پنهنجي شان شوڪت سان قد بت سان انهيء ڪر و فر سان قائم ۽دائم آهن. ان وقت جا حڪمران رهندا به شان شوڪت سان هئا ۽ دفن ٿيڻ به شان شوڪت سان پسند ڪندا هئا.


    [​IMG]
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪجھ وڌيڪ تصويرون به هجن ته سنگت سان ونڊجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    واھ سائين واھ
     
  4. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خداآباد ثاني.
    ڪجه ڏينهن اڳ اسان جي پياري دوست Mir Altaf Hussain Talpur پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هالا جي ڀر موجود پنهنجن وڏڙن جي مزارن ۽خداآباد جو ذڪر ڪيو ته مان به هيڪر ڀلجي ويس ته خداآباد ته هڪ ئي آھي دادو جي ڀر ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت جو تخت گاه هي خداآباد ڪهڙي آھي تجسس رهيو.هن دفعي هالا وڃڻ ٿيو سائين بوزدار مصطفي گڏ هئو. سائين شبير ڪيرئي جي ڳوٺ ويندي واٽ تي مقبرن تي نظر پئي .سائين غلام شبير ڪيرئي جي آگاهي۽اتساهي ڏيارڻ تي اسان کي زيارت جو شوق ٿيو .سائين گاڏي جو رخ اوڏانهن موڙيو. پڪو روڊ ٺھيل هئو سنڌو ڪناري ڏھ منٽن اندر اتي هئاسين .سڀ کان اڳ بزرگن حڪمرانن جي پرشڪوه قبرن جي زيارت ڪري فاتحه پيش ڪيوسين پوء ڳولا معلومات ۽تجسس هيٺ بحث، فوٽوگرافي ۽ مقامي رهاڪن سان ڳاله ٻوله جو سلسلو هليو.انهيءسلسلي ۾ هڪ ڳاله عرض ڪندو هلان خداآباد ثاني جو بنياد وجهندڙ ميان سرفراز ڪلهوڙو آهي جن جي ڏينهن ۾ئي ڪلهوڙن وچ ۾ نااتفاقي شروع ٿي ڪلهوڙن حڪومت وڃائي ۽ٽالپور حڪمران ٿيا. بعد ۾ هي خداآباد ڪو وقت ٽالپورن جو محفوظ قلعو ۽ پناه گاه رهي. خدا آباد ثاني ڇو تباه ٿي.؟ پر آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي به هڪ عاليشان وسندي رهي آھي. قابل ذڪر آثارن ۾ هڪ مسجد ٻه ٽي مکيه مقبرا وسيع ايراضي تي مشتمل صحن پکڙيل قبرون ۽ هڪ سهڻو باغ آھي. باغ ۽آثارن جي سنڀال لاء ميرن طرفان هڪ خادم مقرر آهي بقول خادم ته مون کي وارثن طرفان وظيفو به ملي ٿو. مڪليء جا آثار هجن يا چوڪنڊي جا قبرستان . يار محمد ڪلهوڙي جا مقبرا هجن يا پڪي قلعي جون قبرون سڀني جو طرز تعمير هڪ جهڙي. قبرون پٿرن جون، آيتون اُڪريل اڃا به پنهنجي شان شوڪت سان قد بت سان انهيء ڪر و فر سان قائم ۽دائم آهن. ان وقت جا حڪمران رهندا به شان شوڪت سان هئا ۽ دفن ٿيڻ به شان شوڪت سان پسند ڪندا هئا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو