فيس بوڪ بابت ڪجهه اهم ٽپس ۽ ٽرڪس

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

    [​IMG]

    توهان يقينن فيس بوڪ ڪافي وقت کان استعمال ڪندا رهيا آهيو پر جيڪڏهن مان توهان کي فيس بوڪ ڪجهه اهڙيون لڪيل شيون ڏسيان جن کان توهان اڻ واقف هجو ته توهان کي ڪيئن لڳندو..؟ :)

    ********​

    بعد ۾ تسلي سان پڙهڻ لاءِ پوسٽ يا لنڪس کي محفوظ رکو

    سليمان وساڻ هڪ انتهائي ڪارائتو ۽ شاندار آرٽيڪل فيس بوڪ تي موڪليو پر هاڻي ڇا ڪجي جو هن وقت مان انتهائي مصروف آهيان مون وٽ رڳو فيس بوڪ تي اپڊيٽ ڏسڻ جو ئي وقت آهي.. جنهن ڪري هي تفصيلي ليک مان بعد ۾ تسلي سان پڙهڻ چاهيان ٿو.. پر ادا سليمان روزانو فيس بوڪ تي ايتريون ٿو پوسٽ موڪلي جو اهو ليک واري ڳوليو ملي سو ملي...
    ڀلو ٿئي مسٽر ٽيلر جو جنهن فيس بوڪ ۾ هڪ آپشن جو اضافو آندو آهي .. هاڻي توهان ڪنهن به ليک کي بعد ۾ تسلي سان پڙهڻ لاءِ محفوظ بڻائي سگهوٿا... ان لاءِ ڪنهن به پوسٽ تي مٿي موجود ننڍي تير جي نشان تي ڪلڪ ڪريو ۽کلندڙ پاپ اپ منجهان Save link آپشن تي ڪلڪ ڪريو .. جنهن سان اهو لنڪ کاٻي پاسي واري پين تي Saved نالي فولڊر ۾ محفوظ ٿي ويندو... :)


    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    آن دِس ڊي فيچر
    ڪڏهن توهان سوچيو آهي ته سليمان وساڻ هيترن سارن دوستن جي سالگراهن کي ياد ڪهڙي طرح ٿو ڪري؟ ۽ وري انهن لاءِ وشنگ ڪارڊ ڪيئن ٿو ٺاهي..؟ ۽ جيڪڏهن اڳ ڪارڊ ٺاهي موڪليا هيائين ته کيس اهي ياد ڪهڙي طرح آهن ۽ وري ٻيهر انهن کي ڳولي شيئر ڪيئن ٿو ڪري..؟
    ته پوءِ اهو سوچي راز تان پردو کڻجي ٿو ته سليمان ان سلسلي ۾ ڪاوڙ نه ڪندو... :)
    جي ها دوستو هي فيس بوڪ جو آن دِس ڊي فيچرئي آهي جنهن اهڙو مشڪل ڪم سليمان وساڻ لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو آهي... ۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ته ايتري آساني توهان لاءِ به ٿي سگهي ٿي.. ۽ توهان به اهو فيچر استعمال ڪندي معلوم ڪري سگهو ٿا ته اڄوڪي ڏينهن تي گذريل سال يا ان کان به اڳين سالن ۾ ڇا ٿيو هو..؟ ۽ توهان ڪهڙي پوسٽ موڪلي هئي..؟
    بس توهان کي ڪرڻو رڳو ايترو آهي ته فيس بوڪ تي لاگ ان ٿي رڳو هن لنڪ تي اچو... :)


    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي فيس بوڪ سرگرمين کي ٽريڪ ڪريو..

    پنهنجي فيس بوڪ سرگرمين کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ توهان پنهنجي پروفائيل تي اچو ۽ View Activity Log تي ڪلڪ ڪريو.. هي فيچر استعمال ڪندي توهان اهو پڻ معلوم ڪري سگهندو ته بي خيالي ۾ ڪاٿي توهان فيس بوڪ تي نامناسب سرگرمي ته نه ڪئي آهي.. :)


    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ....

    پاڻ انهن ٽنهي فيچرس مان فائدو وٺي رهيا آهيون. فيسبوڪ جا اهي فيچر لاجواب آهن، جن آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي پروفائيل کي ڪنهن ٻئي جي اک سان ڏسو..

    پنهنجي پروفائيل تي اچي View Activity Log جي ڀرسان ٽن ڊاٽس نما آئڪان تي ڪلڪ ڪريو ۽ کلندڙ ڊراپ ڊائون مينو منجهان View As تي ڪلڪ ڪريو بلڪل هن اسڪرين شاٽ وانگر... :)


    [​IMG]

    هاڻي توهان ڪنهن به فيس بوڪ يوزر جو نالو لکوته توهان ڏسي سگهندو ته ان يوزر کي توهان جو پروفائيل ڪيئن ٿو نظر اچي... :)


    [​IMG]

    اهڙي طرح توهان اهو به معلوم ڪري سگهندو ته توهان جي فيس بوڪ پروفائيل جي پرائيويسي ڪهڙي طرح رکيل آهي... :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    صرف خاص ماڻهن لاءِ پوسٽ ٺاهيو..

    پنهنجي پوسٽ تيار ڪريو ۽ هيٺ موجود بٽڻ مان پوسٽ ڀرسان موجود فرينڊس يا پبلڪ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.. جنهن کان پوءِ ڊراپ ڊائون مينو منجهان custom تي ڪلڪ ڪري رڳو اهو ماڻهو چونڊيو جن کي هي پوسٽ ڏيکارڻ چاهيو ٿا.. چاهيو ته انهن کي متوجه ڪرڻ لاءِ پوسٽ ۾ ٽيگ به ڪري سگهو ٿا... :)


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٿوري جاسوسي ڪريو.. :)

    توهان اطلاع وصول ڪري سگهوٿا ڪنهن مخصوص دوست جا جڏهن به هو ڪا پوسٽ اپڊيٽ ڪري... اهو فيچر فعال ڪرڻ لاءِ توهان دوست جي پروفائيل تي وڃو ۽ friend بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي ڊراپ ڊائون مينو مان Get Notification آپشن تي چيڪ لڳايو.. هاڻي جڏهن به توهان جو هي دوست ڪا پوسٽ اپڊيٽ ڪندو ته ان جو اطلاع توهان کي فيس بوڪ طرفان موڪليو ويندو... :)


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سمجهائڻ جي انداز جي تعريف ته اڳ ئي ٿي چُڪي آهي ڇو ته اوهان وڏا ”اُستاد“ آهيو. بس هڪ خواهش ته اُميد اٿم هن ڪم ڪندي رُڳو اسڪرين شاٽ ئي نه ورتو هوندؤ. اهو فيچر لاڳو به ڪيو هوندؤ :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو