عورتن جي مغربي آزادي واري گُهر بابت هڪ تجزيو !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2016۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    بگهڙن ٻڪرين جِي آزادي جي حق ۾ جلوس ڪڍيا ته ٻڪرين کي آزادي ڏيو، ٻڪرين جا حق ماريا ٿا وڃن! انهنکي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو آهي. هڪ ٻڪريءَ جڏهن اهو آواز ٻُڌو ته ٻين ٻڪرين کي وڃي چيائين ته ٻُڌو توهانجي حق ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن، هلو اسان به نڪرئون ۽ پنهنجي حقن جو آواز بلند ڪيون!
    هڪ پوڙهِي ٻڪري وراڻيو هوش کان ڪم وٺو هِي بگهڙ اسانجا دشمن آهن انهن جي ڳالهين ۾ نه اچو ، مگر نوجوان ٻڪرين اُنجي ڳالھ نه مڃي ۽ چيائون ته توهانجو زمانو ٻيو هيو هِي جديد دور آهي هاڻي ڪوئي ڪنهنجا حق غضب نٿو ڪري سگهي ! هِي بگهڙ وري اسانجا دشمن ڪيئن هِي ته اسانجي حقن جي ڳالھ ڪري رهيا آهن .
    ڪراڙِي ٻڪري اهو ٻُڌِي چيو ته بگهڙ توهانکي برباد ڪرڻ ٿا چاهين، هاڻي توهان محفوظ آهيو اگر بگهڙن جي ڳالهين ۾ اچي ويو ته اُهي توهانکي چِيري ڦاڙي ڇڏيندا ! پوڙهِي ٻڪري جا اها ڳالھ ٻُڌي جوان ٻڪريون ڪاوڙ ۾ باھ ٿي ويون ۽ چوڻ لڳيون امان تون هاڻي ڪُراڙِي ٿي وئي آهين هاڻي اسانکي اسانجي زندگي جيئڻ ڏي ، توکي ڇا خبر ته آزادي ڇا ٿيندي آهي، ٻاهر خوبصورت ٻنيون ۽ باغ هوندا هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي خوشيون ئي خوشيون هونديون، تون پنهنجي نصيحت پاڻ وٽ رک ! هاڻي اسان وڌيڪ هي قيد برداشت نٿيون ڪري سگهون اهو چئي سڀني آزادي جا نعرا لڳائڻ شروع ڪيا ۽ بک هڙتال تي ويهي رهيون ، ڌڻ جي مالڪ جڏهن اها صورتحال ڏٺي ته مجبور ٿي ٻڪرين کي کولي آزاد ڪري ڇڏيو ! ٻڪريون بيحد خوش ٿيون ۽ نعرا هڻندي ، ڪڏندي ، ٽپندي نڪري ويون مگر هي ڇا ٿيو؟؟؟ جو بگهڙن ته انهنتي حملو ڪري ڏنو ۽ معصوم ٻڪرين کي چِيري ڦاڙي ڇڏيائون !
    اڄ عورتن جي آزادي جي ڳالھ ڪرڻ وارا در حقيقت انهن بگهڙن جِيان عورتن تائين پهچڻ جي آزادي ٿا گهرن هي انهنجي عصمتن کي پامال ڪرڻ ٿا گهرن انهنکي عورتن جي حقن جي نه پر پنهنجي غليظ حوس جو فڪر آهي ڪاش ڪوئي سمجهي !!!!!؟؟؟
     
    عباسي دوست، عرس پريو، عبيد ٿھيم ۽ 3 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بيشڪ حق لکيو اٿئو...
     
    Muhammad Ali Khushk هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا اهو ساڳيو آرٽيڪل مون فيس بوڪ تي به شيئر ڪيو هيو مگر ڪافي دوستن انهي آرٽيڪل جي مخالفت ڪئي ، مون سمجهاڻي طور بگهڙن ۽ ٻڪرين جو صرف مثال پيش ڪيو هيو در حقيقت بگهڙن مان مراد اسانجا اهي بيغيرت نمائندا آهن جيڪي عورتن کي سر عام بي پرده ، مردن جي صف ۾ بيهاري هر شعبي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ ڪوشان آهن ، ان کان اڳ اسانجي ادڙي ڀيڻ شيرين هڪ آرٽيڪل لکيو هيو جنهنجي جواب ۾ مون ڪجھ لکيو مگر شايد ڪنهنکي اهو به سٺو ڪونه لڳو
     
    Muhammad Ali Khushk ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين لکندا رهو :)
    ڪنهن کي نٿو وڻي ته اِن جو مطلب اِهو هرگز ناهي ته سڀني کي نه وڻندو.. ڀلا ڪَنهن هِڪ کي ڳالھ دل سان لڳي ۽ اُهو ئي سمجهي وڃي ته به توهان جو لکڻ فائديمند ٿيو.
     
    Muhammad Ali Khushk هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو