سنڌي لينگويج اٿارٽي ڊڪشنريز لاءِ SLA Dictionary برائوزرس ايڪسٽينش

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان جڏهن پنهنجي تيار ڪيل سمورين ڊڪشنريز کي سهيڙي هڪ شاندار پورٽل تيار ڪيو ويو جتي ڪنهن به لفظ جي ڳولا جا نتيجا اهڙا ته شاندار مليا جو هڪ ئي وقت سنڌي لفظن جي متبادل معنيٰ، سنڌي کان انگريزي، ديواناگري يا وري نه رڳو سنڌي لغت تحت مفصل تفصيل پر ڳوليل لفظن تحت سنڌي جي پهاڪن، چوڻين ۽ مهارتي اصطلاحن جا تفصيل به مليو وڃن...
    تڏهن خيال ٿيو ته ڇو نه ان اصطلاحي خزاني جنهن ۾ بقول سنڌي لينگويج اٿارٽي لڳ ڀڳ ٽن لک لفظن کان وڌيڪ ڄاڻ موجود آهي کي سوشل نيٽ ورڪ سميت سمورين ويب سائيٽس سان اهڙو ته مطابقت رکندڙ بڻائجي جو استعمال ڪندڙ آساني سان ويب سائيٽس تي موجود لفظن جا مطلب چاهي ته انگريزي ۾ يا وري چاهي ته مفصل سنڌي ۾ حاصل ڪري سگهي..
    خيال کي عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ سلامت جي هونهار رڪن عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم سان گڏجي SLA Dictionary نالي اهڙو برائوزرس ايڪسٽينشن تيار ڪيو ويو آهي جيڪو انٽرنيٽ تي ڪم ڪندڙن کي بس هڪ ٻن ڪلڪ سان سندن مطلوبا لفظن جا مفصل تفصيل مهيا ڪري سگهي ٿو.. اهڙي طرح سوشل نيٽ ورڪ تي گهڻو وقت گذاريندڙن کي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي هن املهه خزاني مان سولائي سان معلومات ملي سگهندي..

    [​IMG]


    في الحال ان قسم جو ايڪسٽينشن ٻن مشهور برائوزرس گوگل ڪروم ۽ فائر فاڪس لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.. هن جي خوبين ۾ شامل آهن:

    • هڪ ڪلڪ انسٽاليشن
    • آئڪان جو برائوزرس ۾ نمايان ظاهر هجڻ
    • چونڊيل لفظ جي هڪ ڪلڪ عارضي پاپ اپ تحت مختصر معلومات
    • چونڊيل لفظ جي هڪ ڪلڪ پاپ ونڊوز تحت مفصل معلومات
    • هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي ۽ ديواناگري لفظن جي ڳولا سان مطابقت
    ايڪسٽينشن کي سولائي سان سمجهڻ لاءِ تيار ڪيل وڊيو پڻ پيش ڪجي ٿي..​


    جيئن ته ڊڪشنريز کي گڏ ڪري ان جو هڪ جامع پورٽل ٺاهڻ جهڙو بي انتها محنتي ڪم سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان ٿيل هيو .. ان ڪري سنڌ سلامت طرفان هن ڪارآمد ايڪسٽينشن کي سڀني حقن ۽ واسطن سميت سنڌي لينگويج اٿارٽي حوالي ڪيو ويو .. جن طرفان اڄ ٻنهي برائوزرس لاءِ ايڪسٽينشن کي رليز ڪيو ويو آهي..

    گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ هيٺين لنڪ تان ايڪسٽينشن انسٽال ڪري سگهن ٿا

    https://chrome.google.com/webstore/detail/sla-dictionary/phpjjbogglpbjgnlldjdlinieejiamel

    جڏهن فائرفاڪس استعمال ڪندڙ هيٺين لنڪ تان ايڊان انسٽال ڪري سگهن ٿا..

    https://addons.mozilla.org/en-US/firefox/addon/sla-dictionary/
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ لاجواب ڪم ..... سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي جي ويب پورٽل تعريف لائق آهي. هي ايڪسٽينشن ته لاجواب آهي، جنهن آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون.
    سيڪنڊن ۾ نتيجا سامهون ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم سميت سنڌ سلامت سٿ جي خدمت ۾ سلام عرض ڪيانٿو . ساراهڻ جوڳو عمل آهي . لک قرب سدا سلامت هجو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    وعليڪم السلام.. مهربانيون :) :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بهترين ڪم جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    بهترين ڪم، اسان جهڙا گوگلنگ جا شوقين انگريزي جي نخرن جي ڪري ذري گهٽ گوگل کان ائين ڀڄي رهيا هياسين جهڙو گنجو ڀڄي پاڪي کان، ڪڏهن ڪڏهن انڌي منڊي انگريزي پڙهندي پڙهندي ۽ پنهنجي مطلب جي معني ڪڍندي ڪو انگريزي لفظ اسپيڊ بريڪر بڻجي اسان جهڙن جوانن جا حوصلا پست ڪري وجهندو آهي، اڳي ئي ڊنل وري جو بنهه ڏکيو، اهڙو ڏکيو جو اُچار ۾ ئي منجهي وڃون ۽ ڪنهن يار دوست کان معني پڇون ته همراهه کل ۾ اونڌو ٿي اسان واري اندر جي انگريز خلاف 1857ع واري آزادي جي جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيندو آهي جيئن هڪ ڏينهن عبدالحفيظ لغاري کان فون ڪري پڇا ڪيم ته ادا گوگل ”چروم“ بابت ڪا ڄاڻ آهي؟ ڪم جي شي آهي يا نه؟ همراهه جواب ته الائي ڏنو ڪه نه پر بڇڙو اهڙو ڪيو جو اڄ تائين اسان اهڙن حساس معاملن تي ڪنهن کان پڇا ئي ناهيون ڪندا، سو اسان جهڙن لا اها ايڪسٽينشن نعمت کان گهٽ ناهي.
    پر ڇوته مسئلا ختم ٿيڻا ناهن سو هتي به هڪ مسئلو آهي جيڪر ممڪن هجي ته ان جو حل ڳولهيو، مسئلو هي آهي ته ڊڪشنري معني ڊڪشنري هجڻ گهرجي، ماڻهو ڪو خاص ليک پڙهندڙ هجي ۽ ان ليک ۾ ڪو لفظ اچي ٿو، ان جي معني ڳولهڻ لا ايڪسٽينشن کي عرض ڪيم ته معني ته کوليائين پر ان سان گڏ محاورو ۽ ٻيو اهڙو مواد کلي ويو جنهن مون کي اصل مواد تان ئي هٽائي ڇڏيو، منهنجي خيال ۾ لفظ جي معني الڳ ونڊو ۾ کلڻ جي بجا ساڳئي ونڊو ۾ باڪس ۾ کلي ته ڪم جو تسلسل برقرار رهندو، پر بهرحال فقير جي ڪا چوائس ناهي سو اسان ان تي به آمين چونداسين.
     
  7. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    تمام بهترين ۽ ساراھ لائق ڪم آهي، سڄي ٽيم کي مبارڪون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا توهان ڪنهن لفظ کي چونڊي برائوزر تي موجود آئڪان تي ڪلڪ ڪري ڏٺو آهي.. جي نه ته آزمائي ڏسو.. جو اهو توهان جي چوائيس وٽان هوندو... :)
    ايڪسٽينشن کي بهتر سمجهڻ لاءِ وڊيو هلائي پڻ ڏسو... :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    منهنجي ته زندگي ئي سولي ڪري ڇڏي هن ايڪسٽينشن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. محمد عطا خاصخيلي

    محمد عطا خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2016
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر منيجر اسڪول
    ماشاء الله زبردست ورڪ ٿيل آهي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ زبردست ................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو