خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 12 مئي 2016

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * پرويز مشرف اشتهاري ڏوهي قرار (خبر)
    * * کيس اين او سي جاري ڪري فرار ڪندڙ نواز شريف کي سوگھو ڪريو(تبصرو)

    * خدشا ختم، جماعت پ پ پ جي تنظيم سازيءَ ۾ حصو وٺي: مخدوم جميل (خبر)
    * * لڳي ٿو زرداريءَ جو ڪوڙا ڏٽا، اثر ڏيکاري ويا آهن...!! (تبصرو)

    * سنڌ ۾ لوڊ شيڊنگ خلاف پنجاب جي ايم اين اي ڊاڪٽر نثار جٽ جو احتجاج (خبر)
    * * شاباس آهي پنجابي ايم اين اي کي، سنڌي ميمبرز اڃا به اگھور ننڊ ۾ آهن (تبصرو)

    * ايئر فورس جا 2 ملازم انٽرنيٽ فراڊ سبب ايف آءِ اي جي حوالي (خبر)
    * * ڪوڙين آءِ ڊيز جو سلسلو هليو ته سمورا سنڌي قومپرست جيل ۾ هوندا (تبصرو)

    * حيدرآباد ۾ پ پ پ ۾ ڏڦيڙ، مولا بخش چانڊئي ۽ کهڙي خلاف ريلين جو اعلان (خبر)
    * *..پر پ پ پ کي مولوُ ڄٽ ۽ نثار کهڙيَ جھڙا ”چمچا“ ڪٿان ملندا؟ (تبصرو)

    * دادوءَ ۾ ننڍي ڀاءُ، وڏي ڀاءُ کي زمين جي جھيڙي تان زهر پياري ڇڏيو(خبر)
    * * هاءِ ڙي دولت، رت جا رشتا به ختم ڪرائي ڇڏيئي(تبصرو)

    * شگرمافيا طرفان رمضان کان اڳ کنڊ مهانگي ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز (خبر)
    * * سارو ملڪ مافيائن جي حوالي آهي، غريبن وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ (تبصرو)

    * ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال تي واويلا اجائي هئي: مولابخش چانڊيو (خبر)
    * * مولوَ ڄٽَ..300 ٻار مري ويا ۽ چوين ٿو واويلا اجائي آهي؟ (تبصرو)

    * ڀٽائي آدرشن جي ڳالهه ڪري، بهادريءَ سان زندگي گھارڻ جو درس ڏنو (خبر)
    * * ڀيڄ ڀٽائي....ڪر مُلڪ مُٺائي (تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو