جڏهن جي ايم سيد شهيد الله بخش سومري جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو: مولانا عزيز الله ٻوهئي جو انٽرويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    الله بخش سومري سنڌ جي ملڪ واري حيثيت پئي چاهي، جي ايم سيد سندس ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جي ايم سيد الله بخش سومري جي خلاف هو ۽ چيائين ته اسان جناح ۽ پاڪستان کي ڇڏي ڪونه ٿا سگھون: مولانا عزيز الله ٻوهيو / عوامي آواز
    هو هڪ آزادي پسند ۽ سيڪيولر اڳواڻ هو، سندس شهادت پٺيان مسلم ليگي سياستدانن جو هٿ هو
    سورهيه بادشاهه ۽ الله بخش سومري ۾ ڳجها رابطا هئا،جي ايم سيد، علي محمد راشدي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي سندس خلاف استعمال ڪيو ويو
    منزل گاهه واقعي خلاف مزاحمت روڪڻ لاءِ الله بخش کي شهيد ڪرائي مذهبي رواداري تي حملو ڪيو ويو: عوامي آواز ٽي وي پروگرام”پئنل انٽرويو“ ۾ اظهار
    ڪراچي( رپورٽر)شهيد الله بخش سومرو اڪيلو ادارڪ رکندڙ اڳواڻ هو، جنهن انگريزن جي غلامي دوران سنڌ جي ملڪ واري حيثيت بحال ڪرڻ چاهي پئي. هو هڪ آزادي پسند ۽ سيڪيولر اڳوڻ هو. الله بخش سومرو جي شهادت پٺيان مسلم ليگي سياستدانن جو هٿ هو. سورهيه بادشاهه ۽ الله بخش سومري ۾ ڳجها رابطا هئا، کيس ريل حادثي دوران اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو. الله بخش سومرو سنڌ جي وڃايل آزادي لاءِ آخري گهڙي تائين جدوجهد ڪندو رهيو. الله بخش سومرو جو قتل سنڌ جي مذهبي روداري تي حملو هو.سنڌ جي موجوده سياست سنڌ جي حقيقي هيرن کي وساري چڪي آهي.اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام پينل انٽرويو ۾سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ ۽ ليکڪ مولانا عزيزالله ٻوهئي ڪيو. پينل ۾سينيئر صحافي تصوير سنديلو، نوجوان صحافي آصف ٿيٻو ۽ سياسي ڪارڪن مخدوم شمس شامل هئا. سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ مولانا عزيزالله ٻوهيو شهيد الله بخش سومرو جي شهادت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد الله بخش سومرو سنڌ جي سيڪيولر تاريخ جو هڪ سونهري باب هيو، جنهن جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ مذهبي رواداري کي باهه لڳي وئي. جنهن جو ازالو سنڌ اڄ تائين ناهي ڪري سگهي. شهيد الله بخش لاءِ سنڌ صوبو نه پر هڪ ملڪ هو.جيڪو تصور مولانا عبيدالله سنڌي ڏنو . منزل گاه واري واقعي وقت سموري مسلمان قيادت شهيد الله بخش سومرو سان گڏ هئي. الله بخش سومري جي قتل پويان هڪ اهو به سبب هو ته جئين مسجد منزل گاه واري واقعي خلاف ڪير مزاحمت نه ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته الله بخش سومرو فرقيواراڻي سوچ جو سخت مخالف هو . پير علي محمد راشدي، سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪي مذهبي شخصيتون نه هيون پر انهن کي الله بخش سومرو جي حڪومت خلاف منزل گاه واقعي ۾ استعمال ڪيو ويو. مسجد منزل گاه واقعو ۽ الله بخش سومرو جو قتل هڪ ٻئي تسلسل آهن، جنهن جي پٺيان سنڌ جا اهي برک سياستدان هئا. منزل گاه واقعن کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي الله بخش سومرو کي قتل جي ڌمڪي ڏني. شيخ عبدالمجيد سنڌي جمعت علماءِ هند جي پليٽ فارم تان شاهنواز ڀُٽي خلاف چونڊ وڙهيو پر بعد ۾ مسلم ليگ جو پاسو ورتائين. مولانا عبيدالله سنڌي سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد کي چيو ته مسلم ليگ ۽ جناح کي ڇڏيو ۽ الله بخش جو ساٿ ڏيو. جنهن تي سائين جي ايم سيد صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسان جناح ۽ پاڪستان کي نٿا ڇڏي سگهون. انگريزن کي ان ڳالهه جو انديشو ٿي چڪو هو ته الله بخش سومري جي اڳواڻيءَ سبب سنڌ جي آزادي جي تحريڪ مضبوط ٿيندي، ان ڪري انگريزن الله بخش خلاف پروپيگنڊا ڪئي. مسلم ليگ جي سموري سياسي رڪاڊ ۾ لڏپلاڻ لفظ جو ذڪر ئي نٿو ملي. لڏپلاڻ دوران ٿيل قتل عام انگريزن جي فرقيواراڻي سازش هئي، جنهن ۾ مسلم ليگي اڳواڻ شامل هئا. ان وقت نون آيل ڌارين هٿان اصلي وارثن جي تذليل ڪرائي وئي ۽ سنڌ کي فرقيواراڻي فسادن ۾ڌڪيو ويو.
     
  2. راجا ٿيٻو

    راجا ٿيٻو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 سيپٽمبر 2017
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    حيدرآباد
     
  3. راجا ٿيٻو

    راجا ٿيٻو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 سيپٽمبر 2017
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ادب سان معافي سائين. مولانا عزيز صاحب حقيقتن کي مروڙي پيش ڪيو آھي،سائين جي ايم سيد انھن جا جواب پنھنجي ڪتاب سنڌ ڳالھائي ٿي م بيان ڪيا آھن.
     
  4. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين.......ڀلي مختلف راءِ اچي ته جيئن پڙهندڙن کي بي ريا فيصلي ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ـ اسان جو مقصد تاريخي رڪارڊ کي درست رکڻ آهي ۽ نه ئي ڪنهن جو اميج خراب ڪرڻ ـ
     
    آخري ترميم: ‏14 سيپٽمبر 2017
  5. راجا ٿيٻو

    راجا ٿيٻو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 سيپٽمبر 2017
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    حيدرآباد
    مان به اھوئي چاھيان ٿو
     
  6. محمدهاشم

    محمدهاشم
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2023
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    اهو چوڻ ٺيڪ ڪونهي ت اله بخش سومري سنڌ جي آزادي پئ چاهي جيڪڏنهن هن جي منصوبي ۾ اهو ڪجه هو ت هن جا ٻياھم خيال سياسي رهنما ڪٿي۔هئا۔ يا شهيد اڪيلو ئي ان ڪم سان هو ۽ اهو پو۽ راز ئي رهجي ويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو