1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,608
    ورتل پسنديدگيون:
    27,103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الطاف شيخ

    اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ


    اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. اسان وٽ ٻين مهينن جي شروع ٿيڻ تي ايڏي آنڌ مانڌ ۽ ڇڪتاڻ نٿي ٿئي جيڏي رمضان ۽ شوال جي مهيني جي پهرين تاريخ تي. ڇو جو رمضان مهيني جو چنڊ نظر اچڻ سان روزا شروع ڪيا وڃن ٿا ۽ پهرين شوال جي چنڊ تي عيد ملهايون ٿا. اسان جهڙي وڏي ايراضيءَ واري ملڪ ۾ اهو طئه ڪرڻ ۾ اڪثر وڳوڙ ٿئي ٿو ته چنڊ نظر آيو يا نه؟ پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن رمضان شروع ڪرڻ (يا عيد ملهائڻ) بدران ڪٿي هڪ ڏينهن اڳ ته ڪٿي هڪ ڏينهن دير سان شروع ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ چنڊ ڪٿي ڊزن کن مولوين کي دوربينن سان به نظر نه ايندو آهي ته ڪٿي، خاص ڪري اسانجي اتراهين علائقي جي ماڻهن کي، بنا دوربين جي نظر اچيو وڃي! اهڙن موقعن تي ماڻهن جي وات تي اها شڪايت هوندي آهي ته: ”اسان جي حڪومت سڄي ملڪ لاءِ رمضان لاءِ يا عيد لاءِ هڪ ڏينهن اڳواٽ اعلان ڇو نٿي ڪري“. ڪي وري چوندا آهن ته ”سائنس هيڏي ترقي ڪئي آهي حساب ڪري عيد جو ڏينهن اڳواٽ ڇو نه ٿو معلوم ڪيو وڃي جيئن عوام هڪ ئي ڏينهن تي روزا رکڻ شروع ڪري ۽ هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي“. ڪي چوندا آهن ته: ”جيئن عيسائي هڪ تاريخ 25 ڊسمبر تي ڪرسمس ڊي ملهائين ٿا تيئن دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي ’عيد‘ ڇو نٿا ملهائين“. ڪي ماڻهو اهو به چوندا آهن ته: ”ائين ڀلا ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائي وڃي ٿي ۽ ان جو اعلان به اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو پر اسان وٽ مولوي ڦڏو ڪري رمضان يا عيد ۾ دير وجهيو ڇڏين.“
    انگريزي جا هڪ ٻئي سان ملندڙ لفظ Astrology ۽ Astronomy آهن. ائسٽرولاجي جوتش، نجوم رمل جو عمل آهي. ائسٽرونامي چنڊ، تارن، سيارن جي اڀرڻ، لهڻ ۽ چرپر جي سائنس آهي جنهن جي ڄاڻ اسان نيويگيٽرن (هوائي جهاز يا پاڻي جو جهاز هلائڻ وارن) لاءِ ضروري آهي ۽ اسان جي تعليم ۾ اهو پڻ سبجيڪٽ آهي. ائسٽرونامي (علم هيئت، علم فلڪيات يا تارن جي ڄاڻ) جو شاگرد هجڻ جي ناتي ضروري سمجھان ٿو ته ان بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ڪجهه ڄاڻ ڏيان جيئن هو حقيقت کان آگاهه ٿي سگهن. هونءَ ته ان بابت منهنجو سڄو ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ جي نالي سان ڇهه ست سال اڳ ڇپجي چڪو آهي. هتي فقط مختصر طور چنڊ جي اڀرڻ ۽ عيد جو ڏينهن مقرر ڪرڻ بابت سائنسي ۽ اسلامي نقطي نگاهه جي معلومات ڏيان ٿو. پهرين چنڊ بابت ڪجهه ڄاڻ ۽ ان جي نظر اچڻ بابت عام سوالن جا جواب ۽ انهن جون ثابتيون ڏيڻ چاهيان ٿو.

    • چنڊ کي سج يا تارن وانگر پنهنجي روشني ناهي. چنڊ هڪ سيارو آهي. جيڪو بلڪل ڪوئلي وانگر ڪارو آهي. ان تي سج جي روشني پوي ٿي ته نظر اچي ٿو.
    • ڌرتي هڪ ته لاٽونءَ وانگر پنهنجي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ڪري سج جي روشني هن جي چوڌاري ڦري ٿي جنهن ڪري ڏينهن رات ٿئي ٿو. ان سان گڏ گڏ ڌرتي 365 ڏينهن ۾ سج جي چوڌاري چڪر مڪمل ڪري ٿي.
    • چنڊ پنهنجي چوڌاري نٿو ڦري ان ڪري اسان کي چنڊ جو فقط هڪ پاسو نظر اچي ٿو. هاڻ راڪيٽن چنڊ جي ٻئي پاسي جا فوٽا آندا آهن نه ته ان کان اڳ چنڊ جي ٻئي پاسي جي ڪنهن کي خبر نه هئي.
    • چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري ٿو جيڪو سفر هو اٽڪل ساڍن 29 ڏينهن ۾ ڪري ٿو. اهو سفر ان وقت شروع ٿئي ٿو جنهن وقت هڪ ئي قطار ۾ سج چنڊ ۽ ڌرتي اچن ٿا. چنڊ وچ ۾ هوندو آهي. ان جي هڪ پاسي مغرب ۾ سج هوندو آهي ته ٻئي پاسي مشرق ۾ ڌرتيءَ جو گولو.
    • جنهن وقت چنڊ پنهنجي سفر جي شروعات ڪندو آهي يعني جنهن گهڙيءَ سج چنڊ ۽ ڌرتي هڪ قطار ۾ اچي ويندا آهن ان گهڙيءَ کي ”ميلاپ جي گهڙي“ Conjunction سڏجي ٿو. يا کڻي چئجي ته ان وقت نئين چنڊ جو ڄم ٿيو ۽ ان گهڙيءَ کانپوءِ ان نئين ڄاول چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي.
    • 17 کان 23 ڪلاڪن تائين هي چنڊ ڌرتي وارن کي نظر نٿو اچي ڇو جو چنڊ جي جنهن اڌ تي سج جي روشني پوي پئي اهو اسان پاسي ناهي. اسان پاسي ان جي پٺ يعني اونداهو پاسو آهي. پوءِ وقت سان گڏ جيئن چنڊ سڌي ليڪ کان پري ٿئي ٿو ته پوءِ چنڊ جي روشن پاسي جو ٿورو ٿورو حصو نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو. چوڏهن ڏينهن بعد جڏهن چنڊ ڌرتيءَ جي بلڪل ٻئي پاسي آهي ته ان جو سڄو روشن حصو اسانکي نظر اچي ٿو جنهن کي اسان چوڏهين جو چنڊ يعني Full Moon سڏيون ٿا.
    • ڪيترن مذهبن ۽ قومن ۾ چنڊ جي ڄمڻ سان يعني Conjunction ٿيڻ سان مهيني جي پهرين تاريخ شروع ٿئي ٿي. پر اسان مسلمانن لاءِ پهرين تاريخ تڏهن شروع ٿئي ٿي جڏهن نئون چنڊ ڄمڻ بعد نظر اچي ٿو ۽ ان وقت چنڊ جي عمر 17 کان 23 ڪلاڪن تائين ٿيو وڃي.
    هاڻ چنڊ نظر اچڻ بابت ماڻهن جا عام سوال ۽ انهن جا جواب:
    سوال: ڇا سائنس ايڏي ترقي نه ڪئي آهي جو نئين چنڊ جي اڀرڻ جي تاريخ جو اڳواٽ اعلان ڪري سگهجي؟
    جواب: نئين چنڊ اڀرڻ جي تاريخ ۽ ويندي ٽائيم معلوم ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي .... آخرڪار سج جي اڀرڻ، لهڻ ۽ ويندي سحريءَ جي ختم ٿيڻ ۽ افطار جي وقت جي ڄاڻ به ته اڳواٽ مليو وڃي. اهڙيءَ طرح هر مهيني جي نئين اڀرندڙ چنڊ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي. توهان ڪنهن به جاگرافي يا علم هيئت (Astronomy) جي شاگرد کان به پڇي سگهو ٿا. پر اهو ڌيان رکڻ کپي ته اسانجو مهينو نئين چنڊ جي ”اڀرڻ سان“ نٿو شروع ٿئي پر نئين چنڊ جي ”نظر اچڻ سان“ شروع ٿئي ٿو.
    ڪجهه ڌرم ۽ قومون آهن جن جا تهوار نئين چنڊ جي شروع ٿيڻ تي ٿين ٿا. انهن لاءِ پهرين تاريخ شروع ٿي وئي پر اسان مسلمانن لاءِ نه! ڇو جو اسان جي عيد نئين چنڊ جي نڪرڻ تي نه پر ان جي نظر اچڻ تي ٿئي ٿي. ظاهر آهي چنڊ کي پنهنجي روشني ناهي. ان تي سج جي روشني پوي ٿي ته نظر اچي ٿو. چنڊ جو هر وقت اهو اڌ روشن رهي ٿو جيڪو سج طرف آهي. ۽ نئين چنڊ جي ڄمڻ وقت ان جو سڄو اونداهو اڌ اسان جي ڌرتيءَ طرف رهي ٿو. پوءِ اهو چنڊ گهـٽ ۾ گهٽ سترهن ارڙهن ڪلاڪ اڳتي هلڻ بعد ڪنهن ملڪ ۾ اهڙي Angle تي اچي ٿو جو هن جي روشن اڌ واري جو ذرڙو ان ملڪ جي ماڻهن کي نظر اچي ٿو ۽ هو ان کي هلال جو يا پهرين جو چنڊ سڏين ٿا. ۽ اهو ملڪ ۽ ان کان پوءِ وارا ملڪ جتي جتي چنڊ جو روشن حصو نظر اچڻ لڳي ٿو ته عيد جو اعلان ڪن ٿا. ان کان اڳ وارن ملڪن جا مولوي ڀلي دوربينيون جھلي بيهن هنن کي چنڊ هرگز نظر نه ايندو.
    اسان ناٽيڪل ٽيبل ذريعي حساب ڪري سمجھي سگهون ٿا ته فلاڻي ملڪ ۾ سج لٿي مهل نئون چنڊ نموندار ٿي چڪو آهي يعني conjunctionٿي آهي. پر روشن نه هجڻ ڪري نظر نه ايندو.
    ”نئين چنڊ“ جو اصطلاح اسان ان حوالي سان استعمال ڪريون ٿا، جڏهن چنڊ ڌرتي جي چوڌاري اٽڪل ساڍن اوڻٽيهن ڏينهن جو سفر پورو ڪري ان Astronomical نقطي تي پهچي ٿو جتي هو سج ۽ ڌرتيءَ سان گڏ سڌي لائين ۾ اچيو وڃي. ان گهڙيءَ کان پوءِ چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري نئين چڪر (Revolution) جي وري شروعات ڪري ٿو. قدرت جي هن نظاري (Phenomenon) لاءِ انگريزيءَ جو هڪ مشهور لفظ Conjunction استعمال ڪيو وڃي ٿو ـــ يعني ميلاپ جو عمل يا ڪيفيت ـــ يعني سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جو گولو هڪ سڌي ليڪ تي قطار ۾ هڪ ٻئي پويان ٿي بيهن ٿا. ان عمل کي چنڊ جو ڄم (Birth of the Moon) به سڏجي ٿو ۽ ان گهڙيءَ واري چنڊ کي نئون ڄاول چنڊ (New Moon) يا ”بيبي مون“سڏجي ٿو. اها گهڙي اٽڪل ساڍن 29 ڏينهن بعد هر مهيني اچي ٿي. لفظ ”اٽڪل“ ان ڪري لکيو اٿم جو ان ۾ ڪجهه منٽن جي هيٺ مٿاهين ٿيو وڃي. ۽ اهو به ضروري ناهي ته هڪ لائين ۾ بيهڻ وارو ميلاپ هر دفعي ساڳي ملڪ ۾ ٿئي. ڪڏهن اها گهڙي يعني چنڊ جو ڄم (Delivery) جپان ۾ ته ڪڏهن پاڪستان ۾ ته ڪڏهن انگلنڊ يا ٻئي ملڪ ۾ نموندار ٿئي ٿو. ان گهڙيءَ کان پوءِ جيئن جيئن وقت گذري ٿو يعني ڌرتيءَ جو گولو ۽ ان سان گڏ چنڊ ڦري ٿو تيئن تيئن چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي ۽ وڌيڪ چٽائيءَ سان نظر اچي ٿو.
    مثال طور چنڊ جو ڄم جپان ۾ ٿيو. ان بعد چئن ڪلاڪن بعد پاڪستان ۾ پهچڻ تي اسان وٽ ان چنڊ جي عمر 4 ڪلاڪ ٿي وئي. اهڙيءَ طرح 5 ڪلاڪن بعد جڏهن پورچوگال ۾ سج لهندو ته ان وقت چنڊ جي عمر 9 ڪلاڪ ٿي وئي ۽ نيويارڪ ۾ ان جي 13 ڪلاڪ ٿي ۽ لاس اينجلس جتي سج نيويارڪ کان 4 ڪلاڪ پوءِ ٿو لهي اتي ان چنڊ جي عمر 17 ڪلاڪ ٿي. اڳتي هلي ”هوائي ٻيٽ“ تي سج لهڻ مهل هن چنڊ جي عمر 20 ڪلاڪ ٿي ۽ واپس جپان پهچڻ تي هي چنڊ چوويهه ڪلاڪن جو ٿي ويو.
    ايستائين جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته پوءِ توهانکي چنڊ جو نظر اچڻ وارو معاملو سمجهه ۾ اچي ويندو. هاڻ هڪ ڳالهه ياد رکڻ کپي ته چنڊ جو جڏهن ڄم ٿئي ٿو .... پوءِ اها فِنامِنا چاهي جپان ۾ پيش اچي يا ملائيشيا، ٿائلنڊ ۾ .... توهان کي دروبين سان به چنڊ نظر نه ايندو جو ڌرتي جي سڌي ليڪ تي چنڊ آهي ۽ ان جي پٺيان سج بيٺو آهي. يعني چنڊ جو ڄم جپان ۾ ٿيو آهي ته اتي ان وقت ته نظر نه ايندو پر پاڪستان ۾ جڏهن هن جي عمر 4 ڪلاڪ هوندي اتي به نظر نه ايندو. ڌرتيءَ تان چنڊ فقط تڏهن نظر اچڻ لڳندو جڏهن اهو گهٽ ۾ گهٽ سترنهن ارڙهن ڪلاڪن جي بلوغت تي پهچندو. ان کان اڳ اهو هرگز هرگز نظر نه ايندو. جپان ۾ ڄاول چنڊ لاس اينجلس ۾ به نظر نه ايندو جو اتي پهچڻ تي هو اڃان سترهن ڪلاڪن جو ٿيندو. ها، باقي هوائي Hawaii ۾ اهو شايد نظر اچي وڃي جو اهو اتي پهچڻ تي 22 ڪلاڪن جو ٿي ويندو.
    ڳالهه اها آهي ته چنڊ جي ڄم کان وٺي ڪجهه ڪلاڪن (17 کان 23) تائين هي ”بيبي چنڊ“ يعني ”نئون ڄاول چنڊ“ موجود هجڻ جي باوجود نظر نٿو اچي. اگھاڙين اکين سان ته ڇا پر دوربين سان به نظر نٿو اچي. ان ڪري نئين چنڊ کي ڪجهه ڪلاڪن (17 کان 23 ڪلاڪن) لاءِ ”غيباتي چنڊ “ يا ”نظر نه ايندڙ چنڊ“ (Invisible Moon) به سڏين ٿا.
    بالغ ٿيڻ تي يعني عمر وڌڻ تي (گهٽ ۾ گهٽ 17 ڪلاڪن جو ٿيڻ تي ۽ ساڳي وقت ان ”سج، چنڊ ۽ ڌرتي“ واري سڌي ليڪ کان ڇهن کان نون ڊگرين تائين پري ٿيڻ تي، ان جي روشني جو ڪجهه پاسو ڌرتيءَ ڏي ٿئي ٿو ۽ ان عمر کان پوءِ اهو چنڊ جنهن جنهن ملڪ مان لنگهي ٿو ته سج لٿي کانپوءِ نظر اچي ٿو.
    هاڻ توهان جي ايستائين ڳالهه سمجھي آهي ته پوءِ توهان کي ضرور کل ايندي جڏهن چنڊ ڪٿي برما يا بنگلاديش ۾ ڄائو هجي ۽ اسان وٽ پهچڻ مهل ان جي عمر ٿي فقط هڪ ڪلاڪ ۽ اسان جا مولوي دوربينون کڻي چنڊ کي پيا ڳولين يا هيليڪاپٽر ۾ پيا جانچين! علم فلڪيات جي ڄاڻوءَ لاءِ ان کان وڏو لطيفو ڇا ٿو ٿي سگهي! اهو ان ڪري جو بنگلاديش يا انڊيا ۾ ٿيل Conjunction (نئين چنڊ جو ڄم) وارو چنڊ ته 19 ڪلاڪن بعد لاس اينجلس آمريڪا ۾ به شايد ئي نظر اچي. ۽ ان کان وڌيڪَ ٻيو ڪهڙو لطيفو ٿيندو جڏهن سعودي عرب وارا اعلان ڪن ته چنڊ نظر اچي ويو سڀاڻي عيد ملهائبي .... اسان جا ماڻهو سعودي عرب مان هيڪاندو متاثر ٿيل ”واهه واهه“ ڪندا وتندا. اها ڄاڻ ئي نه ته اهو نئون چنڊ جڏهن سعودي عرب پهتو ته ان جي عمر ته 5 ڪلاڪ به نه هئي جيڪو موجود ضرور هو پر نظر هرگز هرگز نه آيو. ڪيترن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب وارا شايد ٽيهن سالن وارو ”اُم القريٰ ڪئلينڊر“ استعمال ڪن ٿا جنهن ۾ هر مهيني جي ”پهرين تاريخ“ نئين ڄاول چنڊ (Conjunction) تي ٻڌل ٿئي ٿي.
     
    چندر، علی رضا پیرانی، عبيد ٿهيم ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو