خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / جمعو 27 مئي 2016 / محمد خان سيال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2016۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * سنڌ مان 30 هزار شڪايتون مليون آهن: ڊي جي نيب (خبر)
    * * قائم علي شاهه جي سرڪار رهي ته اهو انگ هڪ لک تائين ترت پهچي ويندو (تبصرو)

    * ذوالفقار آباد ٺهڻ گھرجي، پنجاب ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو ڀلي آباد ٿين: خورشيد شاهه (خبر)
    * * “چمچاگيريءَ” ۾ پاڳل شاهه صاحب کي، ترت چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو (تبصرو)

    * بدين ۾ مرزا گروپ جا 2 ڪائونسلرَ پ پ پ ۾ شامل (خبر)
    * * لڳي ٿو ته هڪ ڏينهن مرزا پاڻ به پ پ پ ۾ موٽي ايندو (تبصرو)

    * سي ايس ايس جي امتحان ۾ 97 سيڪڙو فيل، 3 سيڪڙو پاس (خبر)
    * * ملڪ اندر “معياري” تعليم جو “شاندار” مثال (تبصرو)

    * برطانيا ۾ جَڏي ڪُميءَ کي 6 ڪلاڪ آپريشن ڪري ٽاير هنيا ويا (خبر)
    * *ٻين ملڪن جا جانور ته اسان جي انسانن کان به ڀاڳ وارا آهن (تبصرو)

    * سنڌ ۾ 59 اهم تعليمي رٿائن لاءِ ٽَڪو به جاري ڪونه ٿيو (خبر)
    * * سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن وٽ تعليم جي ڪهڙي اهميت؟ (تبصرو)

    * وڏي وزيرجو ڀاڻيجو سيد سرفراز علي، قومي خزاني کي 10 اربن جي چَٽي هڻي ڪيناڊا فرار (خبر)
    * * سيد قائم علي شاهه کي مبارڪون ڏجن يا ساڻس عذرخواهي ڪجي؟ (تبصرو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو